چاهت صدف بتول ٽالپر Sep 2020
ڇا ٿيو؟ ايڏو اداس ڇو ويٺو آھين؟
اداس…؟ ها… اداسيون ته شايد هاڻي مقدر بڻجي ويون…
تنهنجي لهجي مان نا اميدي پئي ڇلڪي… ڇا ٿيو اٿئي؟ ڪجهه ٻڌائيندي نه؟
هو… هو… ويو هليو…
ته واپس گهرائي وٺينس… آواز ڏيئي ڏس… موٽي ايندو…
آواز…؟ نه… هو هاڻي منهنجي ڪنهن آواز… ڪنهن به پڪار تي واپس نٿو اچي سگهي… منهنجو هر سڏ… هر پڪار… هر آواز… ۽ … هر تڙپ بيڪار آھي…
ڇا مطلب…؟
مطلب… هو هاڻي جتي آھي نه… اتان واپسي ناممڪن اٿس.
اوهه… مون کي افسوس آهي سندس موت جو…
ان جو موت…؟ نه … موت ته ڄڻ منھنجو ٿيو آھي… آئون … ڳنڍيل هئس ان سان… بس چند رشتن جي ڏور جي سهاري. جڏهن الڳ ٿيو ته هر رشتو مري ويو.
اجايون ڳالهيون ڇڏ… تون صدمي ۾ شايد پنهنجو هوش وڃائي ويٺو آھين… ان کي ٿيو ڇا هو؟
هن کي ڪجھ به نه، بس چاھت…
تون ته واقعي پنهنجي هوش ۾ ڪونه آهين. ڀلا چاهت جهڙي خوبصورت احساس سان به ڪو مرندو آھي…؟
چيم نه توکي، هو مئو نه آھي… خون ته بس ان سان جڙيل رشتن جو ٿيو آھي…
رشتن جو…
ها، رشتن جو. محبت، دوستي، خلوص ۽ اعتماد جهڙن رشتن جو… هن جي هڪڙي چاهت انهن سڀني رشتن جي موت جو ڪارڻ بڻجي وئي.
آئون سمجهڻ کان قاصر آھيان… ڀلا انهن پيارن رشتن کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي چاهت؟
هي اسان بندن جي دنيا آھي. هن جا کيل سمجھڻ آسان ڪونهي. تون اڃان شايد بي سمجھ آھين.
ته تون ئي سمجهائي، آخر اهڙو ڇا جو چاھ هئس جو هاڻي واپس به نٿو اچي سگهي؟
توکي واقعي ڄاڻڻو آھي؟
ها، ٻڌائي مون کي
ته ٻڌ… هن کي چاهت هئي…
دولت جي…
۽ جڏهن خدا جا بندا دولت جي ريل پيل ۽ دنيا جي رنگيني ۾ گم ٿي ويندا آھن نه…. ته واپس ناهن ايندا…
batool.talpur@gmail.com