خاصسياستنيو‍‍ز

تحريڪ انصاف۽ ايم ڪيو ايم گڏجي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي هٽائڻ لاءِ ڪوشش

پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي اڳوڻي سياسي مخالف پارٽي ايم ڪيو ايم سان گڏجي قومي اسيمبليءَ جي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي هٽائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. شاهه محمود قريشيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پي ٽي آءِ جو وفد ايم ڪيو ايم جي عارضي آفيس بهادر آباد ڪراچيءَ پهتو ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار سان ملاقات ڪئي ۽ کين قومي اسيمبليءَ ۾ خورشيد شاهه کي هٽائي شاهه محمود قريشيءَ جي پٺڀرائيءَ لاءِ درخواست ڪئي.