پي ڊي ايم اڄ کان سموري ملڪ ۾ مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو

حڪومت مخالف تحريڪ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) اڄ کان پوري ملڪ ۾ حڪومت خلاف مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. پي ڊي ايم جي ترجمان ميان افتخار حيسن جو چوڻ آهي ته پهريان پشاور ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ۽ پوءِ ملتان ۾ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، پي ڊي ايم جي اڳواڻن خلاف حڪومت جا داخل ڪيل ڪيس نامناسب آهن. هن چيو ته جيل سياستدانن جو ٻيو گهر آهي تنهن ڪري اپوزيشن کي ڊيڄاري نٿو سگهجي. ٻئي طرف تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي جلسن کان نه روڪينداسين، پر قانوني ڪارروائي ڪنداسين.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments