بلاگنئون

اچو ته سنڌ ۾ گرميءَ جي شدت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڻڪار مهم ۾ ڀرپور حصو وٺون

اسان وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهڻ، پنهنجي گاڏين کي بيهارڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، پر پنهنجي علائقن ۾ ٻوٽا وڻ پوکڻ لاءِ ڪا به رٿابندي نٿا ڪريون. جڏهن ته اترين علائقن ۾ وڻڪاري مهم تي خاص ڌيان توجهه ڏنل آهي، تنهنڪري اتان جي آبهوا به بهترين ۽ گرميءَ کان نجات مليل آهي، سعودي عرب ۾ وڻ ڪٽڻ جي سزا سخت ترين آهي. وڻ انساني صحت جو ضامن آهي، وڻ آلودگي مان نجات جو واحد ذريعو آهي، وڻڪاري مهم اسان وٽ رڳو فوٽو سيشن تائين ڪئي ويندي آهي، پر دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ باقاعده پابندي سان وڻ ٻوٽا پوکڻ لاءِ پلاننگ ڪئي ويندي آهي تنهنڪري اهي ملڪ سرسبز شاداب سونهن ۽ خوبصورتي سان ڀريل هوندا آهن. ھيٽ اسٽروڪ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، گرميءَ جي شدت انساني صحت تي جلد برو اثر ڇڏي ٿي، ڪمزور ۽ وڏي عمر جا ماڻهو گرميءَ جي سٽ کان محفوظ رهڻ لاءِ گهڻي پيهه رش کان پاسو ڪن، اهڙن گرم ترين ڏهاڙن ۾ جتي سج سوا نيزي تي بيٺل هجي اهڙي صورتحال ۾ واپڊا انتظاميا هرو ڀرو جي غير قانوني غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪرڻ ۽ بار بار هر دفعي جهٽڪا ڏيئي بجليءَ کي بند ڪري بجليءَ جي صارفين سان مذاق ڪرڻ جو عمل به ختم ڪري مٿان وري ڪڏهن ڪڏهن اچڻ واري بجليءَ جي وولٽيج گهٽ وڌ جي عوام جي لکين رپين جو قيمتي سامان نقصان پهچائڻ کان بچايو وڃي.

هن وقت جون مهيني جي گرميءَ سنڌ جي عوام کي ڄڻ ته گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي اها ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته هن ڪاڙهي جهڙي شدت واري جهولن جي گرميءَ ۾ هرو ڀرو گهر کان ٻاهر نه نڪرجي، پاڻيءَ جو واهپو وڌ کان وڌ ڪجي، ٿڌيون شيون مشروبات، هنداڻو، سبزيون کائجن، گرم شين مڇي، گوشت، مرغي ۽ اهڙين ٻين شين کان پرهيز ڪجي. گرم هوائن ۾ جهولا لڳي رهيا آهن، تنهن ڪري ضروري ڪم ڪار سان ٻاهر وڃجي نه ته ٻاهر نڪرڻ کان پاڻ کي بچائجي. نٽهڻ اس سخت گرميءَ سبب ٻارڙا بيمار، الٽين، دستن وغيره جهڙي تڪليف ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا. ان ڪري ٻارن جي صحت جو خاص خيال رکيو وڃي، انهن کي پاڻي پياريو وڃي ته جيئن سندن جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پيدا نه ٿئي.

اسان کي گهرجي ته جانورن پکين جي پيئڻ جي پاڻيءَ جو بندوبست ڪيون. ٻيو ته اسلامي نقطه نظر کان ۽ برزگان دين جي تعليمات ۾ اها شيءِ واضع ۽ کليل لفظن ۾ آيل آهي ته اسين جيڪي وڻ لڳايون ٿا اهي نه صرف گاڏين جي دونهين کي ختم ڪرڻ لاءِ فائديمند آهن، پر گڏوگڏ ئي اهي انساني نشو نما ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آهن. ڇو ته وڻ اسان جي لاءِ آڪسيجن پيدا ڪن ٿا. جنهن سان انسانن ۽ سڀني جانورن جي صحت تي مثبت اثر پون ٿا. اها اسان سڀني جي اهم ذميواري آهي ته هن وڻڪاري مهم ۾ اسان پنهنجن دوستن احبابن کي انهيءَ سلسلي ۾ ڪوٺ ڏيندي اها ڳالهه واضح ڪندا هلون ته اسان وڻ ۽ وڻڪاري مهم ۾ صرف رسمي طور سرڪاري انگ اکر پڌرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. زراعت کاتو ڪهڙي وڻڪاري مهم ڪندو آهي اها سڀني کي معلومات آهي انهي لاءِ اسان مان هرهڪ فرد مرد توڙي عورت، پٽ توڙي ڌيءَ، اسڪول توڙي ڪاليج ۽ يونيورسٽي کان ويندي هرهڪ سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۽ ادارن ۾ جيڪڏهن سچائيءَ سان هر سال گرميءَ جي موسم ۾ وڻ پوکڻ جي مهم کي سنڌ جي ٽوپي اجرڪ ثقافتي ڏهاڙي جيان ذميواريءَ سان  نڀائڻ جو وچن ڪندي اسان سڀ ڀرپور حصو وٺون ته جيڪر سنڌ جي ساوڪ ۽ سرسبزگي وڌي وڃي. اسان ڏسون ٿا ته اسلام آباد، لاهور ، ڪوهه مري، ايوبيه، ڪالام، ناران، بحرين، سوات، مانسهره، بالا ڪوٽ سميت ٻين اترين علائقن ۾ آبهوا خوشگوار آهي. ڇو ته اتي وڌيڪ وڻڪار آهي. ان ڪري جو اتان جا ماڻهو پنهنجن علائقن ۾ وڌ ۾ وڌ وڻ لڳائڻ کي هڪ وڏي عبادت سمجهندا آهن ۽ وڻ ڪٽڻ کي برو عمل سمجهندا آهن ۽ وڻن جي ڪٽائي تي اترين علائقن ۾ خوني جهيڙا پڻ ٿيندا رهيا آهن، جنهن جا ميڊيا ۾ واقعا ايندا رهندا آهن.

مقصد ته اهي وڻ جي آبياريءَ کي پنهنجي عبادت سمجهن ٿا ۽ انهي جي خاتمي کي انتهائي خراب ۽ گهٽيا حرڪت تصور ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان به پنهنجي ڌرتي جي سونهن ۽ خوبصورتي ۾ واڌارو چاهيون ٿا ته پوءِ اسان مان هرهڪ کي به پنهنجي گهرن، پنهنجن شهرن، پنهنجن دفترن آفيسن، پنهنجن خانگي ۽ سرڪاري  اسڪولن، ڪاليجن، ڪمپيوٽر سينٽرن، سمورن بئنڪن، صحت کاتي، انشورنس ڪمپنين، هوٽلن، روڊن رستن باءِ پاس سميت هرهڪ جاءِ تي هن وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺڻ گهرجي. انهيءَ سلسلي ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي استادن پروفيسرن کي کپي ته اهي پنهنجن تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هڪ وڻ لڳائڻ جي اهميت ۽ افاديت سمجهائين ته انهن جي هڪ وڻ جي لڳائڻ جا ڪيترا فائدا آهن ۽ وڻ اسان جي ماحول ۾ ڪيترو اهم آهي. دنيا هن وڌندڙ گاڏين جي شور شرابي کان تنگ ٿي چڪي آهي ۽ اسان مان اڪثر ماڻهو گاڏين جي رش ۽ دونهين جي نقصانن سبب بيمارين جي بستري تي پهچي چڪا آهن ۽ وڌندڙ آلودگيءَ سبب گدلاڻ پيدا ٿي رهي آهي. انهيءَ گدلي ماحول مان نڪرڻ جو واحد حل پنهنجن گهرن، شهرن ۽ علائقن ۾ وڌ ۾ وڌ وڻ لڳائڻ آهي، جيئن پوري ماحول تي بهتر اثر پئجي سگهي ۽ اسان وٽان وڌندڙ بيمارين جو خاتمو اچي سگهي. انهي لاءِ مسجد جا خطيب صاحب به پنهنجي واعظن ۾ وڻ لڳائڻ جي نصيحت ڪن ته جيئن اهو پيغام هر خاص و عام ماڻهو تائين پهچي سگهي.

ڇاڪاڻ ته اها اسان سڀني جي اهم ذميواري آهي ته هن معاشري ۾ بهتر کان بهتر انساني خدمت ڪندي وڻن کي پوکيءَ ۾ پاڻ اڳتي اچون ته جيڪي آلودگيءَ جي وباءَ مان به هميشه جي لاءِ نجات حاصل ڪري سگهون ٿا. وڻ لڳائڻ حقيقي معنيءَ ۾ اسان پنهنجي ماحول کي هڪ بهتر روايت ڏانهن وٺي وڃڻ جي پيش رفت ڪريون ٿا ۽ سڌي ۽ اڻ سڌيءَ طرح انسانيت جي خدمت به آهي. خاص ڪري هرهڪ ضلعي جا ڊپٽي ڪمشنر صاحب پنهنجن ڪوششن سان ضلعي جي اهم مکيه روڊن رستن باءِ پاس جي لنگهه وٽان وڻ لڳائڻ لاءِ خصوصي انتظام ڪرڻ جي پهريان شروعات ڪري پوءِ سڀني سرڪاري کاتن ڊپارٽمينٽس کي پابند ڪيو وڃي ته هن عبادت ۾ وڌ ۾ وڌ حصو وٺي آلودگي ۽ گرمي مان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي. نه ته سائنسدانن موجب ايندڙ 10 سالن ۾ اڃان وڌيڪ 54 سينٽي گريڊ گرمي پد اچڻ سان انساني جانين سان گڏ چوپائي مال جانورن جو پڻ وڌو نقصان ٿيڻ لڳندو. ننڍڙي ڪوشش سان گهر جي ڇت، ڪنهن ڀت تي پاٽڙي يا ڪنهن به  ٿانون ۾ پاڻي رکيو وڃي جيئن پکي پکيئڙا پاڻي پي سگهن ۽ اهڙي ڪانو جي اک نڪرندڙ گرميءَ کان ڪجهه پکي بچي سگهن. شديد گرمي کان بچاءُ جو واحد حل ٻوٽا لڳايو وڻ بڻايو عملي طور مهم شروع ڪئي وڃي.

هن وقت مئي مهيني ۾ ڏسون ٿا ته پوري سنڌ ۾ گرميءَ جي ڪيڏي شدت درجا حرارت 50 کان وڌيڪ آهي، هر طرف سنسان روڊ رستا ويران گهٽيون محله پاڙا ڄڻ ته گرميءَ جي درجه حرارت اهڙو راڪاس گهمائي ڇڏيو هجي جو هر پاسي خاموشي ۽ سانت ڇانيل آهي بدقسمتي سان پنهنجي صوبي سنڌ ۾ وڻ ٻوٽا جيڪي هيا سي ڪٽي سٽي پڌري پٽ ڪيا ويا آهن ۽ ڪجهه سال اڳ به سنڌ جي مکيه روڊن رستن جي ٻنهي پاسن کان گهاٽا وڻن جا خوبصورت منظر ڏسندا رهياسين پر هاڻي ته پنهنجي سنڌ جي اڪثر باغ باغيچن ۾ وڻن جي ڪٽوتي جاري آهي. جيڪڏهن سنڌ جي شهرن ۾ لوڊشيڊنگ جي لعنت ويهه ويهه ڪلاڪ آهي ۽ گرمي پد 50 کان وڌيڪ عوام کي بي حال ڪري ڇڏي ته اهڙي گرمي مان نجات جو واحد حل وڻڪاري آهي. اسان سڀني کي ان مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي ته جيئن آلودگي جي خاتمي سان گڏ گرميءَ جي شدت کان محفوظ رهي سگهون.