عالمي بينڪ جي 500 ملين ڊالر جي امداد مان ٻوڏ متاثرين جا گهر بروقت تعمير ٿيا آهن، اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪئي آهي. جڏهن پاڻ خاتونِ اول آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ عالمي بينڪ جي وفد سان گڏ نظر محمد لغاري ڳوٺ جو دورو ڪيو. جتي ٻوڏ متاثر عورتن ۾ گهرن جي ملڪيت جون سندون تقسيم ڪيون ويون. انهيءَ موقعي تي محترمه آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اهو منصوبو عورتن کي مالڪاڻا حق ڏيڻ وارو پاڪستان جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي. سنڌ حڪومت ڳوٺاڻين عورتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ پرعزم آهي. سال 2022 ۾ ٻوڏ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن کي متاثر ڪيو. تڏهن سنڌ سرڪار پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيڊ (SPHF) پروگرام جي تحت 2022 جي سيلاب جي ڪري تباهه ٿيندڙ گهرن جي نئين سر تعمير لاءِ اهو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي.
عالمي بينڪ انهيءَ سلسلي ۾ مالي تعاون ڪيو آهي. انهيءَ بينڪ 500 ملين ڊالر جي امداد ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير لاءِ ڏنا آهن. انهن مان گهڻا گهر تعمير ٿي ويا آهن ۽ انهن جون سندون ورهايون پيون وڃن. ضلعي شهيد بينظير آباد جي ڳوٺ نظر محمد لغاري جي وليج ري ڪنسٽرڪشن ڪميٽي (VRC) جي عورتن به انهن سان ملاقات ڪئي. ڪميٽي انهن کي آگاهه ڪيو ته ڳوٺ ۾ 32 مڪمل طرح تباهه ٿيل گهرن جي تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي. عالمي بينڪ جي وفد جي اڳواڻ سنڌ حڪومت جي انهن ڪوششن کي ساراهيو ۽ بينڪ جي پاران مسلسل تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو. عالمي بينڪ جي انهيءَ پروگرام ۾ گهرن جي تعمير لاءِ وڌيڪ 450 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو ويو آهي. انهيءَ مالي تعاون جي تحت نه صرف گهر تعمير ٿيا آهن، پر پاڻي ۽ واش رومن جي منصوبن لاءِ به 54.92 ڊالر ڏنا ويا آهن، جنهن سان 1000 ڳوٺن کي پاڻي ۽ واش رومن جي سهولت ملي آهي. عالمي بينڪ جي انهيءَ مالياتي پروگرام نه صرف ٻوڏ جي ڪري بي گهر ٿيل ماڻهن کي اجهو مهيا ڪيو آهي، پر انهيءَ سان گڏ تعميرات جي شعبي ۾ ڪيتريون ئي نيون ملازمتون پيدا ٿيون آهن. ورلڊ بينڪ جي انهيءَ پروگرام جي تحت سنڌ جي ڳوٺاڻن کي لکن جي تعداد ۾ گهر مليا آهن.
اها به بنيادي طرح اهم ڳالهه آهي. انهيءَ کان وڌيڪ سماجي تبديلي جي ڳالهه اها به آهي ته پهريون دفعو سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيڊ پروگرام (SPHF) جي تحت اهو انقلابي قدم کنيو ويو آهي. جو اهي سڀ گهر انهن ڳوٺن جي عورتن جي نالن تي آهن. جڏهن کان انهن کي سندون مليون آهن، هاڻي اهي انهن گهرن جون مالڪ آهن. ٻهراڙي جي عورت کي گهر جي مالڪي ڏيڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت تحسين جي مستحق آهي. انساني ارتقا ۽ سماج ۾ گهر جي وڏي معنيٰ آهي. باوقار ۽ باعزت زندگي جيئڻ لاءِ گهر ضروري آهي. سال 2022 جي ٻوڏ ماڻهن جا گهر ٻوڙي ڇڏيا، پر سنڌ حڪومت ۽ عالمي بينڪ انهن کي نئين سر تعمير ٿيل گهر ڏنا آهن. انهن عورتن لاءِ جن جي مالڪي ۾ اهي گهر آهن. انهن لاءِ ضرور نئين زندگي لاءِ اميد جاڳي هوندي. هڪ نئين گهر جي مالڪي انهن عورتن کي سماج ۾ سگهه بخشيندي. عالمي بينڪ جي وفد ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ اهو تعاون تاريخي آهي ۽ جنهن اسانجي سماج کي نئين معنيٰ ڏني آهي. ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلي جيئن ته سڄي دنيا جو موضوع آهي. سال 2022 جي ٻوڏ به ماحولياتي ۽ موسمي تبديلي جي اثر هيٺ اچي ٿي. جنهن وڏي تعداد ۾ ماڻهن، گهرن ۽ زراعت کي متاثر ڪيو هو.
موجود وقت ۾ عالمي بينڪ ۽ سنڌ حڪومت گڏجي ماحولياتي تبديلي مان پهتل نقصان مان سنڌ جي ڳوٺاڻن کي بهتر ۽ خوشحال زندگي جي طرف آندو آهي. انساني سماجن جي تعمير ۽ انهن جو ترقي ڏانهن سفر ۾ عورت جو ڪردار انتهائي اهم آهي. عالمي بينڪ ۽ سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي نئين سر تعمير ۾ عورتن کي مالڪي ڏئي روشن خيالي ۽ ترقي جي نئين سفر جي ڳالهه ڪئي آهي.