ڄامشورو ۾ منشيات فروش سرور راهپوٽو پ پ ايم اين اي سڪندر راهپوٽو جو سڳو ڀاءُ آهي: حليم عادل شيخ

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آھي ته ڄامشورو ۾ منشيات فروش سرور راهپوٽو پ پ ايم اين اي سڪندر راهپوٽو جو سڳو ڀاءُ آهي، سرور راهپوٽو 8 سالن کان سي آءِ اي سينٽر جو انچارج آهي، ڄامشورو ۾ ايس ايس پي سوڌو پوليس ۾ بدليون ۽ مقرريون سندس مرضي سان ٿينديون آهن، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر طرفان سي آءِ اي ڄامشورو جي موبائيل مان چرس هٿ اچڻ واري مامري تي بيان، اينٽي نارڪوٽڪس فورس کان سموري سنڌ ۾ منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو مطالبو، حليم عادل شيخ چيو ته پوليس جو ڪم منشيات فروشي نه پر عوام جي خدمت ۽ منشيات جي روڪٿام ڪرڻ آهي، ٻڌايو وڃي ته سرور راهپوٽو جي پٺڀرائي ڪير ڪري رهيو آهي؟..

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments