ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ پاران منعقد ”جشن لطيف“ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
نيڻَ نِهائينءَ جان، سُتي لوڪَ ڍَڪِيان،
اُجهامِيو ٻَران، توکي ساريو سپرين!
سنڌ جي ڌرتيءَ تي هميشه الله پاڪ جي اها هڪ خاص مهرباني رهي آهي جو سنڌ جي ڌرتيءَ تي هميشه عظيم ۽ ڏاهن انسانن ئي جنم ورتو آهي، پوءِ اُهي سٺي ۽ بهترين ليکڪ جي صورت ۾ هجن يا ڀلوڙَ شاعِرَ ۽ ڀلوڙَ موسيقارَ وغيره هجن، پر هتي ذڪر ڪجي ٿو سنڌ جي نامدار (Renowned) ليکڪ ۽ لکڻين جي بادشاھَ سائين پروفيسر نور احمد جنجهي صاحب جو، جيڪو سنڌ ۾ هن دور جو هڪ بهترينClassical writer طور اُڀريو آهي، جنهن پنهنجي فن سان لسانيات، لوڪ ادب، لغات نويسي، ترجمي، ايڊيٽر شپ، تعليم ۽ سِکيا جي ميدان ۾ تمام گهڻو قابلِ قدر ۽ اثرائتو ڪم ڪيو آهي.
ليکڪ نور احمد جنجهي صاحب جن جو لکيل ڪتاب “سنڌ جي سِينڌ ميري نه ٿئي” جي عنوان سان نظرن مان گذريو.
سڀ کان پهرين ڳالھ اِها ته هن ڪتاب جو نالو “سنڌ جي سِينڌ ميري نه ٿئي” ئي تمام گهڻو اثرائتو لڳي ٿو ۽ يقينن اسان کي ڪتاب پڙهڻ تي مدعو ڪري ٿو.
هن ڪتاب جي فهرست ۾ تمام اھم ۽ هن دور جي ضرورتن آهر بحث ڇيڙيل مضمون شامل آهن، جن مضمونن تي ليکڪ تمام سٺو ۽ ڪارائتو لکيو آهي.
جڏهن هي ڪتاب منهنجي سامهون آيو پوءِ اُهو سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي آفيشل ويب سائيٽ تان(pdf) جي صورت ۾ ئي صحيح، پر مُون جڏهن هن ڪتاب کي پڙهيو پئي ته يقينن بلڪل ايئن محسوس ٿيو پئي ته آئون هڪ نئين ليکڪ ۽ سچي انسان کي پيو پڙھان.
“سنڌ جي سِينڌ ميري نه ٿئي” ڪتاب ۾ نور احمد جنجهيءَ جن به مضمونن تي لکيو آهي، اُهي بلڪل حقيقت جي بنياد تي ٻڌل بحث آھن. ۽ اسان وٽ اهڙن ڪتابن جي سخت ضرورت آهي. هاڻي اسان جا ڪيترائي بنيادي مسئلا ۽ ڪيترائي سوالَ آهن، جن جا جَوابَ هيءُ ڪتاب “سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي” ڏئي ٿو. اڄ ھر باضمير ۽ باشعور انسان آڏو ڪيترائي اھم سوالَ آهن. جيئن هن ڪتاب ۾ ليکڪ سنڌ جي تمام اهم ۽ بنيادي مسئلي “تعليم” تي تمام گهڻو اثرائتو لکيو آهي، ان ۾ تعليم جا مسئلا ڪهڙا آهن؟ تعليم جي مسئلن جا حل ڪهڙا آهن؟ تعليم کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جهڙيون بنيادي ۽ اهم ڳالهيون ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه ليکڪ سنڌ جي سماج، ان جي مختلف رُخن، سنڌي سماج ۾ ڪهڙا مسئلا آهن؟ ۽ سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ غريب توڙي امير ماڻهن جي زندگيءَ جو ڪار وهنوار ڪيئن هلي ٿو؟ هن ڪتاب ۾ سنڌ جا سياسي، سماجي، تحقيقي ۽ تاريخي مضمون شامل آهن. چونڊ(Election) ۽ چونڊ مهم(Election Campaign) جهڙن اهم مسئلن ۽ ان جي بهتر حل تي به ليکڪ تمام سٺو لکيو آهي، هاڻي اِهي سڀ مٿي ٻڌايل اهم مسئلا آهن، جيڪي سنڌ جي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ هڪ ڄاڻ جي ذريعي طور تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. جن تي لکڻ تمام ضروري آهي، جيڪو سنڌ جي هن ڀلوڙَ ۽ نرالي ليکڪ پنهنجو ڪم سرانجام ڏنو آهي. جڏهن چونڊن جو وقت ايندو آهي ته سنڌ ۾ اُن جو ڄڻ ته چوٻول مچي ويندو آهي ۽ سياستدانن جي وچ ۾ گرما گرمي عُروج تي پهچي وڃي ٿي.
اِنهن موضوعن کان علاوه هن ڪتاب ۾ سنڌ جي عورت ۽ عورتاڻي سماج، سنڌ جي ميلن، سنڌ جي بجيٽ، سنڌ جي سُرن سميت سنڌ جي موسيقيءَ ۽ ٻين موضوعن تي مشتمل 28 مضمون شامل آهن.
آئون سمجهان ٿو ته جهڙي نموني ليکڪ لکيو آهي، اُهو اسان پڙھندڙن جي لاءِ تمام گهڻي ڄاڻ جو ذريعو آهي. بس لکيل ته گهڻو ئي ڏاڍو ڀلو آهي، پر هاڻي صرف ضرورت ان ڳالھ جي محسوس ٿئي ٿي ته اسان اِنهن تحرير ٿيل شين کي ڪيئن ۽ ڪيترو پڙھون ٿا.
هي نرالو ليکڪ اسان جي سنڌ جي خاص ڪري نوجوانن توڙي هر طبقي جي ماڻھوءَ جي لاءِ اُتساھ جو اعليٰ مثال اسان سڀني جي سامهون آھي ۽ يقينن هن ليکڪ کي پڙھندڙن جي اڪثريت به سنڌ جي نوجوان طبقي جي ئي آهي.
هن ليکڪ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ شايد مُون وٽ اُهي ايترا لفظَ ئي ناهن، جو سائين نور احمد جنجهي صاحب کي ڀيٽا پيش ڪري سگهان ۽ يقينن اهڙا ليکڪَ، هِن درجي جا، اِن سوچ ۽ فِڪر جا ماڻهو هميشه پنهنجي وطن جي لاءِ پنهنجي خيال مطابق پنهنجي قلم جي پورهئي جي ذريعي پنهنجو وقت صَرف ڪندا آهن.
سنڌ جي هن ڀلوڙَ ليکڪ ۽ سنڌ جي هر ماڻھوءَ سان محبت ڪندڙ، هن محبتي انسان لاءِ دل جي گهرائين سان تمام گهڻيون نيڪ تمنائون ۽ دُعائون ته شال الله پاڪ هن ليکڪ جي قيمتي پورهئي کي سدائين سنڌ واسين، نوجوان توڙي هر طبقي جي لاءِ سجايو بڻائي! ۽ شال کيس ڪڏهن به سنڌ ديس جي ڌرتيءَ تي ڪوسو واءُ به نه لڳي! (آمين).
وَسي ڀِٽَ تنهنجي ڀلارا سَدا
ڀلي ديس پرديس سارا وَسن
اسان سنڌ وارن ازل کان “اياز”!
ڪنهن لاءِ مدي سمائي نه من.
***