بلاگنئون

وائيٽ هائوس ۾ آفريڪي صدر رامافوسا جي حاضر جوابي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي تيز مزاج طعنن، مھڻن ۽ سخت گير فيصلن ڪري ھميشه ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ۾ بحث هيٺ رھيو آھي. تازو ئي وائيٽ هائوس، واشنگٽن ڊي سي ۾ 21 مئي 2025ع تي آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي صدر سيرل رامافوسا وچ ۾ هڪ انتهائي سنجيده ۽ ڏُکي ملاقات ٿي. ظاهر آهي ته هي ملاقات ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ ڪشيدگيءَ کي گهٽائڻ لاءِ طئي ڪئي وئي هئي، پر ٽرمپ جي متنازعه بيانن ۽ غلط دعوائن هن دوري کي سفارتي بحران ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

هن ملاقات کان اڳ ئي آمريڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي چڪي هئي، خاص طور تي ان وقت جڏهن آمريڪا لڳ ڀڳ ڏکڻ آفريڪي جي 60 شهرين کي سياسي پناهه فراهم ڪئي هئي، جن جي پٺيان نسل پرستيءَ ۽ سياسي انتقام جا خدشا ظاهر ڪيا ويا هئا. انهن قدمن سان ڏکڻ آفريڪا جي حڪومت کي آمريڪي نيتن بابت شڪ پيدا ٿيو. رامافوسا، جيڪو هميشه سفارتي نرمي ۽ نيٽ ورڪنگ جو حامي رهيو آهي، هن ملاقات کي لاڳاپن جي بحاليءَ لاءِ هڪ موقعو سمجهيو، پر ٽرمپ جي انداز گفتگو هن جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.

ملاقات جي دوران ٽرمپ ڏکڻ آفريڪا ۾ “سفيد فام نسل ڪشي” جا الزام دهرايا، جيڪي هن اڳ به پنهنجي صدارت دوران ڏنا هئا. هن چيو ته سفيد فام ھارين کي ڄاڻي واڻي قتل ڪيو پيو وڃي ۽ سندن زمينون زبردستي کسيون پيون وڃن. پنهنجي دعويٰ جي حمايت ۾ هن هڪ وڊيو پيش ڪئي، جنهن ۾ اڇيون صليبون ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون، صليبون جيڪي 2020ع جي احتجاج دوران بطور علامتي اظهار لاءِ لڳايون ويون هيون، پر ٽرمپ انهن کي تدفين جي جڳهين طور پيش ڪيو. ان کان علاوه، هن مختلف ڪاغذ پيش ڪيا جن مان ڪيترن ئي ڪاغذن جو  ڏکڻ آفريڪا سان ڪو تعلق نه هو، جن مان هڪ تصوير جمهوريه ڪانگو جي هئي. ٽرمپ جي بيانن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ واري تحريڪ جي اڳواڻ جوليس ماليما جو نالو به شامل هو، جنهن جي اينٽي اپارٿائيڊ گيت کي نفرت جو گيت قرار ڏنو.

ان جي ابتڙ، صدر رامافوسا هڪ بيحد سنجيده، اعتماد ڀريو رد عمل ڏنو. هن ڏکڻ آفريڪا جي سرڪاري انگن اکرن، بين الاقوامي رپورٽن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي تحقيقن جا حوالا ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ ڪابه نسل ڪشي نه پئي هلي ۽ سفيد فام هارين جي قتل جو عنصر، ملڪ ۾ مجموعي ڏوهاري ماحول جو حصو آهي، جتي سڀني نسلن سان ظلمن جا واقعا پيش اچن ٿا ۽ گهڻا متاثر ٿيندڙ پاڻ ڪارا آفريڪي آهن.

رامافوسا، جيڪو نيلسن منڊيلا جي اخلاقي وراثت جو امين سمجهيو وڃي ٿو، جذبات کانسواءِ، اعتماد سان ٽرمپ جي الزامن کي رد ڪيو. هن پنهنجي وفد جي سفيد فام آفريڪي نمائندن کي به دعوت ڏني ته هو ٽرمپ جي سامهون ڳالهائين. هي حڪمت عملي نه رڳو حقيقت تي مبني هئي، پر اها بين النسلي هم آهنگيءَ جو اظهار به هئي.

ملاقات جي وچ دوران ھڪ دلچسپ صورتحال تڏھن پيدا ٿي، جڏهن هڪ رپورٽر ٽرمپ کان پڇيو ته آمريڪا طرفان قطر پاران تحفي طور ڏنل 400 ملين ڊالرن جو بوئنگ 747 جهاز قبول ڪيو ويو آهي يا نه ته ٽرمپ طيش ۾ اچي رپورٽر تي الزام لڳايو ته هو سفيد فام ھارين جي مسئلي تان ڌيان هٽائي رهيو آهي. اهڙي ماحول ۾ رامافوسا پنهنجي سفارتي حاضر جوابيءَ سان ماحول ۾ نرمي آندي. هن ٽرمپ کي مخاطب ٿيندي چيو: ‘ڪاش مون وٽ به اوهان لاءِ هڪ جهاز هجي ها!’ ٽرمپ مرڪندي چيو: ‘ڪاش هجي ها، مان وٺان ها!’ اهو طنز محض سياسي نه، پر اخلاقي ۽ سفارتي بصيرت جو اظهار به هو. ان جهاز جو معاملو اڳ ۾ ئي آمريڪي سياست ۾ اخلاقي ۽ قانوني بحث جو سبب بڻجي چڪو آهي. هي ملاقات عالمي سفارتڪاريءَ لاءِ سبق آهي ته ڪيئن سازشي نظريا، غلط ڄاڻ ۽ قومي سياسي ايجنڊا بين الاقوامي سطح تي لاڳاپن کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿا. ٽرمپ، جنهن جي سياست گهڻو ڪري ‘پوسٽ ٽرمپ’ واري دنيا جي علامت آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته فڪر کانسواءِ الزامن سان، حقيقي ۽ تعميري گفتگو جي جاءِ تي نفرت ۽ شڪ جي واڌ ويجهه ٿيندي آهي. هن صورتحال ۾ سماجي ميڊيا، ڊيجيٽل پليٽ فارمن ۽ ايلون مسڪ جهڙين بااثر شخصيتن جو ڪردار انتهائي اهميت وارو آهي، جيڪي ڪنهن به بي بنياد بيانيي کي عالمي سطح تي وڌائي سگهن ٿا. رامافوسا جي حاضر جوابي، تاريخي شعور ۽ ثقافتي حساسيت، هن جي قيادت جي پختگيءَ جو ثبوت آهي. ان جي ابتڙ، ٽرمپ جي بيانن مان سندس ذاتي سياسي مفادن ۽ سفيد فام ووٽرن سان همدرديءَ جو عنصر ظاهر ٿئي  ٿو.