خاص

پاڪستان ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ دوران ڪورونا جي مريضن جو انگ پنجٽيهه لک تائين وڌي سگهي ٿو: طبي ماهر

طبي ماهرن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته پاڪستان جيڪڏهن ڪورونا کي روڪڻ جي لاءِ بهتر حڪمت عملي اختيار نه ڪئي ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ متاثرين جو انگ 35 لک تائين پهچي سگهي ٿو. لاڪ ڊائون ۾ نرمي ۽ عوام طرفان لاپرواهي سبب ڪورونا لاهور ۾ تيزي سان وڌي رهيو آهي جنهن سبب شهر جا مختلف علائقا، گهٽيون پاڙا وائرس جي وڪڙ ۾ اچي ويا آهن. پنجاب جي صحت کاتي موجب صوبي ۾ 68 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا سبب متاثر ٿي چڪا آهن جڏهن ته هڪ هزار 407 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. صرف لاهور ۾ 33 هزار 811 ماڻهو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيا جڏهن ته 545 مريض فوت ٿي ويا. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن لاهور جي صدر پروفيسر اشرف نظامي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال ايندڙ مهيني وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته وائيس چانسلر يونيورسٽي آف هيلٿ سائنس پروفيسر ڊاڪٽر جاويد اڪرم چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا سبب متاثر هڪ مريض  3 ڄڻن ۾ وائرس منتقل ٿيڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي. ان کان علاوه گرينڊ هيلٿ الائنس جي چيئرمين ڊاڪٽر سلمان حسيب دعويٰ ڪئي آهي ته 50 سيڪڙو هيلٿ پروفيشنلز ڪورونا سبب متاثر آهن ۽ اسپتالن ۾ جڳهه جي کوٽ آهي جڏهن ته فوتگيون 4 سيڪڙو وڌي ويون آهن.