پکي پکڻ سان به پيار آهي…

الطاف شيخ جو سفر نامو

تيستائين گڊ باءِ

پکي پکڻ سان به پيار آهي…

الطاف شيخ

ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي اسان کي يورپي ۽ ٻين قومن کان الڳ ڪن ٿيون، يا کڻي چئجي ته انهن ۽ اسان جي سوچ ۾ وڏو ۽ واضح فرق ڏيکارين ٿيون. اسان ڀلي انگريزن يا يورپين کي گاريون ڏيون ته ڪافر آهن … گدلا آهن … شرابي آهن، وغيره. ٻين ڳالهين ۾ اسان مسلمان هجڻ جي ناتي پاڻ کي ميان مٺو سمجھون ۽ پنهنجو پاڻ لاءِ فتوائون ڏيندا وتون ته اسان مسلمان آهيون ان ڪري بهتر آهيون-پر پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي هرگز نه ڏٺو هوندوسين ته مسلمانن جي گھر ۾ ڄمڻ ۽ مسلمانن جو نالو هجڻ ڪري مسلمان ته سڏايون ٿا پر Practically  اهي ڪم به ڪريون ٿا جيڪي اسلام چيا آهن؟

يا ان معاملي ۾ ڪيترن ايشين کي به اها خوش فهمي آهي ته اسين دنيا ۾ سڀ کان بهتر آهيون، خاص ڪري يورپين سان پاڻ کي ڀيٽيندا وتنداسين. دنيا ڇا پئي چوي يا حقيقت ڇا آهي ان تي ڪڏهن غور به نه ڪنداسين. بس اکيون پوري هر ڳالهه ۾ پاڻ کي، پنهنجي ڪٽب ۽ پنهنجي ملڪ کي پڏائيندا رهنداسين. ڪيترين ڳالهين ۾ اسان سٺي ڳالهه ان کي سمجھنداسين جيڪا اسان ڪريون ٿا يا جيڪا اسان کي لڳي ٿي. اها هرگز نه جنهن کي دنيا مڃي ٿي. اسان لاءِ ته انصاف به اهو آهي جنهن ۾ اسان جي ڳالهه کي مڃيو وڃي. سٺو ڪم به اهو آهي جيڪو اسان ٿا ڪريون. وتنداسين چوريون ڪندا. ڍڳا ڍور ته ٺهيو پر ماڻهو به اغوا ڪندا وتنداسين- ويندي عورتن، ٻارن، پوڙهن کي به نه ڇڏينداسين، ته به چونداسين ته اسان جهڙا شريف ماڻهو، اسان جهڙا رحمدل نه هوندا. اسان کان ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ٿيندو. هلڪو ڦلڪو پورهيو به نه پڄندو. ايمانداري سان نوڪري نه ٿيندي ته به پاڻ کي وڏا محنتي ۽ پورهيت سمجھنداسين.

هڪ يورپين چيو توهان جو ملڪ ترقي نه ڪري سگھندو.

“ڇو ڀلا؟” مون وائڙو ٿي پڇيومانس.

“ جنهن ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آدم شماري رڳو کٽون ويٺي ڇني ته ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو؟” هن وراڻيو.

“توهان جومطلب عورت سان آهي، واقعي اسان وٽ عورت جي تعليم ۽ نوڪريءَ ڪرڻ کي اڃا تائين عيب سمجھيو وڃي ٿو.” مون وراڻيومانس.

”نه، آئون عورتن جي ڳالهه نٿو ڪريان. اهي اسان جي يورپي ملڪن ۾ به سئو سيڪڙو ڪم نٿيون ڪن. آئون مردن جي ڳالهه ٿو ڪريان. توهان وٽ هر ڳوٺ، هر شهر ۾ مرد به سست آهن. شام ته شام پر توهان وٽ صبح جو به واندن مردن سان هوٽلون، بازاريون، رستا ڀريل نظر ايندا.“

“ ان جو سبب بي روزگاري آهي” مون کيس سبب ٻڌايو.

”بيروزگاري ڪٿي ناهي“، هن مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”توهان وٽ ته وري به هيستائين سرڪاري آفيسن ۾ نوڪريون هيون پر اسان جهڙن ملڪن ۾ ته سالن کان سرڪاري نوڪريون نه رهيون آهن. هرڪو پرائيويٽ روزگار جي تلاش ۾ رهي ٿو. پوءِ ان جستجو ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون شيون به ايجاد ڪريو وڃون جيڪي انسان ذات جي فائدي لاءِ هڪ طرف آهن ته ڪمائيءَ جو ذريعو ٻئي طرف ثابت ٿين ٿيون. اسان وٽ وڏن ماڻهن جا ٻار به نوڪري نه ملندن ته ڪو ڌنڌو يا ڪو پورهيو ڪندا. ويندي واڍو، رازو ٿي ڪم ڪرڻ ۾ يا ٻهارو کڻي ڀنگي ٿيڻ ۾ به عيب محسوس نه ڪندا.“

اهي ٿيون ڳالهيون ڏسجن ته لڳي ٿو ته واقعي اسان جي ماڻهن جي سوچ ڪيترو مختلف آهي. جيتوڻيڪ يورپ جي مقابلي ۾ اسان وٽ موسم به ايڏي ظالم ناهي جيتري يورپ جي آهي. سئيڊن ۽ ناروي جهڙن ملڪن ۾ جتي ٿڌ جو درجو ڪاٽو (Minus) ۾ هوندو هو ۽ اسان گرم ڪوٽن ۾ بس جي انتظار ۾ اسٽاپ جي اڏوات ۾ به ڏڪندا رهندا هئاسين، اتي سامهون عمارتن تي مڪاني رازن کي سرد هوا ۾ بيهي ڪم ڪندو ڏسي سيوڪاري اسان کي ٿيندي هئي. ان وقت اسان کي احساس ٿيندو هو ته هنن ملڪن جي ايڏي ٿڌي موسم ۾ ڪم ڪرڻ ڪيڏو ڏکيو آهي جو ٿڌ ۾ هٿ ئي ٽُنڊا ٿيو وڃن. ساڳي طرح يورپ جي مهاڻن کي ڏسندو هوس ته تعجب لڳندو هو ته هڪ طرف ٿڌ ۽ اونداهه، ٻئي طرف هر وقت سخت طوفان ۾ هو ڪم ڪندا هئا. مڇيون ماري موٽندا هئا ته بيهوشي واري حالت ۾ هوندا هئا. سندن زالون گرم ڪپڙن مٿان پلاسٽڪ جا چوغا پائي ٻيڙيءَ تان مڇيون لاهي صاف پاڻي سان ڌوئي وڪڻڻ لاءِ تيار ڪنديون هيون. مرد رات سمنڊ تي گذاري فَجر مهل موٽندا هئا ۽ بعد ۾ زالون شام جو چئين تائين دڪان هلائينديون هيون.

اسان وٽ ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن محنتي آهن ته پٺاڻ ۽ افغان، جيڪي ٿڌين جاين جا ٿي ڪري سنڌ جي اونهاري واري نٽهه اس ۾ به رستن تي پٿر پيا ڪٽنيدا ۽ ڪنهن به پورهئي ڪرڻ ۾ عيب محسوس نه ڪندا. ويندي موچيءَ جو به ڪم ڪندا، جيڪو اسان وٽ شودر جو ڪم سمجهيو وڃي ٿو. سعودي عرب ۾ پنهنجي امير عرب دوست کي هر وقت اهو ئي Convince  ڪندو رهيس ته هو پنهنجي فئڪٽري ۽ ٻئي پورهئي لاءِ جتي فلپين، ڪوريا، انڊونيشيا ۽ سري لنڪا جا ماڻهو ٿو رکي اتي ڪجھه پاڪستانين کي به رکي. آخر ۾ منهنجو چيو مڃيائين ۽ ايئرپورٽ تي خدا حافظ چوڻ وقت اهو به مون تي ڇڏيائين ته ڀلي ماڻهن جي چونڊ به آئون ڪري هن ڏي موڪليان”But”، هن آخر ۾ چيو: “Send only Pathans” (فقط پٺاڻ ئي موڪلجانءِ.)

پورهئي ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾، چاهي گھر جي ٻهاريءَ جو ڪم هجي يا ٿانوَ ڪپڙا ڌوئڻ، مالهيءَ جو ڪم هجي يا بورچي ڊرائيور جو. ٽائرن جا پنڪچر ٺاهڻ جو پورهيو هجي يا واڍڪو يا ويلڊنگ جو، اڄ ڪلهه پٺاڻن بعد ٻئي نمبر تي بهاولپور، ملتان، سرگوڌا، اوڪاڙا پاسي جا پاڪستان ۾ توڻي ٻاهرين ملڪن ۾، ڪامياب وڃي رهيا آهن.

بهرحال هتي اها پئي ڳالهه ڪيم ته يورپي يا انگريز جن کي اسان هر وقت ۽ هر ڳالهه ۾ ڏوهاري بڻايون ٿا، هر برائي انهن تي ٿاڦيون ٿا، پر ڏٺو وڃي ته هنن جون ڪي ڪي ڳالهيون بيحد نراليون آهن جيڪي در اصل اسان مسلمانن ۾ هجڻ کپن. وقت جي پابندي، سچ ڳالهائڻ، ايمانداري سان ڊيوٽي ڏيڻ، غريب ۽ بيمار جو خيال ڪرڻ، پاڙي واري جي عزت ڪرڻ، ٻارن ۽ ٻُڍن جي آرام جو سوچڻ- ۽ ٻيون ان قسم جون ڳالهيون يورپين ۾ ڏسي راٽرڊم (هالنڊ) ۾ مون سان گڏ رهندڙ مصري عرب ڪئپٽن ابو حنفي هنن لاءِ چوندو هو: “يار! ڏٺو وڃي ته رڳو ڪلمو سو نٿا پڙهن باقي ٻيون سڀ ڳالهيون هنن جون اهي آهن جيڪي اسان مسلمانن ۾ هجڻ کپن”.

وري چوندو هو: “بس يار! لڳي ٿو ته مسلمان سو پنهنجي ملڪ ۾ آهن باقي اسلام هتي يورپ ۾ آهي”. غريبن ۽ بيمارن جو خيال ڪرڻ تان ياد آيو ته اسان جي ملڪن کان وڌيڪ خيراتي ڪم، اسڪولن اسپتالن کان مسافر خانا ۽ پوڙهن ۽ هيڪلن ماڻهن لاءِ رهائش گھر مغرب ۾ ملندا. اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن رئيس وٽ پئسو ايندو ته هو ڪارون وٺندو. شراب پيئندو. ناچ ۽ گانا ٻڌندو يا ناچ گاني واريءَ کي additional  زال يا Keep  ڪري رکڻ ۾ فخر محسوس ڪندو- هو انهن ڳالهين ذريعي ٻين تي لئه رکڻ جو سوچي ٿو. يورپي يا انگريز (ان معاملي ۾ ويندي هندو به) دولت جي جھجھي اچڻ تي خير خيرات ڪندو. پنهنجي ملڪ ۾ ڪو ضرورت مند نه ملندس ته اهو اسان جهڙن ملڪن ڏي موڪليندو. اسان جي ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ خيراتي ادارن NGOS جي ڪير پيا مدد ڪن؟ ڪئناڊا، انگلنڊ، آمريڪا، جپان! اهي ڌاريان ئي ملڪ ته آهن. اسان ته انهن ادارن ۾ به وڏون نوڪريون وٺي خيرات جو پئسو ضرورتمندن کي ڏيڻ بدران گھوٻيون هڻيو ويٺا آهيون.

نه رڳو انسان ذات لاءِ پر جانور پکين لاءِ به هنن کي خيال ٿئي ٿو. اسان ته ورهاڱي کان اڳ هندن يا پارسين جيڪي گھوڙن ۽ گڏهن جي پيئڻ جا حوض ٺاهيا هئا اهي به ڊاهي ڇڏيا. پارڪ ۽ بينچون ٺاهيائون اهي به ختم ڪري ڇڏيونسين. هتي (يورپ) جي ڪيترن ئي ملڪن جي اخبارن ۾  عوام کي جانورن جي پرگهور لاءِ به اپيل ڪئي ويندي آهي ته پاڻ خيال ڪريو يا فلاڻي فلاڻي اداري کي چندو ڏيو ته اهي ڪجھه ڪن. ڪڏهن گڏهن لاءِ ايندو آهي ته ڪڏهن رڇن لاءِ. هڪ دفعو ته  ڀولڙن لاءِ به آيو جن کي ايشيا جي ڪن ملڪن ۾ ڳچيءَ ۾رسو ٻڌي، ڏنڊا هڻي ڪرتب ته ڪرايا وڃن ٿا پر کين پيٽ ڀري کاڌو نٿو ڏنو وڃي.

هي ڳالهيون لکڻ مهل پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ٻه واقعا ياد اچي رهيا آهن جيڪي هتي ڏيڻ بي محل نه ٿيندا.

گھڻو اڳ جي ڳالهه آهي اسان جهاز تي جونئر انجنيئر هئاسين، جهاز وڏي مرمت لاءِ يوگوسلاويا آيو هو. اسان کي هڪ ٻه ڏينهن هوٽل ۾ رهائڻ بعد اسان کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن اسان چاهيون ته رهائش جو بندوبست پنهنجي پسند تي پاڻهي ڪري سگھون ٿا جنهن لاءِ جهازران ڪمپني رهائش ۽ ماني جا مقرر پئسا روز جي حساب سان ڏئي سگھي ٿي.ان ۾ ڪمپنيءَ جو به فائدو هو. اسان جونئر آفيسرن لاءِ اها بهتر آفر هئي جو هڪ وڏي هوٽل ۾ رهڻ بدران ڪنهن سادي هوٽل ۾ رهي، سادو کائي، ڪافي پئسو بچائي سگھياسين ٿي- جنهن مان شاپنگ ۽ گھمڻ ڦرڻ جهڙو عيش پڻ ٿي سگھيو ٿي. منهنجي ساٿي بنگالي انجنيئر جو هڪ مائٽ ڪيترن سالن کان يوگوسلاويا ۾ رهيل هو جنهن جي رائيڪا شهر ۾ ڪافي ڄاڻ سڃاڻ هئي جتي اسان جي جهاز جي مرمت هلي رهي هئي. هن بندرگاهه جي ڀر ۾ هڪ سرب مسلمان فئملي وٽ اسان جي رهائش جو بندوبست ڪيو. گھر شهر کان کڻي پري هو پر بس اسٽاپ ڀر ۾ هو ۽ گھر جي مالڪن اسان جي رهائش جا تمام مناسب پئسا ٿي ورتا. صبح جو چانهه بدران ڪافي ڏيندا هئا. پيئڻ لاءِ کير جام هو جيڪو اسان ڪارن فلئڪن ۾ به وجھندا هئاسين ته پاڻيءَ بدران به پيئندا هئاسين. رات جو ڊبل روٽي ۽ سلاد هُو ڏيندا هئا، ڀاڄي يا مڇي اسان وٺي رڌيندا هئاسين. منجھند جي ماني جهاز تي کائيندا هئاسين. گھر ۾ زال مڙس ۽ سندن ٻه ٻار هئا ۽ ٽي مينهون ۽ هڪ ٻلي.

 اسان جي اچڻ کانپوءِ ٻي ڏينهن ئي سندن هڪ مينهن ويائي. پنهنجي بنگالي دوست کي چيم: “هونءِ ئي کير جام ڏيندا هئا هاڻ ته اڃان به گھڻو ڏيندا.”

جهاز تي ڪم دوران کيس ٻڌايم ته ڦر ڄڻڻ بعد مينهن جو کير چڱو گھاٽو ٿئي ٿو ۽ اسان وٽ پهرين ڏينهن واري کير ۾ کنڊ ۽ ڦوٽا وجھي ڪاڙهي “پس”  (کڙ) ٺاهيو ويندوآهي، ٻئي ۽ ٽئي ڏينهن وارو کير به چڱو گھاٽو ٿئي ٿو ۽ “ٻيهر” سڏجي ٿو. منهنجي بنگالي دوست به ٻڌايو ته هنن وٽ به ان کير (آلوڙو) کي پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ اتي به ائين پس (کڙ) ٺاهيو وڃي ٿو.

شام جو جهاز تان موٽڻ بعد هِتان هُتان چڪر هڻي گھر موٽياسين. رستي تي بنگالي دوست چيو ته گھر جي مالڪڻ پڪ ان کير مان پِس ٺاهي پاڻ لاءِ به رکيو هوندو، پر گھر پهچڻ تي هُن اسان کي نه ڏنو ۽ نه اسان کي فرج ۾ نظر آيو. بورچيخاني ۾ به ڪي اهڙا آثار نظر نه آيا جنهن مان لڳي ته هنن کير کي ديڳڙي ۾ ڪاڙهي، ٿالهه ۾ پس ٺاهي پيالين ۾ وجھي رکيو هجي.

ٻئي ڏينهن به ساڳيو حال! بورچي خاني ۾ پاڻ لاءِ ڀاڄي ٺاهيندي اسان ٻنهي خيالن جواظهار ڪيو ته نئين وياميل مينهن جو کير  وڃي ڪيڏانهن ٿو. گھر جا مالڪ زال مڙس پيو ڇڏين، يا رڳو ٻارن کي ٿا ڏين. يا پاڙي وارن کي ورهايو ڏين؟ اسان کان ته پڇن به نٿا.

ٽئي ڏينهن مون کان وڌيڪ منهنجو بنگالي دوست انجنيئر ناراض ٿي ويو ۽ اسان پڪو پهه ڪيو ته ٻئي ڏينهن جهاز تي وڃڻ کان اڳ گھر جي مائيءَ کان ضرور پڇنداسين- پر پوءِ چڱو جو نه پڇيوسين جو ٻئي ڏينهن هتي يوگوسلاويا ۾ رهندڙ بنگاليءَ کان معلوم ٿيو ته هتي جا توڙي يورپ جي ڪيترن ملڪن جا ماڻهو ان کير کي پيئڻ خراب ڳالهه ٿا سمجھن. هو ان کير تي ان نئين ڄاول ڦر جو حق ٿا سمجھن. “ان کير ۾ تمام گھڻيون وٽامنز  ۽ طاقتون ٿين ٿيون جيڪي نئين ڄاول ڦر لاءِ ضروري آهن”. ان ئي ڏينهن هتي رهندڙ هڪ ٻئي يورپي پڻ ٻڌايو، “اهو سڄو کير امانت طور فريزر ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ ٿورو ٿورو ڪري نئين ڄاول ڦر کي پياريو وڃي ٿو.”

ان ڏينهن شام جو اچي فرج جو مٿيون خانو (فريزر) کوليون ته واقعي ننڍين ننڍين ٿيلهين ۾ اهو کير ڄميو پيو هو. هڪ گگدام ۽ ڪمزور جانور جو ايترو خيال رکڻ هڪ قابل تعريف ڳالهه آهي ۽ يورپين جي اهي سٺائي مڃڻ کان انڪار نٿو ڪري سگھجي.

آڙيون، بدڪون ۽ تِلور جهڙا پکي ننڍي هوندي کان ڏسندا اچون پر گھڻو ڪري ڪٺل حالت ۾. هتي سئيڊن ۾ اهي پکي نه فقط اڏامندي پر پارڪن ۽ رستن تي واڪ ڪندي يا بس اسٽاپن جي بينچن تي ڀر ۾ اچي وهندو ڏسي تعجب لڳي ٿو. اسان وٽ ته ڪبوتر يا جھرڪيءَ اڳيان لنگھه ته اها به ڦڙڪو کائي اڏاميو وڃي. انهن کي خبر آهي ته ائين نه ڪرڻ سان هنن جو اڻ وقتائتو موت اچي ويندو. پر هتي سئيڊن ۾ پکين کي به خبر آهي يا گھٽ ۾ گھٽ کين محسوس ٿئي ٿو ته انسان ذات سندن نالو نٿي وٺي. مڪاني قانون مطابق انهن پکين کي مارڻ يا تنگ ڪرڻ تي حڪومت طرفان سخت سزا ۽ ڏنڊ مقرر ٿيل آهي. هتي جي ملڪن ۾ ماڻهن توڙي جانورن لاءِ نه فقط قاعدا قانون ٺهيل آهن پر انهن تي سختيءَ سان عمل به ٿئي ٿو ۽ غريب توڙي امير لاءِ ساڳيا قاعدا، ساڳيون سختيون، ساڳيا ڏنڊ ۽ ساڳيون سزائون آهن. ان ڪري ڪيترا شڪار جا شوقين به هتي اچيو سڌريو وڃن. پکي پکڻ، بنا ڪنهن خوف جي رستن تي چڳندي خوشي محسوس ڪن ٿا ۽ اسان پڻ کين رستن تي ائين هلندو چلندو ڏسي خوش ٿيون ٿا.

هتي (سئيڊن توڙي ناروي ۾) رهي مون محسوس ڪيو آهي ته هتي جا ماڻهو سزا جي ڊپ کان نه پر دل ۾ پکين لاءِ پيار هجڻ ڪري پکين جو ڏاڍو خيال ڪن ٿا- خاص ڪري “مهمان پکين”  Migratory Birds جو. ان بابت هتان لکيل سفرنامن ۾ آئون ڪيتريون ئي ڳالهيون لکي چڪو آهيان ته هي ماڻهو (ناروي پاسي جا) کڻي وائڪنگ ۽ ڦورو غنڊا سڏجن پر اهي سڀ ماضيءَ جون ڳالهيون هيون. هينئر ته سئو سالن کان مٿي ٿي ويا آهن جو ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ، ڊئنمارڪ پاڻ ۾ يا ڪنهن ٻئي پاڙيسري ملڪ سان وڙهيا هجن. انسان جو ته هتي وڏو خيال ڪيو وڃي ٿو پر جانورن ۽ پکين سان به همدردي ڪئي وڃي ٿي. اڪثر اخبارن ۾ اشتهار ايندا آهن ته توهان هيترا پئسا خيرات طور ڏئي ايشيا يا آفريڪا جي ڪنهن ملڪ ۾، ڪنهن زخمي گڏهه يا رڇ کي سڄي عمر لاءِ خوراڪ مهيا ڪري سگھو ٿا يا دنيا ۾ ڀولڙن سان ٿيندڙ ظلمن کان کين نجات ڏياري سگھو ٿا.

اسان جي مٿين فلور واري يوزي نالي پوڙهي عورت “مهمان پکين” جو ته خيال رکندي آهي پر اهي پکي جيڪي سڄو سال هتي ڌوڙ پيا پائين، انهن تان به پئي فدا ٿيندي آهي. سياري جي موسم ۾ جڏهن هتي جا وڻ بلڪل ٺوڙها ٿي ويندا آهن ۽ جيت جڻيا زمين اندر غائب ٿي ويندا آهن ۽ چوڌاري برف ڄمي ويندي آهي ته هيءَ عورت ڄارين جون ٿيلهيون ٺاهي انهن کي چونئرن ۽ چانورن جهڙي اناج سان ڀري انهن ٺوڙهن وڻن جي شاخن سان ٻڌي ڇڏيندي آهي جيئن ننڍڙا پکي انهن ٿيلهين کي ٺونگا هڻي داڻو داڻو ڪري کائين. ڪڏهن ڪڏهن ته آمريڪا جي Nabisco ڪمپني جو چونئرن (Peanuts) جو وڏو دٻو وٺي ڏيندي آهي ته جنهن يونيورسٽي ۾ آئون وڃان ٿو ان جي ڀر واري پارڪ ۾ پکين کي ڏيندو وڃان.

هر اٺين ڏهين ڏينهن جڏهن اهو چونئرن جو، اڌ ڪلو کن جو دٻو کڻي پنهنجي بلڊنگ مان نڪري بس اسٽاپ تي اچي بيهندو آهيان ته ڀر واري بلڊنگ مان ايندڙ بنگلاديش جي ڪئپٽن حبيب جو مون سان جھڳڙو هوندو آهي. هن کي يقين ئي نه ايندو آهي ته اسان جي بلڊنگ جي اسي سالن جي امير، بيواهه ۽ جوانيءَ جي ڏينهن جي بي حد خوبصورت عورت اهو تحفو پکين لاءِ موڪليو آهي. هن جو اهو ضد هوندو آهي ته کول ته کائون. هن کي اهو ئي شڪ هوندو آهي ته اهو آئون پنهنجي کائڻ لاءِ يونيورسٽي کڻي پيو هلان. پوءِ سڄي ڳالهه ٻڌي چوندو آهي“ عجيب ماڻهو آهن هتي جا! خاص ڪري اها تنهنجي بلڊنگ واري پوڙهي!”

“ ڀلا جي Pea Nuts  پکين کي کارائڻا به اٿس ته پنجن ڪرونن جا کليل ڇو نٿي وٺي ڏئي. پکين لاءِ جهڙا عام چونئرا تهڙا هي آمريڪن ڪمپني نبيسڪو جا چاليهه ڪرونن جا Roast ٿيل مهانگا، امپورٽيڊ چونئرا.”

“بس هن جو پکين سان پيار آهي.” وراڻيو مانس.

“صفا ڪا چري ٿي لڳي! چڱو کول ته ڪجھه کائون.” ڪئپٽن حبيب چوندو هو.

“بس اچي ته ان ۾ ويهي پوءِ ٿا کوليون. پوڙهي مٿان دريءَ مان پئي ڏسي. ڇا چوندي ته هوءَ نه پر عجيب پاڻ آهيون جو پکي ته کايو وڃون پر پکين جو کاڌو به نٿا ڇڏيون.”

سئيڊن ۾ يڪا ٻه سال هوس. ٻئي سال به جيئن ئي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهيني شروع ٿيڻ سان ٿڌيون هوائون شروع ٿيون ته گرم ملڪن ڏي ويندڙ اهي پکي هڪ هڪ ٿي هتان ڏکڻ طرف غائب ٿي ويا. يعني ڪي ڏکڻ يورپ جي ملڪن:  فرانس، اسپين، اٽلي ڏي، ڪي ميڊيٽرينن سمنڊ جي ٻي پاسي آلجيريا، ٽيونيشا ڏي ته ڪي اڃا اڳتي هند، سنڌ، پنجاب، بلوچستان ايران ڏي- جتي جو سيارو اتر روس، ناروي، سئيڊن جهڙن ملڪن جي اونهاري جهڙو ٿئي ٿو. پکين جي لڏپلاڻ پوري ٿيڻ کان اڳ ان سال سخت برف باري شروع ٿي وئي ۽ ڪجھه پکي لڏڻ کان رهجي ويا. ان ڳالهه جو ڏک انهن پکين کي خبر ناهي ڪيتري حد تائين ٿيو هجي پر اسان جي يوزي انهن لاءِ غمگين گانا ڳائيندي رهي. ويتر هن کي هڪ بدڪ نموني جو زخميل پکي هٿ اچي ويو جنهن جو رات جي وسيل برف ۽ ٿڌي هوا ڪري هڪ پاسو کيرو ٿي پيو هو ۽ هو اڏامي نه سگھڻ ڪري رستي تي پيو هو. يوزي انهي ئي ڏينهن ڪنهن جانورن جي ڊاڪٽر يا خبر ناهي انسانن جي ڊاڪٽر کان هن لاءِ ڪجھه ملم  وٺي آئي جيڪو هن کي روز لڳائڻو هو.

هي اهي ئي ڏينهن هئا جن ۾ هر سال يوزي موڪلون گذارڻ پنهنجي اباڻي ملڪ فرانس ويندي هئي. ٻن ڏينهن بعد لفٽ ۾ ملڻ تي مون کانئس حال احوال کڻي پڇيو:

“پئرس وڃڻ جو ڇا پروگرام اٿانو؟”

“وڃڻي هيس، ٽڪيٽ به وٺي ڇڏي هيم پر هاڻ هي جو ڪم نڪري پيو آهي ان کي ڪير منهن ڏيندو. “Can you be a little bit nice to me?”

آئون سمجھي ويس ته هن کي ان زخميل بدڪ جو فڪر آهي ۽ ان جي ٽهل ٽڪور جو ڪم منهنجي حوالي  ڪرڻ ٿي چاهي. مون کيس وڏي دل ۽ خلوص سان هائوڪار ڪئي. آئون ته اهو چوندس ته هن جي مهرباني چئبي جو هن مون کي اهڙو ماڻهو سمجھيو يا ته ٿي سگھي ٿو اخبار نه پڙهندي هجي نه ته ضرور اهو سوچي ها ته ان ماڻهوءَ کي پکين لاءِ ڪهڙو قياس جنهن جي ملڪ جي شهر ڪراچيءَ ۾ روزانو انساني جانيون ضايع ٿيو وڃن، جنهن جي ملڪ ۾ رستن تان ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو اغوا ٿيو وڃن.

بهرحال پوڙهي ڏهن ڏينهن لاءِ پئرس هلي وئي ۽ آئون پکيءَ سان همدردي ڪري نه پر پوڙهيءَ جي ڊپ کان ان پکيءَ کي روزانو وقت تي داڻو کارائيندو رهيس ۽ ڏينهن ۾ ٻه دفعا ملم هڻندو رهيس. ڪجھه اهو به سوچي ته صدين کان منهنجا سنڌي ڀائر هنن پرديسي پکين کي ماريندا رهيا آهن. گھٽ ۾ گھٽ ڪنهن هڪ سنڌيءَ هن کي مارڻ بدران جيارڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ پوڙهيءَ جي موٽڻ تائين آئون سخت بيزار ٿي چڪو هوس ۽ دل ۾ آيم ته کيس حقيقت کان آگاهه ڪريان ته تون پاڻ ته ويٺي خوار ٿين پر اسان کان به ويٺي خذمتون ڪرائين. اها به ڪا خبر اٿئي ته اسان جي ملڪ ۾ پهچڻ سان هنن لڏ پلاڻ ڪندڙ (Migratory) پکين جو ڪهڙو حشر ٿئي ٿو؟ پر پوءِ خيال آيم ته کيس ٻڌائڻ بدران ائين به ٿي سگھي ٿو ته آئون پنهنجن ماڻهن کي ٻڌايان ته اتر وارن ملڪن ۾ اهڙا به نيڪ ماڻهو آهن جن کي نه فقط انسان ذات سان پر پکي پکڻ سان به پيار آهي.

مالمو-سئيڊن

1992

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments