ڀيانڪ بنڪرن جي ڀُونءِ البانيا قسط – 8 (حصو ٻيو) ڀوَن سنڌي
ڀيانڪ بنڪرن جي ڀُونءِ البانيا
قسط – 8 (حصو ٻيو)
ڀوَن سنڌي
(2)بنڪ آرٽ-2 ميوزيم: هي ميوزيم ترانا جي سٽي سينٽر واري ايريا جنهن ۾ البانيا جي آزادي جي هيرو جي نالي سان سڪندر بيگ اسڪوائر آهي ۽ البانيا جي شهيدن جي قبرستان واري شاهراهه Deshmorete e Kombit Boulevard جي بلڪل ويجهو آهي. هن بنڪر جي مهاڙي ۾ ڪافي کليل ايريا آهي ۽ زمين مٿان اڌ گولائي شڪل ۾ قبي جيان ٺهيل آهي. انهيءَ ڪري هن جو ٻاهريون ڏيک مزار (درگاهه) جيان لڳي ٿو. جي اهو پنهنجي ديس ۾ هجي ها ته هيل تائين ڪو نه ڪو مجاور ويهي ئي رهي ها ۽ بس پوءِ درگاهه جي آمدني شروع ٿي وڃي ها. اهو آئون انهيءَ ڪري ٿو چوان ته مون پنهنجن سادن ماڻهن کي مڪليءَ ۾ لٽيرن جي قبرن تي به دعا گهرندي ۽ باس باسيندي ڏٺو آهي. هن بنڪر جي ٺهڻ جي عمل کي ايترو ته ڳجهو رکيو ويو هو جو ڪميونسٽ دور حڪومت جي وڃڻ کانپوءِ به گهڻو پوءِ يعني 2015ع ڌاري ان جي موجودگيءَ جي خبر پئي. جيئن ئي ماڻهن کي خبر پئي انهن تيش ۾ اچي بنڪر تي حملو ڪيو، پر سرڪار ان کي تباهه ٿيڻ کان بچائي ورتو. هن بنڪر کي جيڪو ٺهيو ته جنگي مقصدن لاءِ هو ۽ استعمال وري ڪميونسٽ حڪومت جي مخالف باغين کي اذيتون ڏيڻ لاءِ ٿيندو هو، ان کي نئين سري سان مرمت ڪري ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ ان کي نالو ڏنو ويو آهي بنڪ آرٽ-2 ميوزيم. هونئن ته هن بنڪر جي اندر نئين سر سان مرمت ۽ آرائش ڪئي وئي آهي، پر ماڻهن ان جي ٻاهرين قبي (Dome) کي جيڪو نقصان پهچايو ان کي اينوير هوجا جي ظلمتن جي دور کان نفرت جي اظهار طور ساڳي حالت ۾ برقرار رکيو ويو آهي. جيئن اتان هر لنگهندڙ ان ظلمتن جي يادگار (نشاني) کي ڏسي اهو درس (عبرت) حاصل ڪري ته نفرتون ۽ ظلمتون ڪڏهن به انسان جي ڪومل ۽ محبت ڀري دل ۾ جاءِ پيدا ڪري نٿيون سگهن.
هن ميوزيم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ميوزيم جي مٿان ٺهيل قبي (Dome) وٽان لڳل دروازي مان سيڙهيون لهي هيٺ وڃڻو پوي ٿو. جيئن ئي توهان هيٺ لهڻ شروع ٿيو ٿا ته توهان جي مٿان نظر ايندڙ قبي جي گولائيءَ ۾ ننڍا ننڍا تصويري فريم لڳل آهن. اهي تصويرون البانيا جي انهن شهيدن جون آهن جن پهرين ۽ ٻي عظيم جنگ ۾ جانين جو نذرانو ڏنو يا انهن کي وحشي حڪمرانن طرفان ماريو ويو. ان سان گڏ ان قبي ۾ انهن شهيدن جون تصويرون به لڳل آهن جن کي ڪميونسٽ دور ۾ ماريو ويو يا گم ڪيو ويو، جن جو اڄ تائين ڪو پتو ڪونه پئجي سگهيو آهي. اهي فوٽو فريم هڪ هزار جي لڳ ڀڳ آهن جن کي ڏسي البانين جي اک ته آلي ٿيندي ئي هوندي، پر ڪنهن به ضمير واري ماڻهو کي ڏک نه پهچي ايئن ٿي ئي نٿو سگهي. هاڻي توهان جڏهن ڏاڪڻون لهي اچو ٿا ته توهان زمين کان هيٺ انڊر گرائونڊ تهه تي پهچي وڃو ٿا. اتي ٻه نوجوان ڇوڪريون رسيپشن ڪائونٽر تي ويٺل آهن. ان ننڍي روم ۾ چوگرد جنگي نقشا ۽ مختلف فوٽو لڳل آهن جيڪي ماضيءَ ۾ برپا ٿيل ظلم جي تاريخ ۾ وٺي وڃن ٿا. هتي الباني ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ان دور جي شهيدن ۽ گمشده ماڻهن (Mising Persons) لاءِ خراج عقيدت جا ڪلمات به لکيل آهن.
بنڪ آرٽ-2 ميوزيم جي انٽري ٽڪيٽ 4 يورو (500 Lek) آهي. انٽري گيٽ تي ٽڪيٽ اسڪين ڪرڻ سان گيٽ کلي ٿو. ساڳئي وقت واپسي ۾ به ٻاهر نڪرڻ لاءِ ٽڪيٽ اسڪين ڪرڻي پوي ٿي. هن ميوزيم جو انٽري گيٽ ۽ ايگزٽ الڳ الڳ جڳهين تي آهن، هي ميوزيم سومر کان خميس صبح 9 وڳي کان شام 6 وڳي تائين ۽ جمعي کان آچر صبح 9 وڳي کان شام 7 وڳي تائين کليل رهي ٿو. بنڪ آرٽ-2 ميوزيم دراصل بنڪر آهي جنهن کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هن بنڪر کي ميوزيم ۾ تبديل ڪرڻ جي پروجيڪٽ جو خيال پيش ڪندڙ Carlo Bollino آهي جيڪو هن ميوزيم جو منتظم (Curator) به آهي. جڏهن ته ان لاءِ تاريخي ريسرچ جو ڪم Admirina Pecc جي سربراهي ۾ ٿيو ۽ هن پروجيڪٽ ۾ سهڪار البانيا جي اين. جي. او Qendra Ura ڪيو. بنڪر-1 ميوزيم جنهن جو پاڻ اڳي ذڪر ڪري آيا آهيون. ان بنڪر کي به ميوزيم ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪم ساڳئي اداري جو ڪيل آهي. بنڪ آرٽ-1 ميوزڪ کي نومبر 2014ع ۾ عام ماڻهن لاءِ کوليو ويو. جڏهن ته بنڪ آرٽ-2 ميوزيم پبلڪ لاءِ 19 نومبر 2016ع ۾ کوليو ويو.
هاڻي پاڻ ٽڪيٽ وٺي انٽري گيٽ تي اسڪين ڪري هليا آيا آهيون بنڪر جي اندر. هي زير زمين بنڪر 1000 ميٽر اسڪوائر (هڪ ڪلو ميٽر) ايراضي تي ڦهليل آهي. هن ۾ ننڍا وڏا 40 ڪمرا آهن، هن جي تعميرات ۾ سريو، پٿر، ڪنڪريٽ، سرون ۽ سيمينٽ استعمال ٿيل آهي. ان جون ديوارون 2.4 ميٽر ٿلهيون آهن. ان بنڪر جي ڪمرن ۾ ڪميونسٽ دور ۾ ماڻهن تي ٿيل وحشي تشدد سبب ديوارين، ڇتين ۽ فرش تي لڳل رت جي ڇنڊن ۽ ٻين نشانن کي رنگ ڪري مٽايو ويو آهي ته جيئن ماڻهو ذهني يا نفسياتي دٻاءُ يا حراسمينٽ کي دل تي نه وٺن. هن تاريخي ميوزيم ۾ 1912ع کان 1991ع تائين جي واقعن جي ڀرپور عڪاسي ڪئي وئي آهي. پهرين ۽ ٻين عظيم جنگ ۾ البانيا جي ماڻهن جيڪو ڀوڳيو ان جي نشاندهي سان گڏ خصوصن 1944ع کان شروع ٿيندڙ اينوير هوجا جي ڪميونسٽ دور کان ويندي 1991ع ۾ ان جي دور جي خاتمي تائين جي واقعن ۽ ماحول کي ھن ميوزم ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي. اينوير هوجا جي سياهه دور ۾ سيگوريمي پوليس جي وحشت ناڪ ڪارروائين جا منظر ڏسيو دل دهلجي وڃي ٿي ۽ ماڻهو ڊپ ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو. هي مڪمل آڊيو وڊيو ميوزيم آهي جيڪو البانيا جي هيبت ناڪ ماضيءَ جو منظر پيش ڪري ٿو. هن ميوزيم کي ڪميونزم جي دور جي وحشتن جي ماريل مظلومن جي نانءُ منسوب ڪيو ويو آهي.
هن بنڪر جو سڄو ماحول ڀيانڪ ۽ ڊيڄاريندڙ آهي. سوڙها ۽ تنگ ڪمرا، سوڙھيون گهٽيون، ننڍيون ڇتيون. جيتوڻيڪ هن وقت ان ۾ ڊم لائيٽنگ ڪيل آهي ۽ وائٽ واش به ڪيل آهي، پر تصور ڪريو ته تڏهن هتي ڇا محسوس ٿيندو هوندو. جڏهن انسان اونداهي، تنگ ڪمرن ۽ گهٽيل ماحول ۾ زندگيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون ڪٽيندو هوندو! ۽ اتي هر پل ڪيڏو نه ڪرب ناڪ ۽ باري محسوس ٿيندو هوندو!! هن بنڪ آرٽ-2 ميوزيم جيڪو هونئن ته اينوير هوجا جي وقت ۾ تيار ٿيو ۽ ان جي دور جي سياهه ڪارين ۽ بربريت ۾ استعمال ٿيو، پر ان ۾ 1912ع کان وٺي 1991ع تائين جي البانيا جي درد ڀرين ڪهاڻين جا داستان محفوظ ڪيا ويا آهن. 1912ع کان 1944ع تائين پرڏيهي حڪمرانن جو دور جنهن ۾ پهرين ٻي عظيم جنگ واري دور ۾ هزارين ڪونڌر ڪٺا ويا ۽ ڪئين ڪنواريون عورتون، حاملا ۽ شادي شده عورتون بيواهه ڪيون ويون. فاشسٽ مسوليني جي سياهه ڪارين جا درد ڀريا داستان ۽ ان دور جا جنگي هٿيار، جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪميونيڪيشن جون مشينون، سپاهين جا لباس وغيره هن ميوزيم ۾ رکيا ويا آهن. ساڳئي وقت 1944ع کان وٺي 1991ع تائين جي ڪميونسٽ دور ۾ جيڪي انسان سوز حرڪتون ڪيون ويون ان جا داستان به هن ميوزيم ۾ موجود آهن. ان زماني جي بدنام زمانا پوليس سيگوريمي جنهن کي هن وقت جي CIA سان ڀيٽي سگهجي ٿو، ماڻهن تي جيڪي ظلم ڪيا انهن جا قصا به هن ميوزيم ۾ محفوظ ڪيا ويا آهن. ماڻهن کي قيد تنهائي ۾ اڇلڻ، ڦاسيون ڏيڻ، گم ڪرڻ، ٽارچر ڪري مارڻ مطلب ته اهو سڀ ڪجهه جيڪو اينوير هوجا جي دور ۾ ٿيو، ھتي ڏسي لڱ ڪانڍارجو وڃن ٿا. هن ميوزيم ۾ مسخ شده لاشن، اذيت گاهن ۾ ٿيل عقوبتون مجسمن (Sculptures)، فوٽو گرافس ۽ آڊيوز ۽ وڊيوز جي ذريعي ڏيکاريو ويو آهي. نه صرف اهو پر ٽارچر سيلن ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار، هٿيار، باغين جا لباس، سپاهين جون ورديون، فرنيچر، وائرليس سيٽ، ٽائپ رائيٽر، ٽيليفون، آفيس جو سيٽ اپ، خاردار تارون، جيلن جا لوهي گرل وارا دروازا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه هن ميوزيم ۾ سيٽ ڪيو ويو آهي، جيڪو ان بربريت جي دور ۾ وٺي وڃي ٿو ۽ ماڻهو پاڻ کي هڪ واري شهر مان نڪري خوفناڪ جهنگل ۾ محسوس ڪري ٿو ۽ پنهنجي بيوسي تي ماتم ڪندي نظر اچي ٿو. هڪڙي ڪمري مان ٻئي ۽ ٻئي مان ٽئين ۾ ۽ ايئن جڏهن مختلف ڪمرن کي ڏسڻ لڳس ته سوچيم: ڇا انسان ايتري قدر به وحشي ۽ درندو ٿي سگهي ٿو؟ ڦاسي گهاٽن ۾ لٽڪندڙ لاشا نفيس انسانن کي چيرڻ ڦاڙڻ ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار، محض پنهنجين انائن کي تسڪين پهچائڻ لاءِ استعمال ۾ ايندڙ جنگي هٿيار ۽ مشينون، انسان ذات جي ڀلائي ۽ محفوظ آئيندي لاءِ نظرين، فڪرن ۽ عقيدن جي نالي ۾ بدمعاشين، جنگين ۽ ظلمن کي ڇا مهذب پڻي، تهذيبي قدرن، نظرين ۽ اخلاقيات ۾ جسٽي فاءِ ڪري سگهجي ٿو؟ اهي ڪمرا، انهن ۾ وحشيت جو ماحول ۽ پسمنظر ۾ هلندڙ آڊيو ۽ وڊيو ڏسي منھنجا تہ ھوش حواص ئي خطا ٿي ويا. جن اهڙي اذيت ۽ ڪربناڪ ماحول ۾ زندگي گذاري هوندي انهن تي ڇا وهيو واپريو هوندو!؟ اٿاهه اوندهه، بي انتها تشدد، نه ڏينهن جي خبر نه رات جو پتو. ڇا آئيندي جا خواب ڏسندڙن جي اها ئي سزا آهي؟ ڇا آزاد هوا ۾ ساهه کڻڻ ۽ پنهنجي حساب سان سوچڻ ايڏو وڏو گناهه آهي جو ان لاءِ ايڏي وڏي سزا!؟ پهرين ۽ ٻين عظيم جنگ جو، جي ڪاٿو لڳائجي ته انسان کي ڇا مليو؟ امن آشتي سک ۽ روشن آئندو جنهن لاءِ هي جنگيون ڪيون ويون انهن ته انسانن کي مورڳو ئي اونداهين کاهين ۾ اڇلائي ڇڏيو! ڪامريڊ ڪارل مارڪس طرفان انساني ڀلائي لاءِ متعارف ڪرايل ڪميونزم جو نظريو جنهن کي عملي شڪل ڪامريڊ لينن ڏني، ڪنهن کي اميد هئي ته انهن جا پويان اهڙي بربريت پکيڙي ڇڏيندا جو ماڻهن کي ڪليسائي جنگيون ۽ مذهبي خونريزيون به وسري وينديون.
چوندا آهن ته وٽو کڻي هڪڙو واٽ وڃي سڀني جي. اينوير هوجا ۽ ان جي ماتحت بدنام زمانا پوليس سيگوريمي ماڻهن سان اهڙي حالت ڇڏائي جو ڪميونزم جو نظريو جيڪو عام ماڻهن جي برابري، خوشحالي ۽ آئندي جو ضامن هو، عوام لاءِ گار ۽ نفرت جو باعث بڻجي ويو. هونئن ته اينوير هوجا جي دور ۾ ماڻهن کي ڏنل ڦاسين جو تعداد تقريبن هڪ لک آهي جن مان 6027 ماڻهن جو تفصيل هن ميوزيم ۾ ڏنل آهي. هن جي ظالمانه دور ۾ 34000 ماڻهن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو. 50000 کان مٿي ماڻهن کي قيد تنهائي ۽ ٽارچر سيلن ۾ رکيو ويو. هن ميوزيم جي هڪ هڪ ڪمري ۽ ڪاريڊور جي چپي چپي ۾ ظلم جي داستانن جا عڪس ۽ اولڙا موجود هئا جيڪي منهنجي دل ۽ دماغ ۾ ڀيانڪ روپ ۾ ايڪو جيان گونجي رهيا هئا ۽ مون کي بي چين ڪري رهيا هئا. انتهائي ڪوفت واري ماحول ۾ هاڻي آئون چاڙهيون چڙهي ميوزيم کان ٻاهر نڪرڻ واري رستي ڏانهن وڌڻ لڳس. منهنجي اڳيان پويان، سڀني پاسن کان اهي ماضيءَ جا درد ۽ ڪرب ڀريا داستان ڦرڻ لڳا. آمر اينوير هوجا، سيگوريمي پوليس جون سياهه ڪاريون، پهرين ۽ ٻين عظيم جنگ جون البانيا ۾ تباهه ڪاريون… هاڻي آئون مٿي چاڙهيون چڙهي ايگزٽ گيٽ تي ٽڪيٽ اسڪين ڪري تهه خاني (انڊر گرائونڊ) ۾ ٺهيل بنڪر مان ٻاهر نڪري آيو آهيان واپس کليل رستن تي، جتي زندگي روان دوان آهي. هوا کليل آهي نه ڪا گهٽ نه ڪا ٻوسٽ ۽ نه ڪا بيچيني، ماڻهو بي فڪر ۽ آزاد گهمي ڦري رهيا آهن. اهو ماضي هو جيڪو مون ڏٺو. آمر سوليني، ڊڪٽيٽر اينوير هوجا، سيگوريمي پوليس، اڄ انهن جو ڪو وجود ڪونهي مون کي ذهن تي تري آئي آهي فلمساز ۽ ڊاريڪٽر رياض شاھد جي فلم زرقا، جنهن ۾ نيلو لاجواب اداڪاري ڪئي هئي. ساحر لڌيانوي جا ٻول ”ظلم ڦر ظلم هئه ڀڙتا هئه تو مٽ جاتا هئه.“ هاڻي اهو ظلم به نه رهيو ۽ ظالم به نه رهيا، پر تاريخ ۾ انهن تي ڦٽڪار ۽ لعنتاڻو سدائين رهندو ۽ زندگي حال ۾ پنهنجي خوشنما سرگرمين سان مستقبل (آئندي) ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکندي ايندي. اهو سوچيندي مون کي پنهنجو ديس ياد اچي ويو. البانيا جا ماڻهو جيڪي ڪالهه ظلمتن جو شڪار هئا پنهنجو آئندو جوڙڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن. ڪالهه تائين يورپ ۾ هئڻ جي باوجود به البانيا جو پوئتي پيل هئڻ سبب يورپي يونين ۾ وڃڻ هڪ خواب هو، پر اڄ هو جنهن رفتار سان ترقي ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجن ادارن کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري معيشت بحال ڪري رهيا آهن، ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ان کي يورپي يونين جي برادري (ميمبر شپ) ۾ شامل ڪيو ويندو. ڇا پنهنجو ديس بہ غربت ۽ بدحالي کي دور ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺي نٿو سگهي؟ ڇا ڪرپشن جي ڪلچر کي جڙ کان ختم ڪري ترقي جي روشن راهن ڏانهن وڌي نٿو سگهي؟ بلڪل وڌي سگهي ٿو، بس ان لاءِ ضرورت آهي باڪردار ۽ ايماندار قيادت جي، پر اها ايماندار ۽ باڪردار قيادت اچي ڪٿان؟ جي حڪمران پاڻ نه سڌاريو ته عوام خود پنهنجو رستو ڳوليندو ۽ انهن جا پٽڪا ڌوڙ ڪري ڇڏيندو. جي البانيا جو عوام بدحالي ۽ ظلمتن جي گهرين غفائن مان نڪري سگهي ٿو ته يقينن هڪ ڏينهن اسان جو عوام به سڀ ظلمتن جون نشانيون ڊاهي، بدحالي جون لڪيرون ميٽي روشن آئندي ڏانهن اڳتي وڌندو. (پورو ٿيو)