ڪهاڻيون

ڪاڪوسپاهي انور شيخ

هيءَ ڪهاڻي اسان جي ڪاڪي سپاهي جي آهي اسان جو ڪاڪو سپاهي ڪتابن ۾ لکيل ايمانداريءَ جي وضاحت (Definition) تحت ايماندار ڪونهي، پر ائين به ڪونهي ته هو ڪو شروع کان ئي اهڙو آهي. پهريان هن جا خيال ايماندارانه، عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ جان جو نذرانو ڏيندڙ مجاهدن جهڙا هئا. پوءِ آهسته آهسته هو مجاهد مان ڦري ڪاڪو سپاهي ٿي ويو. ڪاڪو سپاهي مجاهد ڇو ڪونهي رهيو، ڪاڪو سپاهي ڇو آهي؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن. اهو اسان جو موضوع ڪونهي. مجاهد مان ڦري ڪاڪو سپاهي ٿيڻ جي اسبابن تي بحث ٿي سگهي ٿو، پر جيئن ته هيءَ ڪهاڻي آهي نه ڪي مقالو. ڪاڪو سپاهي جيڪو هاڻي آهي اهو ڪاڪو سپاهي آهي جنهن کي زال به آهي، ٻار به آهن، انهن جي حفاظت ۽ پرورش جا احساس ۽ امنگون به اٿس ڇو ته اسان جو ڪاڪو سپاهي هڪ انسان به آهي ۽ انسان جي اندر ۾ بهادري جا احساس به هوندا آهن ته بزدليءَ جا جراثيم به. انسان مختلف احساسن ۽ ڪيفيتن جو مجسمو پڻ آهي. هيءَ ڪهاڻي ان ڪاڪي سپاهي جي آهي جيڪو اسان جي سماج کي مليل آهي ۽ اسان جو سماج هُن کي مليل آهي.

ڪاڪو سپاهي جنهن جو اصل نالو محمد بخش آهي ۽ هُن جي سروس بُڪ مطابق هُن جي عمر پنجيتاليهه سال ٽي مهينا کن ٿيندي. هي پنهنجي ڊيوٽي مستقل طور تي داروغو واهه پڪٽ تي گذريل ڏهن سالن کان ڪري رهيو آهي. ويجهڙائي ۾ رهندڙ ماڻهو هن کي چڱي طرح سڃاڻندا آهن. اهو تمام گهڻو وڌاءُ ٿيندو جيڪڏهن مان ائين چوان ته ماڻهو هُن جي سنجيده مزاج ورتا ۽ عمر جي ڪري هن سان پيار ڪندا آهن ۽ پيار مان کيس ڪاڪو سپاهي چوندا آهن. ائين ڪونهي ڪاڪي سپاهي سان ماڻهو اوترو ئي پيار ڪندا آهن جيترو اسان جي ٻي پياري پوليس سان ملڪ جي ٻين حصن ۾ پيار ڪيو ويندو آهي. اصل ۾ ڪاڪو سپاهي يا ڪاڪي سپاهي جي عرفيت (Nick Name) هن کي هڪ ٽرڪ ڊرائيور ڏنو هو جيڪو هُن کي پاڻ مرادو ٽرڪ بيهاري ڪاڪو سپاهي ڪري سڏ ڪندو هو ۽ کيس ڏهه رپيا ڏئي هليو ويندو هو. اهو ٽرڪ ڊرائيور انهن ٿورڙائي وارن ٽرڪ ڊرائيورن مان هو جيڪي راضي خوشيءَ سان ڪاڪي سپاهي کي ڏهه رپيا ڏئي ويندا هئا باقي ٻيا ته ٽرڪون تيز ڀڄائي ڀڄي ويندا هئا يا ڪافي دير جي بحث ۽ ڇڪ ڇڪان کانپوءِ ڏهين رپين جي مروڙيل نوٽ کان موڪلائيندا هئا ۽ پوءِ گاڏيءَ جي هر گيئر مٽائن کانپوءِ کيس گاريون ڏيندا ويندا هئا. داروغي واهه جي پڪٽ مرحوم وڏي منشي محبت خان جي مهرباني سان کيس ملي هئي ۽ پوءِ وري اُتي اُن جي رحلت کانپوءِ سندس شاگرد هاڻوڪو وڏو منشي استاد جي نشاني سمجهي پيو هلائيس. پوليس محڪمي ۾ ٿاڻن کانپوءِ چوڪن ۽ روڊ جي پڪٽن جو اهم رول هجي ٿو. چوڪن کي ديهون مليل هونديون آهن ۽ پڪٽن کي روڊ ۽ لنگهه. پڪٽن جا خاص ٽي قسم هجن ٿا. پهرين نمبر جي پڪٽن ۾ اهي پڪٽون شامل هونديون آهن جيڪي ضلعن جي بارڊن تي هجن ٿيون انهن تي مقرر پوليس اهلڪار سڌو سنئون ايس. پي صاحب جي مهرباني سان مقرر ڪيل هوندا آهن جيڪي ايس. ايڇ. او ته ٺهيو پر ڊي. ايس. پي صاحب کي به سلام مرضي پوين ته ڪن نه ته تڪيندا به ڪونهن ڇو ته انهن جي منٿلي، اُپت ايتري هوندي آهي جو هر مهيني ضلعي جو ايس. پي انهن کي پنهنجي بنگلي تان بوتل پيارڻ کان سواءِ ڪونهي ڇڏيندو پوءِ ٻڌايو جنهن سپاهيءَ کي ايس. پي صاحب بنگلي تي ويهاري بوتلون پياري ۽ پٺي ٺپي اهو هيٺين جي عزت ڪيئن ڪندو.! ٻئي نمبر جون پڪٽون ايس. ايڇ. او منشيءَ جي صلاح سان مقرر ڪندو آهي جنهن جي اُپت جا وسيلا ٽرڪن وارن کان ڏهه يا ويهه رپيا وٺڻ، ڍور کڻي ويندڙ ڊاٽسنن کان راهه گذاريءَ جا پنجاهه يا سئو رپيه وٺن هر کير کڻي ويندڙ مندرن کان کير جو پاءُ وٺڻ، گاڏين وارن کان سبزيون، هنداڻا، مند آهر فروٽ ۽ مڇيون وٺڻ. هنن جي ڊيوٽيءَ ۾ شامل اهي ته شام جو پڪٽ جي ڀرسان ڇڻڪار ڪري ٻه ڪرسيون ۽ هڪ ٽيبل رکڻ ۽ ان جي ڀر ۾ سٺي رلهي وڇايل کٽ رکڻ جنهن تي رات جو گشت ڪرڻ لاءِ ايندڙ ٿلهو متارو ايس. ايڇ. او يا ڪراڙو ڊي. ايس. پي چيلهه سڌي ڪندو آهي ۽ ڪرسين تي ويهي ڳڙهه ۾ ٺهيل چانهه جا چسڪا هڻندا آهن. ٽئين قسم جي پڪٽ روڊ ۽ سڙڪن جي اهم هنڌن جتان چورن ۽ ڌاڙيلن جي لنگهه ۽ جاءِ واردات جا هنڌ هجن ٿا اُتي هونديون آهن جيڪي صرف شام جو پنجين وڳي کان صبح تائين هجن ٿيون جتي روزانو سپاهي بدلجندا رهندا آهن اُتي ڪرسين جي جاءِ تي ٻه پڪيون يا ڪچيون سرون رکيل هونديون آهن ۽ ڀر ۾ کٽ جي سائيز جيترو پلال وڇايل هوندو آهي. هنن پڪٽن تي وڌ ۾ وڌ ٻه سپاهي پنجن يا ڏهن گولين ۽ ڪٽ لڳل پراڻن هٿيارن سان، سڄي رات جديد اسلحي سان مسلح ڌاڙيلن جي ٽولن سان منهن ڏيڻ لاءِ انتظار ڪندا رهندا آهن. داروغي واهه جي پڪٽ جو انچارج ڪاڪو سپاهي ڪونهي اصل ۾ هتي ٽي اهلڪار مقرر ٿيل آهن جن مان ٻه سپاهي آهن ۽ هڪ، هڪ ڦيٿيو حوالدار هنن جو انچارج آهي. انچارج جي ميندي لڳل مڇن جو رنگ ۽ نقشو ان جي ورديءَ جي ٻانهه ۾ لڳل ڦيٿ جهڙو ئي آهي جيڪو روزانو گڏ ٿيل ڏهن رپين، کير، سبزين، فروٽن ۽ مڇين جي ونڊ ورهاست پنهنجي هٿن مبارڪن سان پاڻ ڪندو آهي. هن جي وڏي عيال ۾ وڏي ڀاڱي جو حقدار ٿاڻي جو وڏو منشي، ڊي. ايس. پي صاحب  ۽ ايس. ايڇ. او صاحب جا گن مين ۽ پڪٽ تي مقرر ٿيل ٻه سپاهي آهن.  ايس. ايڇ. او  ۽ ڊي. ايس. پي کي هي فقط ڳڙ جي چانهه پيئاريندو آهي ۽ رات جو دير سان فائر ڪري روڊ تي چڙهي آيل ڌاڙيل ڀڄائڻ جا ڪوڙا قصا ٻڌائيندو آهي. هي پڪٽ تي پنهنجو کاڌو پاڻ تيار ڪندا آهن ڇو ته هنن جي اُتي چوويهه ڪلاڪ ڊيوٽي هوندي آهي. ڪاڪو سپاهي ڏهن رپين جي ٻٽن مروڙيل نوٽن، ٿوري سبزي، ٿورو فروٽ ۽ ڪڏهن ڪڏهن مڇيءَ جي هڪ اڌ ڪرڙيءَ جو حقدار هوندو آهي. ڪاڪو سپاهي کير جو اڌ ڪلو ڪيئن به ڪري روزانو انچارج کان ڇڏائيندو آهي جيڪو هو سانجهيءَ جو هُن جي ڳوٺ ڏي واپس ويندڙ هڪ ڊاٽسن ڊرائيور جي هٿ سبزي ۽ فروٽ جي مليل حصي سان گڏ پنهنجي گهر موڪليندو آهي. ڪاڪي سپاهي کي پڪٽ تي نلڪي لڳائڻ ۽ ننڍڙي ڪچي ڪوٺيءَ جي اڏاوت جو به اعزاز حاصل آهي جيڪا هن وڏي جفاڪشي ۽ جاکوڙ سان تر جي سرندي وارن کان چندو ڪري جوڙائي هئي. جنهن تي هن کي فخر حاصل آهي ڇو ته هُن جي ان ڪوٺيءَ جي حالت تمام گهڻي بجيٽ هوندي به سنڌ جي گهڻن ٿاڻن جي عمارتن کان بهتر آهي. ڪاڪو سپاهي پڙهيل لکيل ڪونهي پر هن جي مٿي ۾ هڪ سوچيندڙ دماغ ضرور آهي هو پنهنجي ۽ پنهنجي آسپاس جي حالتن تي مسلسل سوچيندو رهندو آهي. ڪاڪو سپاهي جيڪڏهن پڙهيل لکيل هجي ها، ڪهاڻيون لکي ها ته شايد هو سنڌ ۾ گهڻن اديبن کان بهتر لکي ٿي سگهيو. هن جو دماغ وقت جي تاريخ جو اهڙو پڪو گواهه آهي جنهن جي شاهديءَ تي اسان جو ايندڙ سماج پنهنجي وڏڙن جي وجود تي شرمندو ٿي سگهي ٿو. شڪر آهي جو ائين ڪونهي ۽ اسان جو اولاد اسان تي شرمنده ٿيڻ کان شايد بچي ويو.

ڪاڪو سپاهي داروغي واهه جي پڪٽ تي چوويهه ڪلاڪ ڊيوٽي سرانجام ڏيندو آهي هو نه فقط اُتي ڊيوٽي ڪندو آهي پر روزانو نه ته هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا هُن کي ٿاڻي جي موبائل ريڊ ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ به کڻي ويندي آهي. اهڙي هڪ ڊيوٽي ڪرڻ دوران هڪ ڏوهاري پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو ۽ پوءِ ڏوهاري جي مالڪن جي درخواست تي ڪورٽ جي حڪم تحت خون جو ڪيس داخل ٿي ويو هو جنهن ۾ ڪاڪي سپاهي جو نالو به شامل آهي. انهيءَ ڪيس جي سلسلي ۾ هو ڪورٽ ۾ حاضري ڀريندو آهي.

رات جو انچارج ٻارهين وڳي کانپوءِ جڏهن ايس. ايڇ. او ۽ ڊي. ايس. پي آرامي ٿيندا آهن تڏهن انچارج به ڪوٺيءَ ۾ وڃي سمهي پوندو آهي ۽ پوءِ سڄي رات هي ٻئي سپاهي واري سان ڊيوٽي ڪندا آهن.

رات جو پويون پهر هو، سياري جو سيءُ پنهنجي جوانيءَ جا جلوا ڏيکاري رهيو هو روڊ تي وقفي وقفي سان گاڏين جي آمد رفت جاري هئي انچارج ۽ ٻيو سپاهي ڪوٺيءَ ۾ سوڙين اندر سمهيل هئا ڪاڪو سپاهي ڪليشن ڪلهي ۾ لڙڪائي روڊ جي ڀر ۾ بيٺل هيو توڙي جو هن جي جسم جا عضوا ٿڌ جي ڪري سُن ٿي رهيا هئا پر هن جو دماغ سوچن جي گرماڻ ڪري آتش فشان بڻيل هو. هو سوچي پيو، ”مهيني جي پگهار پيٽ جي پورت ۾ ئي پوري ٿي وڃي ٿي اربيليءَ جو علاج ڪٿان ڪرايان. اربيلي ڇا ته اربيلي هئي پنهنجي نانءَ جيان جهڙو هوندو هئس منهن تهڙي ئي هوندي هئي اندر جي اجري. نڪاح جي هٿڪڙي جڏهن کان آندو اٿمانس تڏهن کان بردبار قيديءَ جيان ڪنڌ نوائي رهندي پئي اچي کوڙ سارا ٻيا محڪمه آهن جن جي ملازمن جي زالن کي زڪام ٿو ٿئي ته آغا خان ۾ سرڪاري علاج ٿيون ڪراين پر منهنجي اربيلي ڇا ته ٿي وئي آهي نه رهيس اهو جوڀن نه ئي اُها بت جي بيهڪ. بيماريءَ نور ئي نيپوڙي ڇڏيو اٿس. پئسا بچن ته علاج ڪرايانس. هلڪو سلڪو جيڪو بچائي سگهان ٿو تنهن مان پيو دوائون وٺي ڏيانس ڪنهن وڏي پرائيويٽ اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جي نه اسان جي پهچ آهي نه ئي ڪو اسان کي حق آهي. وري به شڪر آهي جو وڏي منشيءَ جي مهربانيءَ سان هتي مقرر آهيان ۽ ٻيو نه ته ٻه ٽي رپيا ٻارن جي خرچي ۽ سبزي ته ملي ٿي جنهن ڪري ڪجهه بچت تي ٿئي جنهن مان پيو اربيليءَ جو سنهو سڪو علاج ڪرايان جي ٻي هنڌ هجان ها ته ڪم ڪيئن هلي ها.”

ڪاڪو سپاهي ڪجهه آٿت محسوس ڪري ٿو ۽ مٿي منهن ڪري الله جو شڪر ادا ٿو ڪري. تيز رفتار ٽرڪ جي گذرڻ ڪري هوا جو ٿڌو جهوٽو ڪاڪي سپاهي کي لوڏائي ٿو ڇڏي. پري زمين ۾ ٽيٽيهر جي ٽين… ٽين تي هي خبرداريءَ سان اکين تي زور ڏئي اونڌهه جي ڪاري چادر کي چيرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ڪجهه گهڙيون گهورڻ کان پوءِ اها پڪ ٿيڻ تي ته روڊ جي آسپاس ڪوئي ڪونهي هي وري سوچن ڏي  واپس ٿو وري،

“مان جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ چوويهه ڪلاڪ ڊيوٽي ڪيان ها ته مون کي ٽيڻي پگهار ملي ها ۽ پوءِ هي جيڪا ڏهين رپين جي غيبت جي گند جي ٽوڪري مٿي تي رکيل آهي سا ٿوري کڻان ها…اڙي ها…جائي سڀاڻي حاضري به ته آهي ۽ وڪيل کي فيس جا رهيل پئسا به ته ڏيڻا آهن ۽ مون وٽ ته“ هو جلديءَ ۾ پنهنجي ورديءَ جا کيسا جاچي ٿو جن مان ڏهن روپين جا ڪجهه نوٽ ۽ هڪ پنجاهه روپئي جو نوٽ مليس ٿو. رائيفل زمين تي رکي اوڪڙون ويهي موبائل فون جي روشنيءَ تي پئسا ڳڻي ٿو. ڪُل پئسا هڪ سئو پنجاسي رپيه هئا هي پئسا واپس پينٽ جي پاسي واري کيسي ۾ وجهي زمين تي پلٿي هڻي ويهي ٿو رائيفل هنج ۾ رکي سوچي ٿو، “هي پئسا ته خرچ ۾ ئي پورا ٿي ويندا. وڪيل جي فيس ڪٿان آڻيندس؟ هر دفعي کيس ٻي حاضريءَ تي ڏيڻ جو بهانو ڪري ايندو آهيان هاڻي جي نه ڏنا مانس ته گهڻو ڪاوڙجي ويندو. پگهار مان ڪهڙا ڪم ڪري ڪهڙا ڪيان؟ گهر هلايان، ٻار پڙهايان؟، زال جو علاج ڪرايان؟ يا وڪيلن جون فيون ڀريان؟ چوويهه ڪلاڪ ڊيوٽي ٿو ڪيان پگهار مزور جي ڏهاڙيءَ جيتري به ڪونهي.”

هو دل ئي دل ۾ دعا ٿو گهري، “يا الله، اڄ ڪي ويهه پنجويهه مينهن سان ڀريل ڊاٽسنون گذار ته مڙئي هزارکن ٿي ويندو. جماندار ۽ ٻيو سپاهي به ستل آهن انهن کي خبر ئي نه پوندي.” هو ڪوٺيءَ جي بند دروازي ڏي نهاري ٿو. ٿورڙي دير کانپوءِ هڪ تيز رفتار گاڏيءَ جي روشنيءَ سان گڏ زوڪاٽن جا آواز اچن ٿا. هي جلديءَ ۾ اُٿي بيهي ٿو روڊ جي تقريبن وچ تي بيهي گاڏيءَ کي بيهڻ جو اشارو وٿو ڪري گاڏي ڊبل ڪئبن هئي جنهن کي هن مينهون کڻي ويندڙ ڊاٽسن پئي سمجهيو. ڊبل ڪئبن ۾ اندر هڪ دانشور ۽ شهر جا ٻه بيوروڪريٽ ويٺا هئا. گاڏيءَ جي پوين کليل سيٽن تي چار گن مين ٻٽون ويڙهي ويٺا هئا سنڌ ۾ فيوڊل ڪلچر جو اوج تي هئڻ ڪري هر طبقائي فڪر ۽ پروفيشن سان تعلق رکندڙ انسان جنهن وٽ به پاور ۽ پئسو هو انهيءَ رنگ ۾ ضرور رنگجڻ ٿئي چاهيو. ايتري قدر جو ڪجهه نالي چڙهيا دانشور توڙي تعليم کاتي جا عملدار به گن مينن سان گڏ سنڌ ۾ نظر اچي رهيا هئا. هي به اهڙا ئي ڪي ماڻهو هئا جيڪي هڪ هلندي پڄندي واري وڏيري جي دير سان دعوت تان اکيون ڳاڙهيون ڪري موٽي رهيا هئا. پيگ چاڙهيل ڊرائيور گاڏيءَ کي تيزيءَ سان هن ڏانهن لامارو ڏنو. ڪاڪو سپاهي ٽپو ڏئي وڃي روڊ جي ڀرسان ڪچي ۾ ڪريو گاڏيءَ ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. خماريل هڪ ٿلهي بيوروڪريٽ چيو، “ڪُتي جا پٽ رات جو هن مهل به نه ٿا مڙن” دانشور چيو، “سنڌ جو الائي ڇا ٿيندو.” ٻئي بيوروڪريٽ چيو، “چورن کان بچ ته پوليس بيٺي آ، ٻنهي جا ڪم ساڳيا.”

ڪاڪو سپاهي وردي ڇنڊي اٿيو، “مار پوين خدا جي مستي ته ڏسون پوليس کي ته ڪجهه سمجهن ئي نٿا. هوندو ڪو وڏيرو گابر خان، پر اڄ ڪلهه سڀ وڏيرا گابر خان لڳا پيا آهن جنهن وٽ گاڏيءَ آهي سو پاڻ کي گابر خان ٿو سمجهي.”

هن کي ياد آيو ته ٽيون رات ڪيئن نه گابر خان هن جي بيعزتي ڪئي هئي جڏهن هُن کيس غلطي مان هٿ ڏئي بيهاريو هو، “ڇو ڙي، توکي منهنجي ئي گاڏي شڪي ٿي لڳي؟ مان ئي توکي ڌاڙيل تو نظر اچان.” هن هٿ ٻڌي کانئس معافي ورتي هئي ويندي ويندي گابر خان کيس ڌمڪي ڏيندي چيو هو، ”اڄ کان پوءِ منهنجي گاڏيءَ کي هٿ ڏنئي ته پٽو چيلهه مان لاهي ڳچيءَ ۾ وجهي ايس. پيءَ وٽ پڄائي ايندو مانءِ”

“هي به ڪا نوڪري آ” هن کي پنهنجي پوليس واري هجڻ تي جک اچڻ لڳا. هن کي ياد آيو جڏهن هُن پهريون دفعو وردي پاتي هئي تڏهن هُن کي پنهنجي وجود م پهريون دفعو ايڏو اعتماد محسوس ٿيو هو. هن سوچيو هو، هو هاڻي اُن جٿي ۾ شامل ٿي ويو آهي جنهن جي ذميواري سماج ۾ قانون جي عملداري آهي جنهن جي پويان محڪمي جي وردي واري طاقت آهي هو هاڻي اڪيلو ڪونهي، پر وقت کيس ثابت ڪري ڏنو ته هو توڙي جو وردي پائي ٿو ۽ گهڻا وردي پائيندڙ هُن سان گڏ آهن پر اُهي سڀ صرف ڏيکاءُ آهي هو. اڪيلو ئي آهي ايتري قدر جو فرض نڀائيندي مٿس ڪوڙو خون جو ڪيس داخل ٿيو ته محڪمي وٽ هن لاءِ وڪيل به ڪونهي ڪو جيڪو اُن جي بيگناهي ثابت ڪري. هن کي پاڻ پئسا ڀري پرائيويٽ وڪيل ڪرڻو پيو آهي جنهن جي فيس جا پئسا اڃا به رهيل آهن. رات جا ٻه ٿي رهيا هئا موبائل فون تي رنگ اچيس ٿي هي هيلو ڪري ٿو. هڪ آواز کيس چوي ٿو، “سڀاڻي حاضري اٿئي؟”

“تون ڪير ٿو ڳالهائين؟”

“منهنجي ڀاءُ کي ماري چپ ڪري ويٺو آن، نه ميڙان نه منٿان، نه فيصلو نه ڦرڙي، نه عيوضو نه ايلاز، ايڏو مڙس ماڻهو آن”

“مان تنهنجو ڀاءُ ڪونهي ماريو، پوليس مقابلي ۾ مئو آهي.”

“مئو ٿو چوين! ڪتي جا پٽ، شهيد چئو، منهنجو ڀاءُ شهيد ٿيو آهي. ماريندس ته مان توکي، جلدي هاڻي”

فون بند ٿي وڃي ٿي، ڪاڪي سپاهي جي منهن تي هلڪا پگهر اچن ٿا توڙي جو ٿڌ ۾ هن جو جسم ڏڪي رهيو هو. وڪيل جي فيس کان پوءِ هڪ ٻئي عذاب جو  احساس هن جي اندر ۾  اٿيو. هو سوچي ٿو، “پوليس جي گڏيل مقابلي ۾ مئو آهي، ڏوهاري هو، تر جا سڀ ماڻهو ڄاڻن ٿا، مان هن سان ڪهڙا فيصلا ڪيان، ڪٿان آڻيان عيوضا، پئسا هجن ها ته اربيلي جو علاج نه ڪرايان ها، اسان پيٽ مس ٿا پاليون”

ڪجهه گهڙيون هو خاموش ٿي وڃي ٿو ۽ اونڌهه ۾ روڊ جي ٻئي پار خالي اکين سان نهاريندو رهي ٿو. هو سوچي ٿو، “الله خير ڪري، جيڪڏهن رستي ۾  ڪورٽ ويندي اڳ وٺي وڙهن ته هو ڇا ڪندو؟” انديشا ايذاوَ ڏيڻ شروع ڪن ٿا.

“ننڍڙا ٻار، بيمار زال اُنهن کي ڪير پاليندو،  منهنجي بيمار زال ۽ ننڍڙو پٽ ڪٿي ڪٿي ثابت ڪندو رهندو ته هُنن جو پيءُ شهيد هو. اهو ڪيئن طئي ٿيندو ته مان پوليس مقابلي ۾ شهيد ٿي ويو آهيان يا ذاتي دشمني ۾ ماريو ويو آهيان. منهنجي پگهار ته منهنجي مرڻ کانپوءِ تڏهن جاري رهندي ۽ منهنجن وارثن کي ويهه لک معاوضو تڏهن ملندو جڏهن مان مقابلي ۾ شهيد ٿيان. هاڻي ته منهنجي مٿان خون جو ڪيس داخل ٿيل آهي ۽ هو منهنجا ڄڻ ذاتي دشمن ٿي ويا آهن. سول وردي ۾ رستن توڙي گهرن ۾ ماريل پوليس اهلڪارن جا معاوضا طئي ڪاٿي آهن ٿيل. ڊيوٽيءَ تان لهڻ کانپوءِ نه سنگتي نه ساٿي اسان جي محڪمي کان ته ايترو به نه ٿو ٿئي ته مونکي حاضري لاءِ حفاظت سان وٺي وڃن. پرائيويٽ ڪپڙا پائي پيش ٿيندس. گهر اڪيلو، پنهنجي سنڀال ڪيان يا گهر جي خدا ڪري خير جي گهر تي ڪن حملو ته ڪير بچائيندو انهن کي.” هن جي ذهن ۾ ڪيترائي اهڙا مثال ڦرڻ لڳا جن ۾ پوليس وارن جي گهرن تي ڏوهارين حملا ڪري انهن کي ماريو هو. هن کي ياد آيو جڏهن هو ايس. پي صاحب جي هائوس تي ڊيوٽي ڏيندو هو ته اُتي ٽي موبائلون، ٽيهه پوليس وارا صاحب جي سرڪاري گهر تي ۽ پرائيويٽ گهر تي ڌار ڊيوٽي ڏيندا هئا صاحب جي بيگم صاحبه نڪري ته پنج سپاهي ان جي ڪڍ هوندا هئا. صاحب پاڻ نڪري ته اڳيان ۽ پويان اسڪاٽ ۾ گاڏيون ۽ اسان سان ڪير آهي. سڀاڻي حاضري آهي نه وڪيل لاءِ پئسا نه حفاظت لاءِ اسڪاٽ، خانگي ڪپڙا هوندا پاتل، ڏوهارين جيان ٿيندس سڀاڻي پيش. هن کي ياد آيا ايس. پي صاحب سان شام جو ملاقات لاءِ آيل آفيسرن جا پاسي وارا ڀريل کيسا ۽ واپسيءَ تي خالي ٿيل. هو پنهنجي کيسي ۾ هٿ وجهي ٿو جتي ڏهن رپين جا چند مروڙيل نوٽ ۽ هڪ پنجاهه رپئي جو نوٽ هو. هو سوچي ٿو، “بدنامي جو ريل گاڏو ڪڍ آهي اسان جي ۽ کيسي جي ڪنڊ ۾ مروڙيل چند ڏهن رپين جا پيا آهن نوٽ ۽ صاحبن جي کيسن ۾ ته جاءِ ئي ڪونهي انهن جا ته ڀرجندا رهندا آهن بريف ڪيس.”

 رات جا ٽي ٿي رهيا هئا ڪاڪي سپاهيءَ کي سڀاڻي وڪيل کي فيس ڏيڻي هئي، رستي جو سفر بغير حفاظت جي ڪرڻو هو، ٽيليفون تي ان کي ڌمڪيون مليل هيون، هن کي سڀاڻي وردي پاتل نه هوندي. هو صبح جو هوندو جوابدار ۽ هن جي کيسي ۾ پيا آهن هڪ سئو پنجاسي رپيا، هو گاڏين کي هٿ ڏئي ٿو ڪي گاڏيون لامارا ڏئي تيزيءَ سان هليون وڃن ٿيون ڪي ٽرڪن جا ڊرائيور بيهي هن کي ڏهه رپيا ڏين ٿا، غليظ طريقي سان ورتل مروڙيل غليظ ميرا نوٽ هن وٽ ڪجهه گڏ ٿين ٿا پر پوءِ به صبح جو وڪيل کي فيس ڏيڻ لاءِ ناڪافي هئا. هو سوچي ٿو “جيڪڏهن هن جي زال جو علاج، هن جي اولاد جي پڙهائي، وڪيل جي فيس ۽ جيتري ڊيوٽي هن کان ورتي وڃي ٿي اوترو هُن کي اجورو ملي ته هو هن طريقي سان مليل پئسا ڪڏهن به وٺڻ پسند نه ڪري.” هن کي پنهنجو وجود پنهنجو نه ٿو لڳي، ڪاوڙ ۽ غيرت هن جي دماغ تي ڇائنجڻ لڳي ٿي، عزت نفس جو احساس جاڳي پويس ٿو. اهڙي ئي ڪيفيت ۾ هي هيو ته ٿاڻي جي موبائل اچي ٿي. ايس. ايڇ. او هن کي جلديءَ ۾ چوي ٿو، “گاڏي  ۾ ويهه.” ايس. ايڇ. او جو گن مين ڪوٺيءَ منج ستل سپاهين کي اُٿاري کين چوين ٿو هوشياريءَ سان ڊيوٽيءَ تي بيهو هي موبائل ۾ ويهي ٿو، گاڏي جلدي ۾ رواني ٿئي ٿي. گاڏي جي اندر ٻه سپاهي زخمي پيا هئا جن مان هڪ احمد الدين هن جو گهرو دوست هو، گاڏي تيزيءَ سان اسپتال ڏانهن رواني هئي ٻئي سپاهي آهسته آهسته رڙيون ڪري رهيا هئا. ايس. ايڇ. او جو گن مين هن کي ٻڌائي ٿو، سپاهين کي پڪٽ تي ڏوهاري گوليون هڻي ويا آهن رستي ۾ زخمين مان هڪ سپاهي شهيد ٿي وڃي ٿو. احمد الدين شديد زخمي هو. اسپتال پهچي هڪ سپاهي مارچري ڏانهن ۽ ٻيو ڪيولٽي ڏانهن پهچي ٿو. احمد الدين جو پٽ به اسپتال پهچي وڃي ٿو. پوليس لائين جو ڪيشيئر پهچي احمد الدين جي پٽ کي پنج هزار رپيا ڏئي ٿو. ڊاڪٽر دوائون خريد ڪرڻ لاءِ لسٽ ٺاهي ٿو احمد الدين جي پٽ جي اکين ۾ ڳوڙها هئا کيسا خالي، هٿ ۾ پنج هزار ۽ ڊاڪٽر جي دوائن جي وڏي لسٽ ٺهي رهي هئي. ڪاڪو سپاهي احمد الدين، لسٽ ۽ پنجن هزارن کي واري واري سان ڏسندو رهي ٿو صبح سان خبر پوي ٿي ته گهڻو وقت اڳي هڪ ڏوهاري جي پلاند طور ٻنهي سپاهين کي گوليون هنيون ويون آهن. ڪاڪو سپاهي احمد الدين جي پٽ کان موڪلائي وردي لاهي سول ڪپڙا پائي حاضري تي وڃي ٿو. وڪيل کي ٿورا پئسا ڏئي گهڻا ايلاز ڪري ٿو. ڏوهاريءَ جا فريادي وارث کيس ڪاوڙ مان گهوري ڏسن ٿا “جوابدار محمد بخش حاضر ٿئي” جو آواز اچي ٿو. حاضري مليس ٿي. رات جو فون تي مليل ڌمڪين جو خوف هن جي اندر ۾ آهي. فريادين جي اکين ۾ نفرت ۽ ڌمڪيون آهن ڪورٽ مان ڪاڪو سپاهي اڪيلو ٻاهر اچي ٿو خوف ورتل وکون کڻي ٿو هر هر هيڏي هوڏي لوڻا هڻي ٿو، گهٽيون مٽائيندو واپس پڪٽ تي پهچي ٿو.

احمد الدين جي علاج لاءِ ان جو پٽ هر ٿاڻي تي وڃي سپاهين ۽ آفيسرن کان مدد گهري ٿو. ڪو سئو ڪو ٻه سئو ڪو پنج سئو کيس ڏي ٿو.

ڪاڪو سپاهي حسب معمول ڊيوٽي ڪري ٿو هڪ رات هن جي پڪٽ جي ويجهو ڏوهاري  روڊ تي چڙهن ٿا ٽرڪن کي ڦرن ٿا، ڪاڪو سپاهي وڻ جي آڙ  وٺي رائيفل سڌي ڪري ٿو هڪدم هن جي ذهن ۾ ڪجهه عڪس ڦرڻ لڳن ٿا بيمار زال جو عڪس پوءِ اولاد جو وڪيل جو چهرو، ڌمڪين جا آواز، جوابدار محمد بخش حاضر ٿئي جو سڏ ٻڌي ٿو ۽ پوءِ احمد الدين جي پٽ جو مدد لاءِ جهليل هٿ نظر اچيس ٿو. ڪاڪو سپاهي رائيفل جي ٽائيگر تان هٿ هٽائي رائيفل هيٺ ڪري ٿو.

***