پيشاب روڪڻ تمام گهڻو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو: ماهرن وارننگ ڏئي ڇڏي

رات جي وقت جيڪڏهن ڪنهن شخص کي پيشاب اچي وڃي ته بستري مان نڪرڻ ڏکيو هوندو آهي، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا سست هوندا آهن، جيڪي گهڻي دير تائين پيشاب کي روڪي رکندا آهن ۽ اهو انهن لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. طبي ماهرن پيشاب روڪي رکڻ وارن ماڻهن کي سخت تبيهه ڪئي آهي ۽ کين چيو آهي ته اڌ رات جو پيشاب اچي وڃي ته فوري طور تي بسترو ڇڏي بيت الخلاء هليا وڃو. اسٽيفني ٽيلر نالي هڪ ماهر جو چوڻ آهي ته پيشاب کي گهڻي دير تائين روڪڻ انتهائي خطرناڪ به ٿي سگهي ٿو، ان سان پيشاب جي نالي ۾ انفيڪشن سميت ٻين ڪيترن ئي سنگين مرضن جو خطرو هوندو آهي. هن چيو ته ڪا به شيءِ پيئڻ جي 10 ڪلاڪن تائين پيشاب جي حاجت لازمي هوندي آهي، جيڪڏهن توهان شام جو ڪجهه کائيندا پيئندا آهيو ته ان جي نتيجي ۾ اڌ رات جو پيشاب اچڻ عام ڳالهه آهي ۽ اهڙي صورت ۾ توهان کي فوري طور بيت الخلاء جو رُخ ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته مثانو ڀرجڻ دوران دماغ کي سگنل موڪليندو آهي، دماغ کي سگنل ملڻ کانپوءِ پيشاب نه ڪيو وڃي ته مثاني ۽ پيشاب جي نالي ۾ بيڪٽيريا جمع ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، جيڪي پيشاب جي نالي سميت ٻين ڪيترن ئي انفيڪشنن جو سبب بڻجندا آهن ۽ جيڪڏهن علاج نه ڪيو وڃي ته اهي سيپسس (Sepsis) جهڙي خطرناڪ بيماري ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا. اسٽيفني ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته رات جي وقت پيشاب نه اچي ته سمهڻ کان اڳ پاڻي، شربت، چانهه، ڪافي وغيره جو استعمال گهٽائي ڇڏيو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments