ڀـون سـنـڌي: شـخـص ۽ فـن غلام نبي سومرو Sep 2020
شاعر، ليکڪ ۽ ترجمي نگار ڀون سنڌي نه صرف صورت جو من موهن شخص آهي، نرم مزاج، دوست نواز، پر راءِ ڏيڻ ۾ به بيباڪ، ڳالهه ڪبي ته سڌي ڪبي. زبان جا ور ۽ مصنوعيت هو ڄاڻي ئي ڪونه. زبردست مشاهدي، مطالعي ۽ ادب جي تخليق جي عمر ڀر جي رياض کي ساڻ کڻي هن جي شخصيت وڌيڪ دلڪش ٿي پئي آهي. آئون ۽ دوست وزير ميمڻ پيا هن سان ڪچهريون ڪندا آهيون، ڪجهه هن جي ٻڌندا آهيون ڪجهه پنهنجي ٻڌائيندا آهيون. ساٿ ۽ سنگت جي هيءَ ٽجوڙي جنهن کي ڪجهه سال ٿيا آهن اسين گڏ آهيون، گهر به پاڙي ۾ آهن. ادبي فنڪشن جيڪي سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي ڊاڪٽر نبي بخش هال ۾، سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۽ خانا بدوش رائيٽرز ڪيفي جيڪي لاڳيتو هڪ سڙڪ تي آهن، گڏ شريڪ ٿيندا آهيون. ها ڪڏهن ڪڏهن ڀون ڏيساور گهمڻ هليو ويندو آهي ته اسين دوست اڪيلائي محسوس ڪندا آهيون. ڀون هڪ بختاور شخص آهي، سفر هن جو نصيب آهي. پيو دنيا ڏسي ۽ انهيءَ جون مختلف ثقافتون ۽ سماج انهيءَ ڪري هن جي ڳالهين ۽ معاملن ڏانهن پهچ بين الاقوامي آهي ته آفاقي به آهي، اسان به کيس پيا ٻڌندا آهيون، هن جي سوچ ۽ مشاهدو شاهوڪار آهن، انهيءَ کان وڌيڪ اهم آهي هن جو تخليقي جهان.
شاعري، تحقيق ۽ ترجمي جو فن، بلا شڪ ادب جي دنيا ۾ هن قابل قدر ڪم ڪيو آهي. گذريل صديءَ جي يادگيري جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. سال 87-1986ع جي ڳالهه آهي سجاول شهر ۾ پنهنجن مائٽن ۾ وڃڻ پيو ٿيندو هو انهن جي شاندار اوطاق ۾ انتظام پيا ٿيندا هئا ماني ٽڪيءَ جا، ٽي وي، وي سي آر تي چونڊ فلمن جا. پڇبو هو ته چوندا هئا ته سائين ڀون سان ڪچهريءَ جا انتظام پيا ٿين. ڳوٺائي نينگر نانڪ گڏ هوندو هئس. مون اهي انتظام سدائين ڏٺا، پر ساڻن روبرو ملاقات نصيب ۾ ڪونه هئي، سبب شايد منهنجي مسافريءَ جي ترتيب هوندي هئي. واسطو ۽ سلسلو سندس ڪتابن جي رستي هلندو رهيو. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي وقت جي انهن ڏينهن کان اڄ تائين هڪ اهم اديب آهي ۽ لاڳيتو لکندڙ آهي.
پروفيسر نانڪ رام جو هاڻي سنڌ يونيورسٽي ۾ تدريس سان لاڳاپيل آهي، ڳوٺ جو آهي، گهر به پاڙي ۾ آهن ته هن سان ڄڻ روز ملاقات رهي ٿي. سائين ڀون جي صحبت ۾ هن کي به شاعريءَ جي لغار لڳل هئي ۽ قليچ تخلص ڪندو هو. شايد هو محترم مرزا قليچ بيگ کان متاثر هو.
مختصر ته سائين ڀون موجود هو، هن جا ڪتاب مطالعي هيٺ هئا، پر تڏهن به ملاقات نصيب ڪونه ٿي. ملاقاتون چار سال اڳ وزير ميمڻ ذريعي ٿيون، هاڻي ته گهڻيون ملاقاتون آهن ۽ قرب آهي. علمي ادبي خيالن جي ڏي وٺ آهي. جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو ته اسين گهمون ڦرون به گڏ ٿا. ادبي گڏجاڻين ۾ به گڏ شريڪ ٿيون ٿا. هو سدائين ڪنهن ٻاهرين ملڪ سفر جي صلاح به دلئون هڻندو آهي. اسان ٻنهي دوستن جي روايتي گريز جي ڪري اهو ممڪن نه ٿي سگهيو آهي، ڏسون سال 2020 ۾ شايد گڏجي گهمي سگهون.
سائين ڀون جي رفاقت غنيمت ۽ نصيب به. ڀون سائين جو جيئن ته تعلق ٽنڊو باگو شهر سان آهي مون ڀون صاحب جي تحريرن کي دل سان پڙهيو آهي. آئون هن جي تخليق جي سڀني زمانن جو پڙهندڙ آهيان. خوشنصيبي آهي جو اڄڪلهه ڄڻ هن سان روز جي رفاقت آهي. جيئن پنهنجي منهن مهانڊي ۾ خوش شڪل آهي تيئن دل جو به ڪونئرو آهي. اتي سندس شاعري به سرل ۽ نرمل آهي. ڪٿي جڏهن هو پنهنجي شاعريءَ ۾ شعله زن ٿئي ٿو ته اهو سندس پڪي پختي خيال جي ڪري به آهي. هو اسان جي هن ڪوڙهي سماج کي جيڪو هن کي لڳي ٿو ته پنهنجي ارتقا ۾ پويان وڃي رهيو آهي. آدميت ۽ انهيءَ جي احترام جي خلاف آهي ته پوءِ هن پنهنجي تحريرن ۾، شاعري ۾ هڪ علي الاعلان جنگ شروع ڪئي آهي ته هي سڀ ڪجهه ٺيڪ نه آهي. سماج کي احترام آدميت تي اچڻو پوندو اهو ئي هن جو آدرش آهي ۽ مون کي به يقين آهي ته انسانيت لاءِ ٻي ڪا واهه ۽ راهه نه آهي سواءِ احترامِ آدميت جي.
هن ترجما ڪيا آهن ته گهڻو ڪرشن چندر جي ڪتابن جا جو ترقي پسند تحريڪ جي اثر هيٺ پهرين درجي جو ليکڪ هو، اڄ به اوترو ئي جديد آهي جيترو هو، پنهنجي زماني ۾ هو، هن جو آدرش ۽ ڀون جو آدرش هڪ آهي. هن هتي انهيءَ تحريڪ ۽ انهن آدرشن جو علم کڻي ورتو آهي. جيئن ته هو پنهنجي طبيعت ۾ سادو سٻاجهو، پر لکڻ ۽ راءِ ڏيڻ ۾ هڪ بيباڪ شخص آهي ۽ ايماندار به. هو پنهنجي تحرير جي آدرش تي ڪو سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هو گذري ويل صديءَ جي تاريخ 11 جنوري 1954ع تي ٽنڊو باگو ۾ ڄائو جيڪو لاڙ جي معتدل موسم وانگي هڪ سانتيڪو شهر آهي، جنهن غير معمولي ماڻهو پيدا ڪيا آهن مير غلام محمد خان ٽالپر جنهن علائقي جي تعليم لاءِ انقلابي قدم کنيو، بي علمي جي ماحول ۾ علم جو جزيرو ٺاهيو. لارينس مدرسي جي صورت ۾ جديد تعليم جو بنياد رکيو. محترم محمد صديق مسافر جنهن ادب ۽ صحافين ۾ نئين رجحان جي ابتدا ڪئي. ڀون سياسي سماجي تحريڪن ۾ به اڳڀرو رهيو هن جي اندر جي بغاوت هن کي چين وٺڻ نه ڏنو، هو اڄ به انهيءَ راهه جي مسافرن سان گڏ آهي جيڪي بندهِ مزدور جي زندگي بدلائڻ چاهين ٿا. آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هڪ شاعر جڏهن پيدا ٿئي ٿو جيڪو سماج جي مروج نيم جو انڪاري هجي ٿو اها ڪهڙي سعيد ساعت ۽ ستارن جو ڪهڙو مستقيم سٽاءُ هجي ٿو جو شاعر پيدا ٿئي ٿو، ماڻهو ته هر سيڪنڊ ۾ پيدا ٿي رهيو آهي، پر هڪ شاعر لاءِ ورهيه انتظار ڪرڻو پوندو آهي. سموري حياتي ڀون هڪ جهد مسلسل ڪيو آهي. تعليم ۾ ٻن سبجيڪٽن ۾ پوسٽ گريجوئيشن، قانون جي علم جي ڊگري، توڙ تائين سياسي، سماجي جدوجهد جيئن هن سماج کي انسان جي رهڻ جي لائق بڻائي سگهجي. هو منهنجي نظر ۾ بنيادي طرح شاعر آهي، سندس طبيعت جي نفاست انهيءَ جي شاهد آهي، شاعر اهڙا ئي هوندا آهن سادا پر خاص. سندس شاعريءَ جو ڪتاب “سندري سپنا ۽ صليب” کوليو، ارپنا جون هي ٽي سٽون پڙهو ته شاعر جي اڏام جو اندازو ٿي سگهندو:
”ماڻهو مٽي ۽ مئه
اسان ارپيو جيون
جاني اوهان لاءِ.“
مختصر خيال، لفظ ٿورا پر عبرت اثر.
هيءَ سٽ ڏسو: ”بزدلي ۽ ڪانئرتا کان چريائپڻو بهتر آهي.“
هڪ ٻي سٽ: ”منهنجي وڏي خوشي جڏهن تو ۾ مون جهڙو فنڪار جنم وٺي.“
هر شاعر ۽ فنڪار کي پنهنجي خودي هوندي آهي، ڀون ۾ به اهو اعتماد آهي. هڪ نظم آهي سندس، جڏهن هو مظاهرِ فطرت سان هم ڪلام آهي. هڪ وابستا شاعري جو مثال:
”مون کان پڇين ٿو باغي ڇا لاءِ بيت لکين ٿو
مان پڇان ٿو سورج کان پڇ ڇو ٿو اڀرين؟
چنڊ کان پڇ ڇو ٿو چمڪين؟
بادل کان پڇ ڇو ٿو برسين؟
گل کان پڇ ڇو ٿو مهڪين
جي هو فطرت کان مجبور
مان به فطرت کان مجبور
منهنجي ملڪ جا مارو سانگي
اڌ اگهاڙا ڏکيا جهانگي
جن جو ڪوئي ناهي وانگي
اجهو نه اوڇڻ اونڌي دانگي
پوءِ به پڇين ٿو
باغي ڇا لاءِ بيت لکين ٿو
باغي ڇا لاءِ بيت لکين ٿو.“
ڇا ته زنده شاعري آهي، انهيءَ ۾ عوام جي درد جي ترجماني alas نظم جا ٻه لفظ “اونڌي دانگي” پڙهندي مون کي حيا پئي آيو ته بک ڇا هوندي آهي، يقينن ڪائنات به شرمائي هوندي، ڀون سائين! توهان پنهنجي حصي جو شاعري جو حق ادا ڪيو آهي، اهڙي شاعري جيڪا هڪ دردمند ۽ ذميدار شاعر ئي ڪري سگهي ٿو.
هن هڪ قطار ڪتابن جي لکي آهي، هڪ زندگيءَ ۾ ايترو قلمي پورهيو هڪ اڻ ورڇ ۽ پُر عزم ليکڪ ئي ڪري سگهي ٿو. سندس طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب هيٺين ريت آهن:
(1) درد بڻيو دلربا (2) گوري گهاگهر ۽ گوندر (3) محبت ماريا ماڻهو (4) ستارن پويان پوندڙ شخص (5) سندري سپنا ۽ صليب (6) اگهاڙپ جو فلسفو (7) پراڻو قرض (8) ڌرتيءَ جا چنڊ.
انهيءَ کانسواءِ هن مئگزينون مرتب ڪيون، سفر نامه، مضمون ۽ مقالا لکيا. اهو ايترو شاندار ڪم آهي جنهن جي اڄ به ضرورت آهي ۽ هميشه رهندي. لاڳيتو لکڻ هن کي هڪ تخليقي ليکڪ ثابت ٿو ڪري. پڙهندڙ جي ڪتابن جي شيلف لاءِ ڀون سنڌي ڪتابن جي هڪ قطار ڇڏي آهي، اها اهم ڳالهه آهي. انهيءَ ڪري به ته انهيءَ ۾ هن جو خون جگر شامل آهي، جو ليکڪ جي علم ۽ ادب لاءِ سنجيدگيءَ کي ظاهر ڪري ٿو.
ڀون سنڌي جو تازو ڪتاب “ڌرتيءَ جا چنڊ” جو سندس ڪتابن ۾ اهم ترين ڪتاب آهي. ڪتاب جو هن جي تحقيق جي فن تي گرفت کي ظاهر ڪري ٿو، هو هڪ لائق محقق آهي. ڪتاب جو پهريون مضمون سائين سچل تي آهي، عنوان اٿس سچل سرمست مون کي اهو فخر حاصل آهي ته اهو مضمون مون سندس زباني خانه فرهنگ ايران حيدرآباد ۾ ٻڌو، سڀني انهيءَ مضمون کي ٻڌو ۽ ساراهيو. انهيءَ مضمون لاءِ ڪتاب ۾ “ليکڪ پاران” واري حصي ۾ هن پاڻ لکيو آهي ته سچل سرمست جو سنڌ ۾ مذهبي رواداري، پيار، محبت ۽ ٻين انيڪ موضوعن کي شاعري جو روپ ڏيڻ ۾ پنهنجو نرالو انداز آهي. سچل سائين کانسواءِ خليفي نبي بخش، مير غلام محمد ٽالپر، محمد صديق مسافر، استاد منظور علي خان، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي، قاسم پٿر، سيد اڪبر، نٿو مل مورائي، ساحر پريمي، ڪنول لوهاڻو، شاهه رضا خان، غلام حسين رنگريز، مريم مجيدي، پرويز، پيار علي پريمي ۽ شاهد حميد تي مضمون شامل آهن.
ڪتاب ۾ پرمانند ڪنول تي به هڪ مضمون آهي. آئون پنهنجي ياد کي آواز ڏيان ٿو مون کي نظر اچي ٿو ته ڪنول ڪيترو نه من موهن شخص هو اسين سڀئي جوان هئاسين تڏهن هو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو ڄام جي هڪ گڏجاڻي ۾ آيو. ان وقت هو سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هو ۽ آئون زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام ۾ پڙهي رهيو هئس، پوءِ هن وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو ته مون بينڪاري، منهنجي پوسٽنگ به بدين ۾ هئي هو به بدين جي عدالتن ۾ ڪيس پيو وڙهندو هو، هو اسان کي جلد ڇڏي هليو ويو ڪنهن نئين جهان ۾، پر اڄ به مون کي لڳي ٿو ته هو آسمان ۾ ڪنهن چمڪندڙ ستاري جيان آهي، پر مون کي نظر نٿو اچي. ٽنڊي باگي ۾ اکين جي اسپتال آهي ليٽن رحمت الله بينيوولينٽ ٽرسٽ وارن جي، هڪ رات انهيءَ جي اڱڻ ۾ اسين ڪجهه دوست گڏ ٿياسين. ڊاڪٽر اعجاز نظاماڻي، آڪاش انصاري، ڪنول لوهاڻو، ڊاڪٽر بچل ميمڻ ۽ راقم، انهيءَ رات اڪيلائي ۾ هن مون سان اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه ڪئي ته “يار گهڻو وقت ٿيو آهي جو نه کليو آهيان نه رنو آهيان” رات هئي جا مون کي لڳو ته درد ۾ ٻڏي وئي، مون کي سخت تپرس ٿيو. ڳالهه ماحول کي اٻاڻڪو ڪري ڇڏيو ۽ ذهن ۾ آيو ته اسان جو هي دوست ڪنهن غم جي گهيري ۾ آهي. هن جي درد جو ڌڪ کائي مون کيس چيو “ڪنول! هڪ ڪمري ۾ تمام خوبصورت رنگين غاليچو ويڙهيو ويٽو ٿيو ڀت سان لڳو رکيو آهي، جيڪڏهن انهيءَ کي کولي وڇائجي ته انهيءَ جا رنگ، نقش، نرمي ۽ خوبصورتي جو ڪيترو نه اثر ٿئي ٿو. ماڻهو جو من موج سان ڀرجيو وڃي. حيران ڪندڙ جواب ڏنائين ته “اهو غاليچو ويڙهيل آهي يا ڪمري ۾ وڇايل آهي منهنجي لاءِ ٻنهي ۾ ڪو فرق نه آهي.” آئون حيران ٿي ويس انهيءَ جواب تي ۽ انهيءَ نتيجي تي پهتس ته زندگيءَ جي امنگ ۽ خوشي پرمانند ڪنول لوهاڻو کان موڪلائي چڪي آهي، انهيءَ رات گڏجي ٻئي رناسين. ڪجهه ئي وقت گذريو هوندو، سال ٻه ته هن زندگيءَ کان موڪلايو. شاعر ڪيئن نه پاڻ سان درد کڻي هلي ٿو، ڀون سان به ڪٿي ايئن هوندو، غم جي به ڪا لهر هوندي، پر هن جي اندر جو اڏول انسان طوفان سان مقابلي ۾ آهي. وري “ڌرتي جا چنڊ” ڪتاب تي ٿا اچون ته ڀون سائين هڪ شاعر، ترجمي ڪار، هن ڪتاب ۾ پاڻ کي اعليٰ پائي جو محقق ۽ مضمونگار ثابت ڪيو آهي. هو اسان جو هم عمر، همعصر آهي ۽ جديد دور جو انسان پڻ آهي. هن جي تحقيق ۽ مضمون نگاري جي فن جا ماڻا به جديد آهن ۽ انهن جي پيشڪش به نرالي آهي.
قاسم پٿر، پرويز، سيد اڪبر ۽ نٿو مل مورائي هن جي سياسي جدوجهد جا ساٿي رهيا آهن. مير غلام محمد ٽالپر ۽ محمد صديق مسافر به سندس ڳوٺ جا ٻه غير معمولي شخص آهن، اهڙا شخص جي تاريخ ٿين ٿا. اهڙا شخص ۽ انهن جو ڪم ضروري آهي ته ياد ڪيو وڃي، اهي علم جا چنڊ هئا. روشني روشني ماڻهو روشني جا اونداهي جي شڪست آهي، علم جيڪو جهالت جي انڌ تي وار آهي. اهي سڀئي شخص اهڙا هئا، روشن روشن ڌرتيءَ جا چنڊ، جن جي پکڙيل روشني اهڙو اهاءَ آهي جو اسين سڀ پڙهيل ماڻهو پنهنجا سر عقيدت سان جهڪايون ٿا. ڀون ڌرتيءَ جا چنڊ جا 18 مضمون لکي نه صرف قابل قدر ڪم ڪيو آهي ۽ اسان همعصرن ۽ پڙهندڙ کي انهن سان هڪ نئين ريت روشناس ڪرايو آهي ۽ اسان جي نوجوان نسل ۽ ايندڙ ٽهيءَ لاءِ هڪ رهنما ڪتاب تخليق ڪيو آهي. جنهن ۾ تحقيق ۽ تخليق جون نيون جهتون به آهن ۽ پنهنجي خطي جي اهم ڪردارن کي اسان جي سامهون آندو آهي. جيئن اسين سکي سگهون ۽ علم ادب، تحقيق ۽ شاعري جي شاهراهه کي سمجهي سگهون. جتي اهي قداور ۽ وشال بي بها شخصيتون موجود آهن. اسان چاهيون ته انهن کان سکي انهن جي نقش قدم تي هلون، ته اسان جي زندگي عملي ٿيندي ۽ علمي به. ڀون سنڌيءَ کي “ڌرتي جا چنڊ” ڪتاب لکڻ تي مبارڪون هجن.

