خاص

پنجاب ڪابينا تعليمي ادارا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪورونا کان بچاءُ واري ڪابينا ڪميٽي 18 جنوري کان تعليمي ادارا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪميٽي تعليمي ادارا کولڻ جي باري ۾ تعليم کاتي جي سفارشن کي وفاقي حڪومت کي موڪلڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. لاهور ۾ ڪابينا ڪميٽي ڪورونا کان بچاءُ واري اجلاس ۾ صوبائي وزير تعليم مراد راس سفارش ڪئي آهي ته نائين کان ڏهين ڪلاس جي لاءِ 18 جنوري کان اسڪول کولڻ گهرجن. ٻئي پاسي پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته اسڪول کولڻ کانپوءِ وبا جي شرح ۾ واڌ جو امڪان آهي. پوئين هفتي کان ڪورونا جي نئين مريضن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل هڪ مهيني کان سڄي صوبي ۾ نئين مريضن جي شرح 5 سيڪڙو رهي. لاهور ۾ اها شرح 10 سيڪڙو، راولپنڊي ۾ ست سيڪڙو ۽ فيصل آباد ۾ پنج سيڪڙو رهي. ڪميٽي 18 جنوري کان تعليمي ادارا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صوبائي قانون واري وزير راجا بشارت اجلاس جي دوران چيو ته اسڪول کولڻ کانپوءِ اٺين فيبروري تي جائزو وٺي ٻيهر فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪورونا ايس او پيز جي حوالي سان آگاهي مهم تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.