پي ڊي ايم جو اتحاد غير فطري آهي، پ پ سنڌ حڪومت جي قرباني نٿي ڏئي سگهي: شاهه محمود قريشي
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اصل حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ حڪومت جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. رپورٽ موجب شاهه محمود قريشي پنهنجي اهم بيان ۾ چيو آهي ته اپوزيشن جو بيانيو تضادن تي ٻڌل آهي. پيپلز پارٽي استعيفائن بابت جيڪي فيصلا ڪيا آهن انهن مان پي ڊي ايم ٽڙي پکڙجي چڪي آهي. پيپلز پارٽي ۾ فيصلي جو اختيار آصف علي زرداري وٽ آهي ۽ هن پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. بلاول صرف ڏيکاءُ جي لاءِ آهي. پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ان جا ۽ پي ڊي ايم جا رستا ڌار آهن. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ (ن) ليگ ۽ جمعيت علماءِ اسلام ۾ واضح اختلاف جڏهن ته پيپلز پارٽي جو انڪار سامهون اچي ويو آهي. پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جي بيانئي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هنن فيصلو ڪيو آهي ته هو سينيٽ جي چونڊون وڙهندا ۽ ضمني چونڊن ۾ به حصو وٺندا. انهن کي حق آهي ته هو ضرور حصو وٺن. پر استعيفيٰ جي رٽ ڇڏي قوم سان مذاق بند ڪن. هي پهريان استعيفيٰ ڏئي رهيا هئا هاڻ وٺڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان هنن جي چوڻ تي استعيفائون نه ڏيندو. پ پ لانگ مارچ کي نواز شريف جي واپسي سان جوڙي ڇڏيو آهي. يعني هي نه استعيفائن جي معاملي ۾ سنجيده آهن ۽ نه ئي لانگ مارچ ۾ دلچسپي رکن ٿا. (ن) ليگ ۾ به تضاد آهي. هڪ سوچ شهباز شريف جي آهي جيڪو ڳالهين جو حامي آهي پر ڳالهين کي پنهنجي آزادي سان مشروط ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ٻيو ڌڙو ڳالهين جو مخالف آهي. خواجه آصف جي گرفتاري حڪومت ناهي ڪئي ۽ نه ئي حڪومت جي چوڻ تي ٿي آهي. هي گرفتاري نيب ڪئي آهي جيڪو خود مختار ادارو آهي. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته مان اڳ ئي چئي چڪو آهيان ته پي ڊي ايم جو اتحاد غير فطري آهي ان لاءِ هي گهڻو وقت نه هلي سگهندو.