پاڪ افغان ون ڊي سيريز، اڄ فيصلو ٿيندو

سريلنڪا ۾ ڪورونا سبب 10 ڏينهن لاڪ ڊائون لڳي ويو، جنهن سبب پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ون ڊي سيريز رد ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي، جڏهن ته پي سي بي سيريز جي حوالي سان اڄ فيصلو ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان افغانستان ون ڊي سيريز جا امڪان گهٽجي ويا آهن، حتمي فيصلي لاءِ اڄ پي سي بي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچز جي سيريز سيپٽمبر جي پهرين هفتي رٿيل هئي. ذريعن موجب پاڪستان سيريز جي ميزباني جي آڇ ڪئي هئي، جنهن کي افغانستان قبول ناهي ڪيو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments