پاڪستان ۾ انصاف وڏي ٻولي ڏيندڙ لاءِ کپي رهيو آهي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ
سپريم ڪورٽ ۾ قتل جي جوابدار جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان ۾ انصاف وڏي ٻولي ڏيڻ واري لاءِ کپي رهيو آهي، پوليس وارا چون ٿا قتل ڪري ڇڏيو ڪيس اسان خراب ڪنداسين، ڇا ملڪ ۾ عورت جي قتل جي ڪا اهميت ناهي؟ سپريم ڪورٽ ۾ غيرت جي نالي تي قتل جي جوابدار جناب عالي جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي جسٽس قاضيٰ فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪئي. عدالت ڪيس ۾ ناقص جاچ ٿيڻ تي ڊي جي انويسٽيگيشن مردان کي ڪيس جي سموري رڪارڊ سان گڏ طلب ڪري ورتو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته جوابدار خلاف ڪهڙيون شاهديون آهن؟ جاچ آفيسر چيو ته جوابدار خلاف ٻئي جوابدار محمد علي جي ڪال رڪارڊنگ جي ڊيٽا آهي، جڏهن ته عورت شاهد بيان ڏيڻ نٿي چاهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪيس ۾ مرڪزي شاهد جو بيان ئي رڪارڊ نه ڪيو ويو، اهڙن ناقص جاچ ڪندڙ آفيسرن کي معطل ڪرڻ گهرجي، پوليس فورس کي پگهار جاچ ڪرڻ لاءِ ڏني ويندي آهي، ڪو شاهد بيان رڪارڊ نه ڪرائي ته ان کي گرفتار ڇو نٿا ڪيو؟ هن ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان ۾ انصاف وڏي ٻولي ڏيندڙ لاءِ کپي رهيو آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جوابدار جي وڪيل ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جوابدار جو نالو ڇا آهي؟ وڪيل چيو ته ”جناب عالي“ آهي جناب، ان تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته توهان ڇا جناب عالي جناب لڳائي رکيو آهي، جوابدار جو نالو ڇو نٿا ٻڌايو؟ جوابدار جي وڪيل چيو ته جناب عالي جوابدار جو نالو ئي ٻڌائي رهيو آهيان. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.