پاڪستانخاصنيو‍‍ز

پي ڊي ايم جي گاڏي سان حادثو ٿيڻ يقيني ڳالهه آهي: فواد چوڌري

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پي ڊي ايم جي گاڏي سان حادثو ٿيڻ يقيني ڳالهه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو آهي ته پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو اسٽيئرنگ ڪنهن هڪ وٽ، انجڻ ڪنهن ٻئي وٽ ۽ بريڪ تي اڃان ٽئين جا پير پيل آهن. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڊرائيور پختو ناهي ۽ لنڊن کان پي ڊي ايم جو گئير هڻڻ وارن جي هينڊ بريڪ ڪراچي وارا ڇڪيندا آهن تنهنڪري پي ڊي ايم جي گاڏي سان حادثو ٿيڻ يقيني ڳالهه آهي.