ٿر جي ٻن معصوم مقتولن جا قاتل ڪڏهن عوام اڳيان ظاهر ٿيندا؟
حال حوال
جنهن ڏينهن مون ڪامريڊ اشرف ڪنڀار جي مٺيء ۾ ٻن معصوم انسانن جي دهشتگردن هٿان قتل ٿيڻ جي پوسٽ پڙهي هئي ،جنهن ۾ هن هڪڙو ريفرنس ڏئي ڳالھ کي ڀرپور نموني واضح ڪيو هو ته ،پرويز هود ڀائي چوي ٿو ته “اوهان اقليتن جي رڳو ڳالھ ته ڪريو ٿا ،پراقليتن جون دانهون اوهان کي ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن.؟ اهو هڪ اهڙو احتجاج آهي يا سوال آهي جيڪو نه رڳو سماجي حلقن کان پڇيو ويو آهي، پر اهو رياست کان پڻ ڪيو ويو آهي.ته اسلامي جهموري پاڪستان ۾ اقليتن جي حوالي سان جيڪي اقليتن کي آئيني ۽ مذهبي حوالي سان اقليتن کي جيڪي حقن ڏنا ويا آهن ،ڇا اهي حق کين ملن ٿا يا نه ؟، سوال مٺيء جهڙي پر امن علائقي ۾ ٻن اقليتي نوجوانن جي قتل جو پنهنجي جڳھ تي موجود آهي.جيڪي دهشتگردي جو شڪار ٿيا آهن،پر سوال انهن سمورن اقليتي پاڪستانين جو آهي. جن جي ڪڏهن عبادتگاهن تي حملا ٿين ٿا ته ڪڏهن خودڪش حملا ٿين ٿا،دنيا جي سمورن ترقي يافته قومن ۽ ملڪن ۾ پهريائين ترجيح اقليتن جي حقن جي هوندي آهي .پر اسان وٽ اقليتون هميشه نشاني تي رهيون آهن ،جن ۾ بٺا مزدورن کي جيئري بٺن ۾ ساڙڻ کان وٺي شهباز ڀٽي جوقتل شامل آهي، انهن سڀني محرڪن پويان رياست جو قانون ۽ اسلام ڇا ٿو چوي اهو پڻ هڪ سوال آهي. ته اسلامي جهموري پاڪستان ۾ رياست اقليتن جي حقن جي دفاع ۾ ڪيترو سنجيده آهي.
اهو سوال پنهنجي جڳھ تي موجود آھي. ٿر جي مٺيء ضلعي جي حوالي سان ٻن اقليتي ڀائرن جو قتل رياستي قانون جو قتل آهي،ٿر جي مزاج کان اڻواقف ماڻهن جي ڄاڻ لاء کين ٿر جي پوئين پنجاه سالن جي تاريخ ۾ وڃڻو پوندو،ڪو به ڪارو ڪاري جو ڪيس رجسٽرڊ ناهي جيڪي نام نهاد رئيس ڀوتار پنهنجي نام نهاد ڀوتارڪي ۾ مسڪينن جي مٿان ڏنڊ مڙهي کين ڏوهاري قرار ڏئي ، ڏنڊ جي صورت ۾ پيسا وصول ڪندا آهن.ٿر جي تاريخ ۾ سواء پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، ڍٺ مان ڍاٽي اٺن تي ھندستان مان اچي ٿر ۾ ڌاڙا ھڻي راتو واھ هندستان ڀڄي وڄڻ جي تاريخ ته ملي ٿي ،جيڪي به اٺن جي ذريعي اهو ڪم ڪندا هئا،پر ويجهڙ جي پنجن ڏهاڪن ۾ ٿر ۾ ڪنهن به قسم جون اهڙيون ڏوهاري سرگرميون پوليس رڪارڊ ۾ درج ئي ناهن.ٿر هڪ پر سڪون خطو آهي جتي ڏوھ جو ڪو تصور ئي نه هجي ۽ ڀاڳيا ڪنهن چور جي چوري بنا سک جي ننڊ سمهندا هجن اتي،هاڻوڪي ٿيل ٻن ڀائرن جي قتل ۾ سڄو ٿر خوف ۾ وڪوڙجي ويو آهي. بنيادي طور ٿر ۾ 80 سيڪڙو اقليتي آبادي پاڻ کي غير يقيني صورتحال ۽ تازي دهشتگردي کين خوف زده ڪري ڇڏيو آهي.
اهو ته پنهنجي جڳھ تي، پر کين ٻاهر جي صوبن مان ايندڙ افغانين ۽ مذهب جي نالي تي بنا ڪنهن رجسٽريشن ۽ بنا ڪنهن چيڪ ۽ بيلنس مدرسن به خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي،ته هن امن جي ڌرتي ٿر تي ڪٿي اهي مدرسا مذهبي انتها پسندي واري فضا نه قائم ڪن.ٿر جا ماڻهو نهايت ئي معصوم آهن.اهي ايڏا پر امن آهن جيڪي رات جو سمهڻ مهل به پنهنجن دروازن کي انداران بند ڪون ڪندا آهن.انهي ٿر ۾ ٻه بي گناه انسان ڏينهن ڌٺي جو قتل ٿي وڃڻ،باوجود پوليس جي انهن يقين ڏيارڻ جي ته قاتل گرفتار ٿي ويا آهن،انهن جو منظر عام تي نه اچڻ، گهڻن وسوسن کي جنم ڏي ٿو. ته 27 تاريخ تي ٿيل قتل ٿيلن ڀائرن جي لاء اها دعوا جي باوجود ته سي سي ڪئيميرائن تحت سندن سڃاڻپ ٿي وئي آهي ،سندن منظر عام تي نه اچڻ ،غير يقيني واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي.۽ ٿر جو عوام هڪ خوف جي صورتحال ۽ ڪربناڪ حالت جو شڪار آهن. ٿر جو عوام ٻن بي گناه قتلن جي انصاف لاء رياستي ادارن کان انصاف لاء جهول جهليو بيٺو آهي ،انهي کان اڳ جو صورتحال ڌرڻن ۽ سڄي ٿر جو ڦيٿو جام ڪرڻ جي صوتحال پيدا ٿيئي،ٿر جي هن ٻن قتلن جا قاتل ظاهر ڪيا وڃن۽ ٿر جي عوام کي يقين ڏياريو وڃي ته رياست ساڻن گڏ آهي. جامي چانڊيو جو موقف يا سڄي سنڌ جي سڄاڻ قلمڪارن ۽ صحافين جو يقينن اهو ساڳيو موقف هوندو، پر سڀني سڃاڻ ڌرين کي ٿر جي ٻن معصوم ماڻهن جي قتل تي پنهنجو احتجاج ائين ئي رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي جيئن اسان پنهنجي قصور ۾ زيادتي جي شڪار ٿيل ڌئ زينب لاء احتجاج ڪيو آهي.
سوال اهو به پيدا ٿو ٿيئي ته ٿرپاڪر ۾مٺيء جي سول سوسائيٽي ۽ سالن کان ٿر ۾ سماجي ڪم ڪرڻ واريون تنظيمون جن جي دعوا ٿر جي عوام جي خدمت ڪرڻ آهي انهن جي خاموشي به شرمناڪ عمل آهي.
خالد پرويز
خالد پرويزڪنڀر، يونيورسٽي ۾ ليفٽ جي شاگرد سياست ڪندڙ ۽ مزاحمتي شاعر به رهيو آهي، سنڌي ڪالمن کانسواءِ اردو جا بلاگ پڻ لکندو آھي. سندس لکڻ جو محور، اقليتون، عورتون ۽ ٻار آهن. پاڻ حيدرآباد ۾ رهندا آهن.