ڀارت ۾ ڪورونا تباهي مچائي ڇڏي، هر چئن منٽن کانپوءِ هڪ ڄڻو وائرس وگهي فوت
ڀارت ۾ ڪورونا جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي ۽ هر 4 منٽن کانپوءِ هڪ ڄڻو وائرس وگهي فوت ٿي رهيو آهي. ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ خراب ٿيندي پئي وڃي ملڪ ۾ آڪسيجن سلينڊرن جي کوٽ سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. اسپتالن جي ٻاهران ماڻهن جون ڊگهيون قطارون موجود آهن، پر اسپتالن ۾ جڳهه نه هجڻ سبب عوام فوٽ پاٿن تي سلينڊرن لاءِ منتظر آهي. ڀارت ۾ هر ايندڙ ڏينهن ڪورونا ڪيسن جو رڪارڊ ٽوڙي رهيو آهي. ڀارتي صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وبا سبب وڌيڪ 340796 مريض متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته 2624 موذي وائرس سبب فوت ٿي ويا آهن. جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ هڪ لک 90 هزار تائين پهچي ويو آهي. ان کان علاوه وائرس وگهي سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ ڀارت هاڻ ٻئي نمبر تي پهچي ويو آهي.

