چار آسان طريقن سان بهتر عادتون ڪيئن ٺاهي سگهجن ٿيون؟ سنڌيڪار: فضا قريشي

1989 ۾ ماهر نفسيات ايڊورٽ ٿورنڊائيڪ هڪڙي تجربي وسيلي ان ڳالھ جا بنياد رکيا ته عادتون ڪيئن جوڙجن ۽ ان سان روين کي بهتر بنائڻ لاءِ هدايت پڻ ملي. ٿورنڊائيڪ جانورن جي روين تي ڪم ڪرڻ جو شوقين هو ۽ هن ڪم ڪرڻ جي شروعات ٻلين تي تجربن ڪرڻ سان ڪئي.

هن هر ٻلي کي هڪڙي دٻي ۾ بند ڪيو جنهن کي هن “پرولي وارو دٻو” نالو ڏنو. دٻو اهڙي نموني ٺهيل هو جو ٻلي دروازي مان ٻاهر نڪري ٿي سگھي پر “ڪجھ ننڍڙا سادڙا ڪم ڪرڻ کانپوءِ، جهڙوڪ ڌاڳي جو سرو ڇڪڻ، ليور دٻائڻ يا ڏاڪن تان ٽپڻ.” مثال طور: هڪڙي دٻي ۾ ليور اهڙي طرح لڳل هو جو جڏهن ان کي دٻائجي ته دٻي جي پاسي ۾ لڳل دروازو کلي ٿي ويو. هڪڙي ڀيري دروازو کلي وڃي ته ٻلي جمپ ڏيئي ٻاهر نڪري ٿي سگھي ۽ کاڌي جي پيالي ڏانهن ڊوڙ پائي ٿي سگھي.

ڪيترين ئي ٻلين کي جيئن ئي اندر واڙيو ويو ته انهن ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن پنهنجا نڪ ڪنڊن ۾ هڻڻ شروع ڪيا، جتي جتي به سوراخ هئا اتي پنهنجا چنبا هنيا ۽ وکريل شين کي پنهنجن تيز ننهن سان رهڙيو. ان جدوجهد جي ڪجھ ئي منٽن کانپوءِ، ٻلين ان جادوئي ليور کي دٻايو، دروازو کلي ويو ۽ اهي آزاد ٿي ويون. 

ٿورنڊائيڪ هر ٻلي جي روئي کي ڪيترائي ڀيرا تجربو ڪري ڏٺو. شروع ۾ جانور دٻي جي چوڌاري وائڙن وانگر پئي ڦريا، پر جيئن ئي ليور دٻيو ۽ دروازو کليو، سکڻ جو عمل شروع ٿي ويو. ڏاڪي به ڏاڪي، هر ٻلي اهو سکي ورتو ليور کي دٻائڻ سان ئي ٻاهر نڪرڻ جو مزو ۽ کاڌي حاصل ڪرڻ جو انعام لاڳاپيل آهي.

ويهن کان ٽيهن ڀيرن جي تجربي جي ورجائڻ کانپوءِ، اهو رويو ايترو ته خودڪار ٿي ويو جو ٻلي چند سيڪنڊن جي اندر ئي ٻاهر نڪري ٿي آئي. مثال طور: ٿورنڊائيڪ نوٽ ڪيو ته “ٻلي نمبر 12 هيٺيون وقت ورتو: 160 سيڪنڊ، 30 سيڪنڊ، 90 سيڪنڊ، 60، 15، 28، 20، 30، 22، 11، 15، 20، 12، 10، 14، 10، 8، 8، 5، 10، 6، 6، 7.”

شروع وارن ٽن ڀيرن ۾، ٻلي سراسري طور نڪرڻ ۾ ڏيڍ منٽ ورتو. آخري ٽن ڀيرن ۾ هن سراسري طور 6.3 سيڪنڊ ورتا. ورجاءُ جي ڪري هر ٻلي ڪي چند غلطيون ڪيون ۽ سندن عمل تيز ۽ خودڪار بڻجي ويو. ساڳين غلطين ڪرڻ بجاءِ، ٻلي سڌو حل طرف رخ ڪرڻ شروع ڪيو.

هن تحقيق مان، ٿورنڊائيڪ سکڻ جي عمل کي هيئن بيان ڪري ٿو: “روين پٺيان اطمينان بخش نتيجن جو ورجاءُ آهي ۽ جيڪي رويا، ناپسنديده نتيجا پيدا ڪن ٿا، انهن جو بار بار ٿيڻ جو انديشو گهٽ آهي.” اسان جي پنهنجي زندگين ۾ عادتون ڪيئن ٿيون جڙن، سندس ڪم، انهيءَ بحث کي اڳيان وڌائڻ لاءِ هڪڙي بهترين شروعات ٿي سگھي ٿي. اهو ڪم ڪجھ بنيادي سوالن جا جواب پڻ مهيا ڪري ٿو، جهڙوڪ: عادتون ڇا آهن؟ ۽ ذهن انهن عادتن کي ڇو ٿو جوڙي؟

اوهان جو ذهن عادتون ڇو ٿو جوڙي:

عادت دراصل اهڙي رويي جو نالو آهي جيڪو ايترا ڀيرا ورجايو وڃي جو اهو عمل خودڪار بڻجي پوي. عادتن جڙڻ جو عمل دراصل “ورجاءُ- غلطي” واري نظام تي ٻڌل آهي. جڏهن اوهان زندگي ۾ ڪنهن نئين صورتحال کي منهن ڏيو ٿا ته اوهان جو ذهن هڪڙو فيصلو ڪري ٿو. “مون کي ان صورتحال کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي؟” جڏهن پهريون ڀيرو اوهان جي سامهون اهو مسئلو اچي ٿو  ته اوهان کي خبر ناهي هوندي ته ان کي ڪيئن حل ڪجي. ٿورنڊائيڪ جي ٻلي وانگر اوهان هر شيءِ ڪري ڏسندا آهيو ته ڪهڙي شيءِ ڪارائتي ثابت ٿئي ٿي.

دماغ ۾ اعصابي سرگرمي هن عرصي دوران وڌي ٿي. توهان احتياط سان صورتحال جو تجزيو ڪري رهيا آهيو ۽ باضابطه فيصلا وٺي رهيا آهيو ته عمل ڪئين ڪجي. توهان ڪيتري ئي نئين معلومات کي گڏ ڪري رهيا هوندا آهيو ۽ اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش پڻ ڪري رهيا هوندا آهيو. دماغ، عمل جي ڪارروائي کي تمام موثر نموني سکڻ ۾ مصروف هوندو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻلي جي ليور دٻائڻ وانگر، توهان هڪ ٺوڪر کائي حل ڳولهي لهو ٿا. توهان بيچيني محسوس ڪري رهيا آهيو ۽ پوءِ توهان دريافت ڪيو ته هڪ ڊوڙ توهان کي آرام ڏئي ٿي. توهان ڪم جي هڪ ڊگهي ڏينهن کان ذهني طور تي ٿڪي چور ٿي چڪا آهيو ۽ توهان سکو ٿا ته وڊيو راند کيڏڻ توهان کي آرام ڏي ٿي. توهان ڳولا ڪريو ٿا، ڳوليندا رهو ٿا ۽ پوءِ اوچتو هڪ انعام ملي ٿو.

اوچتو غير متوقع انعام ۾ آپڙجي پوڻ کانپوءِ، توهان ايندڙ وقت لاءِ پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪيو. توهان جو دماغ فورن انهن واقعن جي فهرست ڏيڻ شروع ڪري ٿو جيڪي انعام کان اڳ هئا. “هڪ منٽ ترسو ، اهو سٺو محسوس ٿيو. مون هن کان پهرين ڇا صحيح ڪيو؟”

هي سڀني انساني روين جي پٺيان جوابي موٽ آهي: ڪوشش ڪريو، ناڪام ٿيو، سکو، مختلف طريقي سان ڪوشش ڪريو. مشق سان، غير مفيد حرڪتون دور ٿين ٿيون ۽ ڪارآمد حرڪتون بحال ٿين ٿيون. اهوئي عادت ٺهڻ جو عمل آهي.

جڏهن توهان هڪ مسئلي کي بار بار منهن ڏيو ٿا ته توهان جو دماغ انهي کي حل ڪرڻ جي عمل کي پاڻمرادو شروع ڪري ٿو. توهان جون عادتون مڪمل طور تي خودڪار حلن جو هڪ سلسلو آهن، جيڪي توهان کي درپيش مسئلن ۽ دٻاءُ کي باقائدگي سان حل ڪندا آهن. جيئن رويي جو سائنسدان جيسن هريه لکي ٿو، “بس اهي عادتون ئي آهن، جيڪي اسان جي ماحول ۾ بار بار اٿندڙ مسئلن جو قابل اعتماد حل آهن.”

جيئن عادتون پيدا ٿينديون آهن، دماغ ۾ سرگرمي جي سطح گهٽجي ويندي آهي. توهان اشارن تي پنڌ ڪرڻ سکو ٿا، جيڪا ڪاميابي جي اڳڪٿي آهي ۽ هر شيءِ کي بهتر ڪرڻ جو صحيح رستو پڻ. مستقبل ۾ جڏهن ساڳئي صورتحال پيدا ٿيندي آهي ته توهان وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪم ڪرڻ چاهيندا آهيو ۽ ان وقت صورتحال جي هر زاوئي جي تجزئي ڪرڻ جي ضرورت ناهي. توهان جو دماغ آزمائش ۽ غلطي واري عمل کي معطل ڪندي، هي دماغي قاعدو بڻائي ٿو: “جيڪڏهن اهو ائين آهي ته پوءِ هئين ڪبو.” جڏهن به حالتون مناسب هونديون اهي دماغي سرگرميون ۽ بيان پاڻمرادو دماغ ۾ ڊوڙندا رهندا. اهڙي صورتحال ۾، اوهان جڏهن به پاڻ کي دٻاءُ ۾ محسوس ڪندا ته ڄڻ خود بخود ڊوڙڻ جي خواهش پيدا ٿيندي. جيئن ئي توهان ڪم تان واپسي تي دروازي اندر داخل ٿيندا ته توهان وڊيو گيم ڪنٽرولر پڪڙي وٺندو. هڪ ڪم جي چونڊ، جنهن لاءِ پهرين گهربل ڪوشش درڪار هوندي هئي، هاڻ پاڻمرادو بڻجي پوندي. ان جو مطلب ته اها عادت پيدا ٿي چڪي آهي.

عادتون، تجربن مان سکيل ذهني شارٽ ڪٽ آهن. هڪ معنى ۾،  عادت صرف انهن مرحلن جي هڪ يادگيري آهي، جنهن کي ماضي ۾ توهان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ اڳڀرو ڪيو. جڏهن به حالتون صحيح هجن، توهان هن ياداشت تي ڌيان ڏيئي سگهو ٿا ۽ پاڻمرادو ساڳيو ئي حل لاڳو ڪري سگهو ٿا. ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته دماغ ماضي کي ياد رکي ٿو جنهن مان هو وقت اچڻ تي اڳ ڪٿي ڪري ٿو ته ڪهري صورتحال ۾ ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي.

عادتن جو ٺهڻ ناقابل يقين حد تائين ڪارائتو آهي ڇاڪاڻ ته شعور رکندڙ ذهن، دماغ لاءِ رڪاوٽ بڻجي ويندو آهي. اهو صرف هڪ ئي وقت تي هڪ مسئلي تي ڌيان ڏيئي سگهي ٿو. نتيجي ۾، توهان جو ذهن جيڪو توهان لاءِ ضروري آهي، اهو ڪرڻ لاءِ هميشه خبردار رهندو آهي. جڏهن به ممڪن ٿيندو، باشعور ذهن غير منحرف ذهن کي پسند ڪندو آهي ته جيئن پنهنجي ڪم کي پاڻمرادو ختم ڪري سگهجي مطلب ته ان ڪم جي عادت ٺهيل آهي. عادتون دٻاءُ گهٽائينديون آهن ۽ ذهني صلاحيت کي آجو رکنديون آهن ته جيئن اوهان ٻين شين تي ڌيان ڏيئي سگهو.

انهن جي ڪارڪردگي جي باوجود، ڪجهه ماڻهو اڃان تائين عادتن جي فائدن بابت شڪ ۾ هوندا آهن. سندن دليل اهو آهي ته: “ڇا عادتون منهنجي زندگي کي اجهام بخشينديون؟ مان پنهنجو پاڻ کي زندگي گذارڻ جو اهو رستو ڪونه ڏيندس، جنهن ۾ مزو نه اچي ۽ آئون زندگي مان لطف اندوز نه ٿي سگھان. ڇا ايترو پاڻ کي روز مره زندگي جي ڪم ۾ قابو ڪري ڇڏڻ، زندگيءَ مان رس چس ۽ مزي کي دور نه ڪري ڇڏيندو آهي؟” جواب آهي مشڪل سان. اهڙا سوال ڪا غلط درجا بندي ئي قائم ڪندا آهن. اهي توهان کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ته توهان عادتون جوڙيو ۽ پوءِ آزادي جو مزو وٺو. حقيقت ۾، اهي ٻئي شيون يا عمل هڪٻئي کي سگھارو ڪن ٿا.

عادتون آزادي کي محدود نه ڪنديون آهن بلڪه ان کي هڪ يو حاضر ڪن ٿيون. حقيقت ۾، جن ماڻهن پنهنجون سٺيون عادتون نه جوڙيون آهن، اهي عام طور تي اهي آهن جن وٽ گهٽ ۾ گهٽ آزادي آهي. سٺي مالي عادتن جي بغير، توهان هميشه ٽڪي ٽڪي لاءِ جدوجهد ڪندا رهندا. سٺي صحت کانسواءِ، توهان کي هميشه توانائي جي کوٽ ٿيندي نظر ايندي. سٺي سکڻ واري عادتن کانسواءِ، توهان سدائين محسوس ڪندئو ته توهان وکر جي پويان آهيو. جيڪڏهن توهان کي هميشه سادن ڪمن (مون کي ڪڏهن ورزش ڪرڻي آهي، ڪٿي وڃي آئون لکي سگھان ٿو، مون کي ڪڏهن بل پيارڻا آهن وغيره وغيره) بابت فيصلا ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي ته توهان کي آزاديءَ لاءِ گهٽ وقت آهي. آزادي فقط تڏهن ممڪن آهي جڏهن توهان زندگي جي بنيادي ضرورتن کي پاڻ لاءِ آسان بڻائي ڇڏيو ته جيئن توهان ذهني سوچ کي تخليق ۽ تخليقيت جي لاءِ بهتر طريقي سان استعمال ڪري سگهو.

جڏهن توهان جون عادتون ۽ زندگي گذارڻ جو بنيادي ڍانچو جڙي ويندا آهن ته پوءِ توهان جو ذهن آزاد ٿي ويندو آهي ته جيئن اهو نئين چئلينجن تي ڌيان ڏيئي سگھي ۽ مسئلن جي ايندڙ سيٽ تي عبور حاصل ڪري سگھي. اڄ عادتن جي جيڪا عمارت اوهان جوڙيندا، اها توهان کي مستقبل ۾ جيڪي توهان ڪرڻ چاهيندا ان جي پيڙھ رکندي.

عادتن جي ڪم ڪرڻ جي سائنس:

عادتن جڙڻ جو عمل چار سادن مرحلن تي جڙيل آهي: اهي آهن اشارو، خواهش، جواب ۽ ثواب. ان کي بنيادي حصن ۾ ٽوڙڻ اسان کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري سگھن ٿا ته عادت ڇا آهي، اها ڪيئن ڪم ڪري ٿي ۽ ان کي ڪيئن بهتر ڪجي.

سڀئي عادتون چار مرحلن مان ترتيبوار گذرن ٿيون: اشارو، خواهش، جواب ۽ ثواب.

اها چار مرحلن تي ٻڌل ترتيب ڪنهن به عادت جي بنيادي ڪرنگھي جي هڏي آهي ۽ اوهان جو ذهن هر ڀيري انهن ئي چار مرحلن کي طئي ڪري ٿو.

سڀ کان پهرين آهي اشارو، جنهن جي ملڻ شرط ڪنهن به رويي کي ڪرڻ لاءِ ذهن آماده ٿئي ٿو.

اها ٿورڙي ڄاڻ آهي جيڪا هڪ انعام جي اڳڪٿي ڪري ٿي. اسان جا ابا ڏاڏا انهن نشانين تي ڌيان ڏيندا هئا جيڪي بنيادي انعامن جهڙوڪ: خوراڪ، پاڻي ۽ جنسي عمل جي جاين جي نشاندهي ڪندا هئا. اڄ جي دور ۾ اسان پنهنجو گهڻو وقت ثانوي انعامن جهڙوڪ: پئسا ۽ شهرت، طاقت ۽ حيثيت، ساراهه ۽ منظوري، محبت ۽ دوستي يا ذاتي اطمينان جو احساس کي سکڻ ۾ گذاريون ٿا. (يقينن اهي شوق پڻ اڻ سڌي طرح اسان جي بقا ۽ توليد جي خرابين کي بهتر بڻائين ٿا ۽ اهوئي محرڪ اسان جي گھڻن ڪمن جي پويان آهي.)

توهان جو ذهن توهان جي اندروني ۽ ٻاهرين ماحول جي اشارن جو مسلسل تجزيو ڪندو رهي ٿو ته انعام يا حاصلات ڪٿي حاصل ٿين ٿا. ڇاڪاڻ ته اهو “اشارو” ئي آهي جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو ته اسين انعام جي ويجهو آهيون ۽ اهو قدرتي طور تي خواهش جو باعث بڻجي ٿو.

اشارن کانپوءِ خواهشون ٻيو قدم آهن ۽ اهي هر عادت جي پويان محرڪ قوت آهن. ڪنهن حد تائين توجهه يا خواهش جي بغير (تبديلي جي خواهش کان بغير) اسان وٽ عمل ڪرڻ جو ڪوبه سبب ناهي. جيڪا توهان خواهش ڪيو ٿا اها عادت نه آهي، پر پنهنجي ساخت ۾ تبديلي ان جي تقليد ڪري ٿي. توھان سگريٽ ڇڪڻ جي خواهش نٿا ڪريو، توھان ان کي رليف يا سڪون جي احساس سان ڳنڍيو ٿا. توهان ڏند ان ڪري صاف ڪريو ٿا ته هڪڙي صاف وات ۽ صاف ساھ کڻڻ جو احساس حاصل ڪري سگھو. ٽيليويزن ان ڪري هلايو ٿا ته توهان تفريح چاهيو ٿا. هر خواهش پنهنجي اندروني حالت تبديل ڪرڻ جي خواهش سان ڳنڍيل آهي. اهو هڪ اهم نقطو آهي جنهن تي اسين بعد ۾ تفصيلي بحث ڪنداسين.

هر ماڻهو جون خواهشون مختلف آهن. نظرياتي طور تي، ڪوبه اشارو يا ڄاڻ هڪ طمع پيدا ڪري سگهي ٿي، پر عملي طور تي، ماڻهو ساڳين اشارن ڏانهن متوجهه نٿا ٿين. هڪ جواري لاءِ، سلاٽ مشين جو آواز خواهش جي هڪ شدت واري لهر کي چمڪائي سگھي ٿو، پر هڪ عام ماڻهو لاءِ اهي فقط گھنٽين، جهنڪارن ۽  هم نوائين ۽ پسمنظر جي شور کانسواءِ ڪجھ به ناهن. اشارا تيستائين بي معنيٰ آهن جيستائين انهن جي تعبير نه ڪئي وڃي.

مبصر جا خيال، احساس ۽ جذبات هڪ اشاري کي خواهش ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن.

ٽيون قدم “جواب” آهي. جواب اصل عادت آهي، جيڪا توهان انجام ڏيندا آهيو، جيڪا هڪ سوچ يا عمل جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو. جيڪو به جواب واقع ٿئي ٿو اهو ان تي منحصر آهي ته توهان ڪيترو متحرڪ آهيو ۽ اوهان جي رويي ۾ ان ڪم کي نه ڪرڻ لاءِ ڪيتري رڪاوٽ آهي. جيڪڏهن هڪ خاص عمل ڪرڻ لاءِ اوهان کي ضرورت کان وڌيڪ جسماني يا ذهني ڪوششن ڪرڻ جي ضرورت آهي ته پوءِ توهان اهو نه ڪندئو. توهان جو رد عمل پڻ توهان جي قابليت تي منحصر آهي. اهو آسان لڳي ٿو، پر هڪ عادت صرف انهيءَ صورت ۾ ٿي سگهي ٿي جڏهن توهان ڪرڻ جي قابل هجو. جيڪڏهن توهان باسڪيٽ بال کيڏڻ چاهيو ٿا، پر وڏو ٽپو نٿا ڏيئي سگهو ته سمجهڻ گھرجي ته اوهان جي قسمت اوهان سان گڏ ڪونهي.

آخرڪار، “جواب” هڪ انعام ڏيندو آهي. انعام، هر عادت جو آخري مقصد آهن. “اشارو” انعام کي ياد ڪرائيندو آهي. خواهش، انعام حاصل ڪرڻ جي هوندي آهي. جواب دراصل ثواب حاصل ڪرڻ بابت آهي. اسان انعامن جو تعاقب ڪيون ٿا ڇاڪاڻ ته اهي ٻه مقصد پورا ڪن ٿا (1) اهي اسان کي مطمئن ڪن ٿا ۽ (2) اهي اسان کي سيکارين ٿا.

انعامن جو پهريون مقصد توهان جي خواهش جو پورائو ڪرڻ آهي. ها، انعام، پنهنجو پاڻ پنهنجا فائده ڏيکاريندا. کاڌو ۽ پاڻي توهان جي زندگي ۽ بقا جي لاءِ توانائي فراهم ڪندا آهن. ترقي حاصل ڪرڻ سان وڌيڪ پئسو ۽ عزت ملندي آهي. جسماني طور شڪل ۾ اچڻ سان توهان جي صحت ۽ توهان جي رشتي جا چانس بهتر بڻجي سگھن ٿا، پر وڌيڪ فوري فائدو اهو آهي ته انعام توهان جي کائڻ جي يا حيثيت حاصل ڪرڻ جي يا منظوري حاصل ڪرڻ جي تڪڙي خواهش جو پورائو ڪري ٿو. گهٽ ۾ گهٽان لمحي، انعامات اوهان جي خواهش جو پورائو ڪن ٿا.

ٻيو، ثواب اسان کي سيکاري ٿو ته مستقبل ۾ ڪهڙا عمل ياد رکڻ لائق آهن. توهان جو دماغ هڪ انعام کي اڀاريندڙ آهي. جيئن جيئن توهان پنهنجي زندگي گذاريو ٿا، توهان جو حسياتي اعصاب سسٽم ان ڳالھ جي مسلسل نگراني ڪري ٿو ته ڪهڙا ڪارناما توهان جي خواهشن کي پورو ڪن ٿا ۽ اوهان کي خوشي پهچائين ٿا. خوشي ۽ مايوسي جا احساس هڪ اهڙو تجزياتي ميڪانيزم جو حصو آهن جيڪي توهان جي دماغ کي مفيد عملن جي ڀيٽ ۾ غير مفيد عملن کان ڌار ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. انعام، تجزياتي لوپ يا ڳنڍ جي ويجهو هجن ٿا ۽ عادت جو چڪر مڪمل ڪن ٿا.

جيڪڏهن ڪو رويو چئني مرحلن ۾ ڪنهن به طور تي نامڪمل هوندو ته اها عادت نه بڻجي سگھندو. اشاري کي ختم ڪريو ۽ توهان جي عادت ڪڏهن به شروع نه ٿي سگھندي. خواهش کي گھٽايو ۽ توهان ڪم ڪرڻ جي لاءِ جذبو محسوس نه ڪندا. رويي کي ڏکيو بڻايو ۽ توهان اهو ڪم نه ڪري سگھندو ۽ جيڪڏهن انعام توهان جي خواهش جي مطمئن ٿيڻ ۾ ناڪام ٿئي ته پوءِ توهان وٽ مستقبل ۾ ٻيهر اهو ڪم ڪرڻ جو ڪو سبب نه هوندو. پهرين ٽن مرحلن کانسواءِ، رويو جڙي نه سگھندو. چئني پاسن کانسواءِ هڪ رويو ٻيهر موٽ نه کائيندو.

عادت جو چڪر:

  1. اشارو
  2. خواهش
  3. جواب
  4. ثواب

عادت جي چئن مرحلن کي تجزياتي ڳنڍ يا ڦندو چئجي ٿو. اهو هڪڙو اڻ کٽ چڪر جوڙي ٿو جيڪو جيسين اوهان زنده آهيو تيسين هلي ٿو. اهو عادت جو چڪر ماحول کي هر وقت چڪاسيندو رهي ٿو ۽ اوهان کي بچائيندو رهي ٿو ته اڳتي ڇا ٿيندو، مختلف جوابن کي جاچي سگھجي ٿو ۽ جوابن مان سکي سگھجي ٿو.

مختصرن اهو ته اشارو خواهش کي تيز ڪندو آهي، جيڪو هڪ “جواب” جو جذبو جاڳائيندو آهي، جيڪو انعام فراهم ڪري ٿو، خواهش کي پورو ڪري ٿو ۽ آخرڪار، اشارو سان وابسته ٿي وڃي ٿو. گڏوگڏ، اهي چار قدم نيرو ولوجيڪ رد عمل لوپ يا تجزياتي ڳنڍ ٺاهيندا آهن. اشارو، خواهش، جواب، انعام، اشارو: خواهش، جواب، انعام- جيڪو بل آخر توهان کي خودڪار عادتون ٺاهڻ جي دڳ تي لاهي ٿو. هن چڪر کي “عادت لوپ” يا “عادت جو چڪر” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

هي چار قدم تي مشتمل عمل ڪو حادثاتي عمل ناهي، بلڪه اهو هڪ لامتناهي راءِ يا تجزئي جو لوپ آهي جيڪو هر لمحي دوران اوهان سان گڏ زنده ۽ فعال آهي، هن وقت به. دماغ مسلسل ماحول کي اسڪين ڪري ٿو ۽ پوءِ اڳڪٿي ڪري ٿو ته اڳتي ڇا ٿيندو، مختلف جوابن جي ڪوشش ڪندي ۽ نتيجن مان سکندي اڳتي وڌي ٿو. سمورو عمل اک ڇنڀ ۾ مڪمل ٿئي ٿو ۽ اهو عمل بار بار ٿئي ٿو بنا اهو سوچڻ جي ته گذريل پل ۾ ڇا ٿيو. 

اسان انهن چئن مرحلن کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا: مسئلي جو مرحلو ۽ حل جو مرحلو. مسئلي جي مرحلي ۾ اشارو ۽ خواهش شامل آهن ۽ اهو تڏهن آهي جڏهن توهان محسوس ڪيو ته ڪجهه تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. حل جو مرحلو، جواب ۽ ثواب تي مشتمل آهي ۽ اهو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن توهان پنهنجو عمل ڪيو ۽ جنهن تبديلي جي توهان خواهش ڪريو ٿا اها حاصل ڪيو.

سمورو رويو، مسئلو کي حل ڪرڻ جي خواهش تي ٻڌل هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مسئلو اهو هوندو آهي ته توهان ڪنهن شيءِ بابت سٺو محسوس ڪندا آهيو ۽ پوءِ توهان ان کي حاصل ڪرڻ چاهيندا آهيو. ڪڏهن ڪڏهن مسئلو اهو هوندو آهي ته توهان جو تجربو دردناڪ هوندو آهي ۽ توهان ان مان آجا ٿيڻ چاهيندا آهيو. هر صورت ۾، هر عادت جو مقصد توهان جي مسئلن کي حل ڪرڻ آهي.

هيٺ ڏنل صفحي تي ٽيبل ۾، توهان ڪجهه مثال ڏسي سگهو ٿا ته اصل زندگي ۾ اهو ڇا ۽ ڪيئن نظر اچي ٿو.

تصور ڪريو ھڪڙي اونداھي ڪمري ۾ جيئن ئي اوهان گھڙو ٿا ته هڪدم بجلي جي سوئچ کي ڳوليو ٿا ۽ دٻايو ٿا. 

 توهان انهيءَ سادي عادت کي ڪيترائي دفعا انجام ڏنو آهي جو هاڻ اها سوچڻ جي بغير ٿئي ٿي. توهان سيڪنڊن ۾ چئني مرحلن مان اڳتي وڌو ٿا. عمل ڪرڻ جي تمنا بغير سوچڻ جي توهان کي هلائي ٿي.

جڏهن اسين بالغ ٿي چڪا هوندا آهيون ته اسين اهي عادتون جيڪي اسان جي زندگي جو حصو بڻجي چڪيون هونديون آهن انهن کي گهٽ ئي نوٽ ڪندا آهيون. اسان مان گهڻا ته ان ڳالھ تي سوچيندا ئي ڪونهن ته هر صبح اسين ساڳين جوتن جا ڪشا پيا ڇڪيندا آهيون يا هر استعمال کان پوءِ ٽوسٽر جو بٽڻ بند ڪندا آهيون يا هميشه ڪم تان موٽڻ کانپوءِ گهر ۾ گھڙڻ شرط آرامده ڪپڙا تبديل ڪندا آهيون. ڏهاڪن کان وٺي ساڳيو ڪم ڪرڻ جي ڪري اسان جي ذهن ڪمپيوٽر وانگي اهو پروگرام پنهنجي اندر محفوظ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ جا اهي نمونا آهستي آهستي اسان ۾ ضم ٿي ويندا آهن.

روين جي تبديلي جا چار قانون:

هيٺين بابن ۾، اسين ڏسندا سين ته ڪيئن چار مرحلا جهڙوڪ اشارو، خواهش، رد عمل ۽ ثواب تقريبن هر شيءِ سان هر وقت هر روز لاڳاپيل آهي، پر اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ کان اڳ ۾ اسان کي انهن چئن مرحلن کي عملي فريم ورڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي اسان استعمال ڪري سٺين عادتن جي ڊزائين ڪرڻ ۽ خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا.

مان انهي فريم ورڪ کي روين جي تبديلي جي چار قانونن جي حيثيت ڏيان ٿو ۽ اهو سٺين عادتن ٺاهڻ ۽ برين عادتن ختم ڪرڻ لاءِ هڪ سادو ۽ آسان قاعدو مهيا ڪندو آهي. توهان هر قانون کي هڪ ليور يا ڪنٽرولر طور کڻي سگهو ٿا جيڪو انساني روين تي اثر انداز ٿئي ٿو. جڏهن ليور صحيح پوزيشن ۾ هوندا آهن، سٺي عادتون ٺاهڻ آسان ٿي پوندو آهي. جڏهن اهي غلط پوزيشن ۾ هجن ٿا ته اهو تقريبن ناممڪن  آهي.

اسين انهن قانونن کي جڏهن ابتو ڪنداسين ته اهي ئي اسان کي برين عادتن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندا.

اها دعويٰ ڪرڻ غير ذميداري جو مظاهرو ڪرڻ ٿيندو ته اهي چار قانون ڪنهن انساني رويي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ جامع فريم ورڪ آهن، پر منهنجو خيال آهي ته اهي ان جي ويجهو ضرور آهن. جيئن توهان جلد ئي ڏسندا رويي جا چار قانون تقريبن هر ميدان تي لاڳو ٿين ٿا، راندين کان سياست، آرٽ کان دوا، مزاح کان انتظام ڪاري تائين. توهان ڪهڙي به چئلينج کي منهن ڏئي رهيا هجو، انهن قانونن جو اطلاق ٿيندو. هر عادت لاءِ مڪمل طور تي مختلف حڪمت عملي جي ضرورت ناهي.

جڏهن به توهان پنهنجي رويي کي تبديل ڪرڻ چاهيو، توهان پنهنجو پاڻ کان پڇي سگهو ٿا:

1.آئون انهي کي ڪيئن يقيني بڻائي سگهان ٿو؟

  1. آئون ان کي ڪيئن پرڪشش ڪري سگهان ٿو؟
  2. آئون انهي کي ڪيئن آسان بڻائي سگهان ٿو؟
  3. آئون انهي کي ڪيئن اطمينان بخش بڻائي سگهان ٿو ؟؟

جيڪڏهن توهان ڪڏهن به ان تي غور ڪيو آهي ته “مان اهو ڇو نٿو ڪريان، جيڪو مان چوان ٿو؟ پنهنجو وزن گھٽائڻ يا تماڪ ڇڪڻ کي ترڪ ڪرڻ يا رٽائرمينٽ لاءِ بچت ڪرڻ يا پاسي تي ڪاروبار شروع ڪرڻ جهڙا ڪم ڇو نٿو ڪري سگھان؟ ڇو مان چوندو ته آهيان ته فلاڻو ڪم ضروري آهي، پر ڪڏهن به ان کي ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍي نه سگھندو آهيان؟” انهن سڀني سوالن جا جواب انهن چار قانونن ۾ ڪنهن هنڌ ڳولي سگهجن ٿا. سٺيون عادتون پيدا ڪرڻ ۽ خراب عادتن مان جان آجي ڪرڻ لاءِ اهم آهي ته انهن بنيادي قانونن کي سمجهجي ۽ انهن کي پنهنجي عادتن ۾ تبديل ڪجي. جيڪڏهن مقصد انساني فطرت جي خلاف هوندو ته اهو ناڪامياب ٿيندو.

توهان جون عادتون توهان جي زندگي ۾ هڪ سسٽم ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. ايندڙ بابن ۾، اسان انهن قانونن تي هڪ هڪ ڪري بحث ڪنداسين ۽ اهو ڏيکارينداسين ته توهان انهن کي ڪيئن استعمال ڪري سگهو ٿا ته جيئن اهڙو نظام ٺاهجي، جنهن ۾ سٺيون عادتون قدرتي طور جڙن ۽ خراب عادتون ختم ٿي وڃن.

باب جو خلاصو:

* ڪابه عادت هڪ رويو آهي جيڪو خودڪار ٿيڻ لاءِ ڪافي ڀيرا ورجايو ويندو آهي.

* عادتن جو حتمي مقصد آهي گهٽ کان گهٽ توانائي ۽ ڪوششن سان زندگي جي مسئلن کي حل ڪرڻ آهي.

* ڪنهن به عادت کي فيڊ بيڪ لوپ ۾ ورهايو وڃي ٿو جنهن ۾ چار مرحلا شامل آهن، يعني اشارو، خواهش، رد عمل ۽ انعام.

* رويي جي تبديلي جا چار قانون قاعدن جو هڪ سادو مجموعو آهن،  جنهن کي اسين بهتر عادتن جي تعمير لاءِ استعمال ڪري سگھون ٿا. اهي آهن

  1. يقيني بڻائڻ
  2. هن کي دلڪش بڻائڻ
  3. ان کي آسان ڪرڻ ۽
  4. ان کي اطمينان بخش بڻائڻ.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments