خاص

پاڪ فوج ۾ 12 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرلز جي عهدي تي ترقي

پاڪ فوج جي ٻارهن ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل انعام حيدر ملڪ، ميجر جنرل فياض حسين شاهه ۽ ميجر جنرل نعمان ذڪريا شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب ميجر جنرل محمد ظفر اقبال، ميجر جنرل ايمن بلال صفدر، ميجر جنرل احسن گلريز، ميجر جنرل سيد عامر رضا کي پڻ ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. آءِ ايس پي آر پڌرائي موجب ميجر جنرل شاهد امتياز، ميجر جنرل منير افسر، ميجر جنرل يوسف جمال ۽ ميجر جنرل ڪاشف نذير ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ماڻيندڙن ۾ شامل آهن.