پاڪستانخاصنيو‍‍ز

پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي گرفتار، ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

اسلام آباد سيشن ڪورٽ جي سينيئر سول جج شبير ڀٽي اڳوڻي وفاقي وزير، اعظم سواتي کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي کي آرمي چيف ۽ سياسي شخصيتن بابت تڪراري ٽوئيٽس واري معاملي تي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته اعظم سواتي کي سائبر ڪرائيم ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ اعظم سواتي کي عدالت ۾ پيش ڪري درخواست ڪئي ته جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ جوبدار کي 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي حوالي ڪيو وڃي، ان موقعي تي اعظم سواتي پاران بابر اعواڻ، سردار مصروف خان ۽ قيصر جدون ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ الزام لڳايو ته اعظم سواتي تي رات جو تشدد ڪيو ويو آهي، عدالت فوري طور تي اعظم سواتي جو پمز اسپتال ۾ ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي فيصلو محفوظ ڪيو.