چين غربت خلاف جنگ کٽي ورتي آهي: جن پنگ

چيني صدر شي جن پنگ اعلان ڪيو آهي ته سندس ملڪ غربت خلاف جنگ ۾ مجموعي طور فتح حاصل ڪري ورتي آهي. چين جي صدر بيجنگ ۾ هڪ تقريب دوران غربت جي خاتمي لاءِ چين جي ڪوششن جي مڪمل فتح جو اعلان ڪيو، صدر پنگ جي قيادت تي گذريل 8 سالن ۾ تقريبن 100 ملين ماڻهن کي غربت جي گهاڻي مان ڪڍڻ جو سهرو آهي، سال 2020 ۾ چين جي ٻهراڙي ۾ آمدني ساليانو 619 آمريڪي ڊالرن تائين وڃي پهتي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments