پراگ ۾ آخري ڊنر اعجاز منگي Sep 2020
شهر جا رستا ته خوبصورت هئا ئي پر شهر جا ماڻهو به انتهائي خوبصورت پئي لڳا يا ته شهر جا ماڻهو هيا يا ڪٿان آيل هيا اسان وانگر سياح هيا جيڪي شهر جي خوبصورتي مان لطف اندوز ٿيڻ چاهين پيا. رستي ۾ هڪ گهر نظر آيو جنهن ۾ عورتون ڪپڙا تار تي وجهي رهيون هيون تمام پراڻو گهر هيو ۽ وڏين عمارتن جي وچ ۾ آيل هو چين جي شهر شيان ۾ به هڪ اهڙو گهر ڏٺم جتي تمام اوچين عمارتن جي وچ ۾ گهر اچي ويو هيو، عمارتون ته ٺهي ويون هيون، پر ان همراهه پنهنجو گهر نه وڪيو نه ان جي ڪنهن والار ڪئي اسان وٽ هجي ها ته همراهه جو گهر ڪڏهوڪو ڊهي پٽ ٿي وڃي ها.
اونچي عمارتون مين دڪان ميرا گر گيا
ڪڇ لوگ ميري حصي ڪا سورج به کها گئي
جاويد اختر جو شعر آهي اسلام آباد جي هڪ رهائشي علائقي ۾ جيڪو پاڪستان جو هڪ وڏو قبضي خور ٺاهي پيو اتي ڪجهه ماڻهو آفيس جي اڳيان مظاهرا ڪن پيا پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته همراهن سان ڪوڙا واعدا ڪري سندن زمينون ڦٻائي ويٺا پيا کين ڌمڪائين ته پوليس جي هٿان ٻڌرائي اوهان کي سڌو ڪنداسين. ڪيڏي نه نا انصافي آهي هتي چور ڳنڍي ڇوڙ ڇوڙ بدمعاش ڪيئن نه حقدارن جا حق پيا ڦرين ۽ شريف ماڻهو ويٺو پريشان ٿئي. رستي ۾ زبردست ۽ خوشگوار هوا لڳي رهي هئي هڪ عجيب مزو هيو، پر ڪڏهن ڪڏهن اتي هڪ اڪيلائپ جو احساس ٿيندو آهي ماڻهو ڪيڏي به خوبصورت شهر ۾ اڪيلو ڦري، پر هڪ عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي هڪ اداسي جو تهه ڄمي ويندو آهي هڪ عجيب ڪيفيت هوندي آهي ٻنهي پيارن جي ياد ايندي آهي ايئن ئي خيالن ۾ گم هيس يادن جو ويرون لهن ۽ چڙهن پيون اچي پهتس ايسٽراناميڪل ٽاور واري چوڪ تي.
رات ٿي چڪي هئي هوا ۾ نمي هئي ۽ سيءَ جو احساس ٿي رهيو هو ماڻهن جي رش ڪافي وڌي وئي هئي چوڪ تي بيٺو ئي هيس ته اوچتو هڪ طرف تيز دهل وڄڻ شروع ٿيو ۽ ڪجهه پنڊتن جي ويس ۾ هري رام ڪندا نچندا ڪڏندا اچي وچ چوڪ ۾ پهتا. هر طرف جئي جئي ڪار ٿي وئي ۽ ماڻهو اچي گڏ ٿيا خبر پئي ته هي همراهه پنڊت نه هيا، پر پنڊتن جي ويس ۾ ڪرتب ڏيکاري روزي پيا ڪمائين گيڙو ڪپڙا، تلڪ ۽ مٿان وري مٿا ڪوڙيل. ميوزڪ ڀلي ۽ مٿان دهلاري ڪمال جا توتليون سر ۾ پيون وڄن اهڙو سمو پيدا ڪيائون جو سرور اچي ويو هڪ پر ڪيف مزو هيو هڪ عجيب خوبصورتي ماحول تي ڇانئجي وئي هڪ مزو اچي ويو ماڻهو اچي ڳاهٽ ٿيا چوڌاري دائرو ٺاهي لطف اندوز ٿيڻ لڳا ڪافي دير تائين لئي لڳي وئي ان کانپوءِ جوانن ۽ ساڻن گڏ جوانڙين ننڍڙيون وٽيون کڻي پنڻ شروع ڪيو مان سمجهان ٿو ته انهن دان وٺڻ شروع ڪيو مان به کين دان ڏنو اها محفل اڃان ختم ٿي ئي مس ته هڪ ٻي شروع ٿي وئي هن وقت ڪجهه بازيگر هيا جيڪي ٺينگ ٽپا ڏين پيا هڪ باهه جو ٻرندڙ گولو پيا اڇلائين يا پڪڙين پوءِ گهڻا باهه جا گولا پوءِ اڃان گهڻا پوءِ ان مان دنيا جي مشهور تفريحي مقامن جو شڪلون ٺاهڻ لڳا ۽ ماڻهن کي حيرتن جي امتحان ۾ وٺي وڃڻ لڳا ۽ حيرتن جي امتحان تي پهچائڻ لڳا انسان پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ ڇا ڇا نٿو ڪري ڪهڙا ڪهڙا جتن نٿو ڪري شهر جي چوڪ ۾ هڪ مداري ڪرتب ڏيکارڻ ۾ پورو هيو ۽ سڀ کان وڏا مداري اسان پاڻ آهيون ويٺا نوان نوان کيل کيڏون پنهنجي ذات سان ۽ ٻين سان.
ٽن ٽن ٽن 9 دفعا گهنڊ جو آواز آيو موجود سياحن ڪئمرائون کوليون هرهڪ جي نظر مينار ۾، ميوزڪ وڄڻ شروع ٿيو هڪ ننڍڙي دري کلي ۽ انهن ۾ درويش قطارن ۾ ديدار ڪرائي وري گم پئي ٿيا وري درويش اچن پيا ۽ گم پيا ٿي وڃن. ٿورو غور سان ڏٺم ته درويشياڻيون به وچ ۾ هيون اچن پيون ۽ گم پيون ٿي وڃن ۽ اهو سلسلو ڪافي دير جاري رهيو دري بند ٿي وئي ۽ درويش غائب ٿي ويا ان ٽاور کي انگريزي ۾ چون ايسٽرا ناميڪل ٽاور ۽ چيڪ ۾ چون Olrej. 1940 ۾ چارلس يونيورسٽي ۾ هڪ پروفيسر اهو گهڙيال ٺاهيو جنهن جي ڊائل تي سج ۽ چنڊ جي آسمان ۾ پوزيشن ڏيکاريل آهي پراڻن پراگين جو اهو خيال هيو ته جيڪڏهن گهڙيال کي ڇڏي ڏنو ته نقصان ٿيندو گهڙيال سان ان دور ڪيٿولڪ مذهب جا هنن درويش ۽ درويشياڻيون به بيهاري ڇڏيون جيڪي هرهڪ ڪلاڪ کانپوءِ ٽن ٽن ڪندا ٻاهر بيهن ٿا ۽ وري اندر بند ٿي وڃن ٿا وري ڪلاڪ کانپوءِ تماشو ڏيکاري گم ٿي وڃن ٿا. صدين کان اهو تماشو هلي ٿو ۽ صدين کان اسان لطف اندوز ٿيون ٿا پهريون عقيدت خاطر ۽ وري مزي خاطر. اڄ جا درويش سڀاڻي ٻين لاءِ ڪهاڻي جو ذريعو بڻجي وڃن ٿا اڄ جا ويڙهاڪ ۽ شهيد سڀاڻي پنهنجن جي لاءِ ڪمائي جو ذريعو آهن اڄ جو وڏو شاعر سڀاڻي پنهنجن لاءِ به ڪهاڻي جو ذريعو بڻجي ٿو ڀٽائي کان وٺي صوفي شاهه عنايت تائين سڀ وڏا نالا، پر بعد ۾ سندن نسلن ويهي کاڌو ۽ ڪمائين ٿا ۽ اڃان ڪمائين پيا اڄ پراگ ۾ آخري رات هئي ان لاءِ چاهيو پئي ته جيتريون شيون ڏسي سگهجن اوتريون ضرور ڏسجن وينس لاس اسڪوائر جيڪو شايد ڪنهن بوهيميا درويش جي نالي جي پٺيان ٺهيل هو اتي ٻاهر ريسٽورينٽ ٺهيل هيا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو روشنين ۽ رنگ ۾ کائڻ ۽ پيئڻ ۾ ڪونه هيا.
هتي اچڻ جو مقصد هيو ته ڪائي نشاني وٺي وڃان جيڪا مون کي پراگ جي ياد ڏياري وري شايد اچڻ ٿئي يا نه. هتان جي شيشي تي ٺهيل گلڪاري تمام گهڻي مشهور آهي اتي وڻندڙ آهي پر شيشي جا به مختلف قسم ۽ قيمتون هيون هڪ شيشي جو ٺهيل گولو هيو جنهن تي دنيا جو نقشو ٺهيل هيو انتهائي خوبصورت پئي لڳو دڪاندار کان قيمت پڇا ڪيم قيمت وارو ٽيگ لڳل نه هيو ان لاءِ کانئس پڇا ڪئي همراهه چيو ته 15 سئو يورو شايد منهنجي چهري جا تاثرات سمجهي ويو ۽ چيائين ته ساڳي شيءِ 150 يورو ۾ به آهي پر مان ايترو به مهانگو سوينيئر خريدڻ نه پئي چاهيو چيائين ته ساڳي ڪاپي 65 يورو ۾ آهي مون اها ورتي کانئس پڇا ڪيم ته قيمت ۾ ايترو فرق ڇو آهي؟ چيائين ته اصل ۾ شيشي جي ڪوالٽي ۽ رنگ قيمت ۾ فرق ٿا وجهن باقي شيءِ ساڳي آهي، ڪوئي خاص فرق نٿو پوي. ڏسڻ ۾ ساڳيون آهن اهو يادگار ورتم پراگ ۾ آخري ڊنر ڪيم افتخار ايترو هلي نه پئي سگهيو ان لاءِ اڄ شام مون سان نه نڪتو هو ڊنر لاءِ مون پراگ جي شاهي مهل جي هال جي چونڊ ڪئي هلڪي هلڪي روشني ۽ ميوزڪ ۾ انتهائي مهانگي ڊنر اڪيلائپ ۾ ڪئي ۽ محبت جي رنگيني ساڻ نه هئي باقي چوطرف حسن جون لاٽون هيون رنگ هيا ۽ روشنيون هيون.
خوشبو ڪي جزيرون سي ستارون ڪي حدون تڪ
اس شهر ۾ سڀ ڪڇ هي اڪ تيري ڪمي هي
بس هڪ هن جي ڪمي هئي باقي.
…پورو ٿيو…