خاص

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٽن ڏينهن جي دوري تي عراق پهچي ويو

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي عراقي هم منصب جي دعوت تي ٽن ڏينهن جي دوري تي عراق پهچي ويو آهي. بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي عراق جي نائب پرڏيهي وزير ڊاڪٽر صالح التميمي پاڪستان ۾ عراقي سفير حامد لفطه، عراق لاءِ پاڪستان جي مقرر سفير احمد امجد علي ۽ عراقي پرڏيهي وزارت جي سينئر اختيارين پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير پنهنجي عراق جي مختصر دوري دوران عراقي هم منصب فواد حسين ۽ عراق جي ٻين اعليٰ قيادتن سان ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن واپار، سرمائيڪاري، تعليم، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون وينديون. پرڏيهي وزير عراقي قيادت کي فلسطين مسئلو، ڪشمير مسئلو، افغان امن عمل سميت اهم علائقائي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهي ڏيندو. پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ ان جي ذيلي ادارن جي سطح تي ٻطرفن تعاون کي هٿي ڏيڻ وارا معاملا به بحث هيٺ ايندا. شاهه محمود قريشي هر سال عراق ويندڙ هزارين پاڪستاني زائرين جي سهولت ۽ بهتر سفري انتظامن لاءِ عراقي قيادت سان ڳالهيون ڪندو.