بلاگ

پــل جــي پــار نصرت چانڊيو

ٻني جي ڪپ تي لڳل ٽالھي جي گهاٽي وڻ جي ٽارين تي پکين جي چهڪار مان شمع کي لڳو ڄڻ اهي پکي کيس ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪندا هجن، ورھيه پڄاڻا کيس سندس مڱيندي دلبر جي ياد ورايو، جنهن تي هوءَ بيقرار ٿي پئي، کيس اڄ تائين به سمجهه ۾ نه آيو ته ڇو دلبر شادي کان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ رات اوچتو ئي اوچتو ڳوٺان گم ٿي ويو ۽ وري ڪڏهن به ڳوٺ جو رخ نه ڪيائين، هو ڏاڏهنس جي ڍاٽڪي نسل جي سهڻي ۽ ڊگهي ڳچي واري ڏاچي ڇڏائي ڀڳو هو ۽ ڪنهن کي به خبر نه پئجي سگهي ته هن ڪيڏانهن منهن ڪيو. اهو ويهه سال پراڻو گهاءُ  سندس دل ۾ بهار جي مند اچڻ تي تازو ٿي پوندو هو، دلبر جنهن کي تڏهن اڃان منهن تي مڇن جي سانول مس آئي هئي، جي اوچتي گم ٿي وڃڻ کانپوءِ ويڙهي ۾ وير پيو، شمع جي پيءُ ۽ چاچن ڪهاڙيون اڀيون ڪيون، گهر ۾ شادي جا سهرا ٿي هليا، گهوٽ جا ڀائر پاڙي جي هر گهر مان کٽون هنڌ کڻندا انهن تي نالا لکندا پئي ويا، جيئن موٽائڻ مهل سولائي ٿئي. هيڏانهن گهوٽ بنا ٻڌائي گم ٿي ويو، ڄڃ ۾ ٻائتال مچي ويو هر مائي مرد ننڍي جي زبان تي اها ئي ڳالهه هئي. سهرا ڳائيندڙ ماين به پاڻ ۾ سس پس شروع ڪئي.

“پڪ ڇوري نڀاڳي آهي…”

خبر سڄي ڳوٺ ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي، گھمندي ڦرندي ڪنواريتن تائين پهتي شمع جي ماءُ ڦيرائي پاڻ پٽ تي هنيو کيس ڏندڻ پئجي ويا.

شمع جو پيءُ ۽ چاچا دلبر وارن کان اهڙي بيعزتي جو پلاند ڪرڻ آيا، پر دلبر وارن جو ڏاڏو رمضان جيڪو مٿي ۽ ڏاڙهي جي وارن کي ميندي سان ڳاڙهو ڪري گهمندو هو، اهو ڏاهو مڙس ۽ زماني جو ماڻهو هو، هن اوطاق ۾ ويٺل مهمانن کي چيو.

“اوهان جي نياڻي هاڻي اسان جو ننگ آهي، شادي ساڳي ڏينهن تي ئي ٿيندي، هاڻي دلبر جو ڀاءُ معشوق اوهان جي نياڻي سان لانئون لهندو.” اهو ٻڌي شمع جي پيءُ جي ڪاوڙ جهڪي ٿي ۽ اهي اوطاق مان نڪري ويا. پيءُ ۽ چاچن جي لڄ رکڻ لاءِ شمع معشوق جي ڪنوار ٿي، پر سندس دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڃان به دلبر جي ياد مندر ۾ ڪنهن بُت جيان سانڍي رکيل هئي ۽ بهار جي اچڻ سان اها ياد تازي ٿي ويندي هئس. هن ڏاٽو گاهه جي ڀري ۾ هڻندي وڻ ۾ ٻوليندڙ پکين ڏانهن ڏٺو، کيس لڳو ڄڻ اهي پکي کيس دلبر جو ڪو نياپو ڏيڻ آيا هجن. شمع هاڻي زندگي جون ڇٽيهه بهارون ڏسي چڪي هئي، هوءَ وچولي قد جي ڀريل جسم واري مائي هئي، ڪاريون اکيون، سندس رنگ ڪڻڪائون هو، ڪارا ڊگها وار، ڏاٽي سان گاهه ڪندي ڪندي سندس هٿن تي ايترا وَڍ ۽ گهاءُ اچي چڪا هئا، جو سندس قسمت ۽ محبت جون لڪيرون ئي لڪي ويون هيون. هن پکين مان نظرون ڪڍي وري ڪم ڏانهن ڌيان ڏنو. 

دلبر جي مامي نصير جو يارهن سالن جو راشو ۽ نوَ سالن جو پٽ ساجو گليل کڻي ٻني کان اچي نڪتا، شمع کين پري کان ايندي ڏسي ورتو. راشو گليل ۾ گول ڀينڊ رکي ڳيري جو نشانو ورتو. ان تي شمع ڪاوڙ مان رڙ ڪري کين چيو:

“اڙي ڇورا خدا جو ڪو قهر

پويوَ، ڇو ٿا ساسين کي ستايو؟”

“چپ ڪري پنهنجو ڪم ڪر.” راشو هن کي ڇڙٻ ڏني ۽ ڳيري جو نشانو ورتو، شمع ڏاٽو سڌو ڪري هنن ڏانهن ڀڳي…

“راشو… راشو…. جيجي پاڻ ڏانهن پئي اچي…”

ساجو شمع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي ڀئو مان چيو، راشو جي نظر به هن ڏانهن وئي، سندس هٿ ۾ ڏاٽو ڏسي هو به ڊڄي ويو، کيس ٻيو ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ۽ گليل سان ڳيري بدران شمع جو نشانو ورتائين، جيئن ڀينڊ شمع کي لوندڙي وٽ لڳو ته هن اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيو ۽ وڻ ۾ ويٺل پکين سان گڏ سندس روح جو پکي به ڦڙڪيون هڻندو آسمانن ڏانهن اڏامڻ لڳو… ٻئي ڇوڪرا ويتر هيسجي ويا ۽ شمع کي ٻني ۾ ڇڏي گهرن ڏانهن ڀڳا.

ٻٽيهه سالن جي وچولي قد جي سانوري معشوق کي شمع سان ڪو گهڻو لڳاءُ ڪونه هو، هو ته چوندو هو رَنَ اڄ مري ته جان ڇٽي، ڏينهن جو وڏو حصو ڀنگ پيئڻ ۽ جوا کيڏڻ ۾ گذاريندو هو، سج لٿي مهل لڏندو لمندو گهر موٽندو هو ته ويتر شمع کي داٻا ڏيندو هو، پهريون ڀيرو جڏهن هن واڙي مان گابو ڇڏائي جوا ۾ هارايو هو ته گهر اچي شمع تي ڪڙڪيو هو ۽ سندس هڏ گڏ هڪ ڪري ڇڏيا هئائين، جوا ۾ هارائڻ جون سموريون ڪسرون زال تي ڪڍيون هئائين ايتري تائين جو سندس واڇن مان گگ وهڻ لڳي هئي ۽ هن کي پاسراٽي ۾ لت هڻندي چيو هئائين:

“نڀاڳي تنهنجي ڪري ئي ٽوٽ پئي آهي.” شمع جا چپ ڦاٽي پيا هئا ۽ انهن مان رت نڪتو هئس، ساڄي اک به ڌڪ جي ڪري سڄي وئي هئس.

منجهند ويل جڏهن شمع جو لاش گهر کڻائي آيا ته معشوق جي ذهن ۾ هڪ ٻي راند شروع ٿي وئي…

“جيئري ته ڪم نه آئي، پر رن مرڻ کانپوءِ ڪو فائدو ضرور ڏيندي.” هن سوچيو، سندس سانوري منهن تي عجيب مرڪ اچي وئي، ٻيو خيال آيس ته مامي نصير کان سڱ چٽي طور ڪجهه ٽڪا ڪڍائي وٺندو ۽ پوءِ اٿي اوطاق ۾ اچي اعلان ڪيائين:

“مان ايتري تائين لاش نه کڻندس جيتري تائين مامو نصير چٽي نٿو ڀري ڏئي.” اهو ٻڌي منڊي نصير جون وايون بتال ٿي ويون، منهن تي رکيل ٿلهيون مڇون جن کي هو هر چوٿين ڏينهن خضاب هڻي ڪارو ڪندو هو تي هٿ ڦيري گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو، سندس نرڙ تي گهنج اچي ويا، کيس هوڙون نه هجڻ ڪري ٻنهي پاسن کان کڏا هئا، انهن کڏن ۾ هو واري واري سان زبان هڻڻ لڳو، پوءِ مٿي تان ڳاڙهو اڇو رومال لاهي ڪنڌ نوائي چيائين:

“مان سڱ چٽي ڀري ڏيڻ لاءِ تيار آهيان…” اهو ٻڌي معشوق جي من ۾ آيو هو وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلي، پر ان وقت هو پاڻ تي قابو ڪري ويو. شام تائين شمع کي ڳوٺ واري قبرستان ۾ پوري آيا… ٽئين ڏينهن سج لٿي مهل جڏهن معشوق وارن تڏو کنيو ته نصير ساڄي بغل هيٺان ڪاٺ جي گهوڙي ڏئي ان تي زور ڏيندو ٻنين جي ٻئي پاسي ڀيڻ جي گهر وڃڻ لڳو، هو چوونجاهه سالن جو همراهه هو، ستن سالن جي ڄمار ۾ پوليو جي ڪري ساڄي ٽنگ سڪي وئي هئس ۽ تڏهن کان گهوڙي تي هلڻ لڳو، نصير لاءِ سموري تر ۾ مشهور هو ته هو اڏامندڙ پکي جا به پر ڳڻي وٺي، گهر ۾ مال به هئس ته ورثي ۾ ٻني ٽڪر به مليل هئس، هِن هُن ڏي وياج تي ڏوڪڙ به  ڏنل هئس، پر هاڻي وري پٽن جي ڪري ڏچي ۾ اچي ڦاٿو هو. هو ڀيڻ جي گهر اچي پهتو…

“ڌني…” “او ڌني…”

“ڪنڌ لٿي ڪاڏي مري وئين…”

گهر جي پڌر تي بيهي چوڌاري تڪيندي کاٻي هٿ سان مٿو کنهيندي ڀيڻ کي سڏ ڪرڻ لڳو.

ان وقت ڌياڻي سندس ڌيءَ سڪينه کي نلڪي ۾ وهنجاريو ٿي. هوءَ چاليهه سالن جي ٿلهي متاري مائي هئي، پر سندس ٻاويهه سالن جي ڌيءَ سڪينه  جو هيٺيون ڌڙ ڄائي ڄم کان بي ستو هو، ڌياڻي ستن تيلن سان ڌيءَ کي مالشون ڪندي رهي، پر سڪينه جي هيٺين ڌڙ جي جان نه موٽي سا نه موٽي، ڌياڻي جي ڪن تي نصير جو آواز پيو ته نلڪي ۾ ئي سڪينه کي ڇڏي ڀاءُ جي سڏن تي ڀڄندي آئي.

کٽ جي ٻانهين کي ٻئي هٿ وجهي ڇڪي آڻي ٻير جي وڻ جي ڇانوري ۾ رکي ۽ مٿي تي رئو ٺيڪ ڪري، ھٿ ڏئي نصير کي چيائين:

“جي ڪريان ڀاءُ کي، ويهه ادا…”

هوءَ پاڻ پيراندي کان ٿي ويٺي.

“جي ادا… ڪر احوال… ڀاڄائي ۽ ڪڪڙا چاڪ آهن؟”

انهيءَ معاملي کي ڪاٿي پڄايوَ؟

“ڇا ڇيندن!”

ويلي تي ڍور جيڏي زياني ٿا ڪن اٽي تي چٽي “نصير ڪنڌ ساڄي پاسي موڙي ٺڪاءُ ڪڍندي چيو، ڪجهه گهڙين جي ماٺ کانپوءِ پڇيائينس: “تو واري ڇوري ڪاٿي آ… نظر ڪونه پئي اچي… ڀڄي وئي ڇا؟ پر ڀڄندي وري ڪيئن؟”

ڌياڻي تي نصير جا اهي جملا وڄ ٿي ڪريا.

ساڄي اک مهٽيندي ڳوڙها اگهي ڳيت ڏنائين، اک جي تنري مان پچ ڪڍندي ورندي ڏنائين: 

“هوءَ  نلڪي هيٺان آهي، اٺن ڏينهن کان کيس ڪونه وهنجاريو آ، واندڪائي نه پئي ملي…”

“ها چڱي طرح مهٽي مِر ڌر لاهينس پرڻايانس ٿو.” نصير بنا ڪو تاثر ڏيندي چيو…

“پر ادا هوءَ ته…!” ڌياڻي لفظ ڪڍي وات تي هٿ ڏنو،

“جواري موالي معشوق چئي ٿو سڱ چٽي ڀري ڏيو، مان به اهڙي چٽي ٻوٿ ۾ ٿو هڻانس جو سڄي زندگي پيو ياد ڪندو ته ڪو مڙس گڏيو هو.”

هن ڪاٺ جي گهوڙي کي پيراندي ۾ ڦاسائيندي چيو. اهو ٻڌي ڌياڻي ڪنڌ جهڪائي ماٺ ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي، ڪري به ڇا ٿي سگهي مڙس اڌ رنگ ۾ هڪ کٽ تي پيل اهو ڀاءُ ئي چار داڻا ان جا ڏيندو هو سو بي وسي جهوري وڌو، ڪنن تي ڀاءُ جو رکو آواز پيس:

“اها منڊي ڪير وٺندئي؟”

نصير جي ڳالهه کي ٽارڻ وارو ڪو ويڙهي ۾ ئي نه هو، ڌياڻي ته پوءِ به سندس ڀيڻ هئي. نيٺ هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيائين. ايتري ۾ سڪينه سڏيس:

“امان… او امان ڄارو مڇر پٽي ويا…” ڌياڻي اٿي ڌيءَ ڏانهن ڀڳي. نصير سٿڻ جا ور ٺاهيندو روانو ٿيو.

جڏهن معشوق کي اها خبر نه پئي ته سندس مامو هن سان پٽي ڪري سڪينه جهڙي جڏي ڇوڪري سڱ چٽي طور سندس مٿي ۾ هڻي رهيو آهي ته سندس من اندر ۾ باهه لڳي وئي ۽ اوتاري تي ڀنگ جو سمورو ڪونڊو اڪيلي ئي سر ڪري ويو، پر مامي جي ڳالهه کي ٽاري نه سگهيو ۽ وري موڙ ٻڌي گهوٽ ٿيو. انهي ئي هفتي ۾ سڪينه سان نڪاح وجهي معشوق کيس گهر کڻائي آيو.

اهو شام جو وقت هو معشوق اوتاري تي ويٺل هو، ان شام جو اوتاري تي معشوق جو جهل مگسي وارو يار آيو جنهن کان هو ڇهين مهيني ڀنگ کڻي ايندو هو، اهو پڪي عمر جو ڀريل جسم وارو هو، کيس مٿي تي ٽوپي پهريل هئي ۽ ٻنهي هٿن جي آڱرين ۾ چاندي جون منڊيون پاتل هيون، هڪ موالي ڀنگ سان ڀريل گلاس هن کي ڏنو، هن جست جو گلاس ورتو ۽ هڪ ساهي ۾ ڀنگ پئي، مڇن تي هٿ ڦيريو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيائين:

“جهل مگسي وٽان آيس ٿي جو اوچتو منهنجي اکين آڏو هڪ ڍاٺڪي ڏاچي اچي وئي… هي ڀلا جو قد… وڏي ڳچي… اصل واهه واهه… ڄاڻ وٺڻ تي خبر پئي ته سالن کان اها ڏاچي ماڻهن کي نظر ايندي آهي ۽ وري گم ٿي ويندي آهي، ڪجهه ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته ڏاچي نه پر ڪا غيبات آهي، جيڪا ماڻهن کي چڪمو ڏئي ٻيلي ڏانهن وٺي ويندي آهي ۽ پوءِ همراهه گم، وري نه موٽي… اتان جي ماڻهن ٻڌايو ته ان ڏاچي جي چڪرن ۾ ڪيترائي ماڻهو گم ٿي چڪا آهن… ڪيترن مڙسن ان ڏاچي جو راز ڄاڻڻ لاءِ شرطون به رکيون، پر انهن مان به هڪ نه موٽيو… هاڻي مون کي ڪنهن به صورت ۾ ان ڏاچي جي راز تائين پهچڻو آهي… هن تر ۾ آهي ڪو اهڙو مڙس جيڪو منهنجي ان ۾ مدد ڪري… مان کيس ڏھ  هزار رپين جو انعام ڏيندس…” پئسن جو ٻڌي معشوق جي اکين جا تارا چمڪڻ لڳا ۽ ان راز تائين پهچڻ لاءِ حامي ڀريائين. ان تي ان همراهه چيس:

“منهنجون ٻه شرط آهن.”

معشوق کيس وائڙن جيان تڪيو ۽ پڇيو:

“ڪهڙا؟”

“هڪ ته تون هي راز ڄاڻڻ لاءِ اڪيلي سر نڪرندين، ٻيو جيڪڏهن تون نه موٽئين ته مان تنهنجي گهر وارن کان ڪو مال وٺندس.” شرط ٻڌي مستُو ڪجهه گهڙين لاءِ سوچ ۾ ٻڏي ويو ۽ پوءِ ان همراهه جي وڏين ڪارين اکين ۾ ڏسندي چيائين:

“قبول آ…”

مستُو ڏاڏنهس جي ڍاٺڪي نسل واري ڏاچي تي چڙهي جهل مگسي لاءِ نڪتو، ڪچن پڪن رستن تان گذرندي اچي سج لٿو، کيس حاجت ورايو، هن جي منزل ڪجهه ميل وڃي رهي ڏاچي کي هُش هُش ڪري هيٺ ويهاريائين ۽ پاڻ لهي پاسي تي ويهي حاجت پوري ڪرڻ لڳو. ان کانپوءِ معشوق ڏاچي واري جاءِ وٽ پهتو ته کيس ڍڪر وٺي ويا نرڙ تي پگهر اچي ويس، معشوق جي ڏاچي سان گڏ هوبهو اهڙي ئي ٻي ڏاچي به ويٺل هئي، معشوق جا لڱ ٿڙڪڻ لڳا، دماغ چڪرائجي ويس، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي سوچڻ لڳو: هاڻي ڪجي ته ڇا ڪجي… ڪهڙي ڏاچي منهنجي آهي يا ڪهڙي ڏاچي تي سواري ڪجي…!!

هن هڪڙي ڏاچي جو پڇ مٿي ڪري، آڱر هڻي سنگهڻ لڳو، کيس ان مان ڇيڻي جي ڌپ انساني حاجت جي ڌپ آئي… هو ويتر پريشان ٿي ويو، کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو، هن ڀانيو ڀنگ جي ڪري سندس ذهن ڪم ڪرڻ ڇڏيندو پيو وڃي… هو تڪڙ ۾ سندس ڏاچي تي ٻرانگ ورائي چڙهيو ۽ هلڻ لڳو، جيئن ئي هن پٺي ڏني ته پٺيان کان آواز آيس:

“سوار ٿين ها ته خبر ڏيانءِ ها”

“جوانن جي آڱر به ياد ڪندين”

معشوق ڪنڌ پوئتي ڪندي وراڻيو

وري پويان آواز آيو

“اها سامهون واري پل ته ٽپي ڏيکار…” معشوق ويتر وهمن ۾ وڪوڙجڻ لڳو، پر دل پڪي ڪندي هوا ۾ ڳالهايائين:

معشوق کي لڳو ڪا غيبات هن جي پٺيان لڳي آهي، هو ڏڪندو ڏڪندو هلندو پل ڏانهن وڌيو، جيئن ئي اتي پهتو، هن جو ڪنڌ مڙي ويو ۽ ڏاچي جون ٽنگون پاڻ ۾ وچڙڻ لڳيون ۽ ڏاچي معشوق سوڌو زمين تي ڦهڪو ڪيو.

ڪجھ دير کانپوءِ معشوق کي هوش آيو، هن اکيون مهٽي سامهون ڏٺو، کيس سندس ڏاچي سان هڪ ٻي ڏاچي ويٺل نظر آئي، هو وري به ٻنهي ۾ فرق نه ڪري سگهيو. سندس حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا، جسم ۾ سيسراٽيون ٿيڻ لڳس ۽ چپ ٿڙڪڻ لڳس. هن کي محسوس ٿيو سندس ڪلهي تي ڪنهن  هٿ رکيو آهي، ڀَوَ ۾ هن جي اکين آڏو اونڌھ اچي وئي.

“معشوق..!”

ڪنن تي سندس نالي جو پڙاڏو پيس، هن کي اهو آواز ڄاتل سڃاتل لڳو…

“دلبر…”

پاڻمرادو سندس زبان مان ڀاءُ جو نالو نڪري ويو.

“ها معشوق…”

سندس ڪنن تي وري ساڳيو آواز پيو، معشوق کي هڪ ڀوانٽي آئي ۽ هن پٽ تي اچي ڦهڪو ڪيو.

***