پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هلندڙ سمجهوتا ايڪسپريس ۽ ٿر ايڪسپريس بند

ڪشمير جي صورتحال سبب پاڪستان ڀارت سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ هلندڙ  سمجهوتاايڪسپريس ۽ ٿر ايڪسپريس کي به بند ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي اعلان کانپوءِ ڀارت جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان رويش ڪمار چيو آهي ته  پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ هلندڙ ٽرينن کي بغير ڪنهن مشاورت جي بند ڪيو آهي. جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا خراب ٿي سگهن ٿا. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هلندڙ سمجهوتا ايڪسپريس 22 جولاءِ 1976 ۽ ٿر ايڪسپريس 18 فيبروري  2006 کان هلي رهيون هيون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *