پاڪستانخاصنيو‍‍ز

پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان اوگرا سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي

آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جي سمري تيار ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 90 پئسا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي. اوگرا هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 25 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني آهي. اوگرا جي سمري تي ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان صلاح مشوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. گذريل هفتي آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) گاسليٽ لاءِ ايل اين جي، جي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو هو. اوگرا مئي لاءِ درآمدي ايل اين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سوئي ناردرن سسٽم لاءِ ايل اين جي، جي في يونٽ قيمت ۾ 0.48 ڊالر اضافو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ايندڙ پندرهن ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان آهي. اوگرا پنهنجي ورڪنگ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو ٽيانوي پئسا في ليٽر واڌ تجويز ڪئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 35 پئسا في ليٽر واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي.