خاص

ڀارت پنهنجي اسرائيل جي ٺهيل ڊرونز کي مهلڪ هٿيار نصب ڪرڻ جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون

ڀارت پنهنجي اسرائيل جي ٺهيل ڊرونز کي مهلڪ هٿيارن سان ليس ڪرڻ ۽ مقامي سطح تي ڪلاشنڪوف جي تياري جي لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق لداخ ۾ چين سان گڏ ٿيندڙ ڪشيدگي کانپوءِ ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر ڏهائي اڳ خريد ڪيل اسرائيلي ڊرون طيارن کي فضا کان زمين ۽ ٽينڪ شڪن ميزائلن سميت مهلڪ هٿيارن سان ليس ڪرڻ لاءِ تيزي سان ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان کانسواءِ بحريه جي جهازن تي به جديد توپ خانه نصب ڪرڻ لاءِ سفارشون تيار ڪيون پيون وڃن. ذريعن موجب ڊرونز کي هٿيارن سان ليس ڪرڻ جي هن منصوبي تي 35 ارب ڀارتي رپين کان وڌيڪ جي لاڳت آئي آهي. ان سلسلي ۾ ٺيڪن کي آخري شڪل ڏني وئي آهي ۽ سيڪيورٽي جي منظوري لاءِ هن کي ڪابينا ڪميٽي موڪليو ويندو. هن وقت ڀارت وٽ اهڙا 90 ڊرون آهن نگراني ۽ هدف ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا. ڀارت هاڻ سمنڊ ۾ نگراني لاءِ وڌيڪ 30 آمريڪي ڊرونز خريد ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. ان کان علاوه گذريل ڪيترن ئي سالن کان مقامي سطح تي ڪلاشنڪوف جي تياري جي لاءِ 28 ارب رپين سان مجوزه منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.