پي ٽي اي جو فيصلو ڪالعدم قرار، پب جي فوري بحال ڪرڻ جو حڪم
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق پب جي تي پابندي جو پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي آن لائين گيم کي فوري بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان کان پهرين پي ٽي اي آن لائين گيم پب جي تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو هو. پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته پب جي گيم انتظاميه کان گيم جو تفصيل ۽ ٻارن تي برن اثرن کان بچاءُ جي تدبيرن تي جواب گهريو هو، پر انتظاميه پب جي جي سيشنز پاڪستان ۾ استعمال ڪندڙن جو تعداد ۽ تفصيل نه ڏنو. ياد رهي ته پي ٽي اي پهرين جولاءِ تي پب جي گيم تي عارضي طور تي پابندي لڳائي هئي. ياد رهي ته پي ٽي اي عارضي طور تي 1 جولاءِ تي پب جي راند تي پابندي هڻي ڇڏي هئي.

