خاص

پشاور ۾ دهشتگردي، جامع مسجد ۾ جمعي نماز دوران آپگھاتي ڌماڪو، 56 ماڻهو شهيد، 194 زخمي

پشاور ۾ دهشتگردي، جامع مسجد ۾ جمعي نماز دوران آپگھاتي ڌماڪو، 56 ماڻهو شهيد، 194 زخمي

پشاور جي علائقي قصا خواني بازار ۾ ڪوچا رسالدار جي جامع مسجد ۾ جمعي جي نماز دوران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 56 ڄڻا شهيد ٿي ويا. آپگهاتي حملو ڪندڙ مسجد ۾ گهڙي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. آپگهاتي بمبار مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پوليس اهلڪارن ۽ ٻين نمازين تي فائرنگ به ڪئي. اکين ڏٺن شاهدن موجب حملي آور پاڻ کي منبر سامهون اڏايو ۽ ڌماڪي کانپوءِ مسجد جي هال ۾ هر پاسي انساني عضوا پکڙجي ويا. شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال نيو ويو. اسپتال جي ترجمان موجب ڌماڪي ۾ 56 ڄڻا شهيد ٿيا ۽ 194 زخمي اسپتال آندا ويا آهن.