خاص

پي ڊي ايم جي پهريون سياسي پاور شو ۽ حڪومت ۾ بيچيني

مسلم ليگ (ن) جي ميزباني هيٺ گوجرانوالا ۾ پهريون سياسي پاور شو تحريڪ انصاف جي حڪومت کي بيچين ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جي پليٽ فارم تان مسلم ليگ (ن) جي ميزباني هيٺ گوجرانوالا ۾ پهرين سياسي پاور شو حڪومتي هٿ ڪنڊن ۽ حربن جي باوجود ميدان ماريندي پي ٽي آءِ حڪومت کي نه صرف چئني پاسن کان ڍير ڪري ڇڏيو، پر حڪومت مخالف مهم جي ايندڙ نئين ٽون به سيٽ ڪري ڇڏي آهي. لاهور، گوجرانواله سميت مختلف ضلعن ۾ سوين ڪنٽينر، ڪنڊيدار تارون ۽ رڪاوٽون لڳائي رستا بند ڪرڻ جي باوجود ايتري وڏي انگ ۾ سياسي ڪارڪنن جو حڪومت خلاف بيانن کان هٽي ڪري ٻاهر اچڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عوام حڪومت جي ٻن سالن واري ڪارڪردگي مان بيزار ٿي چڪو آهي.