چين ۽ ايران جي لاڳاپن تي ورهين کان پريشان آهيان: جوبائيڊن

آمريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته چين ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي ڪيترن ئي سالن کان پريشان آهيان. ڪجهه ڏينهن پهرين آمريڪا جي مقابلي ۾ مخالف ملڪن چين ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ٻه طرفن لاڳاپن جي حوالي سان 25 سالن جي اسٽريٽجڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون جنهن بعد سپر پاور آمريڪا ۽ نئين صدر بائيڊن انتظاميا ۾ بيچيني وڌي رهي آهي. ايئرپورٽ تي روانگي کان اڳ صحافي جي سوال تي ته ڇا چين ۽ ايران وچ ۾ معاهدي تي ڪي خدشا آهن؟ جواب ۾آمريڪي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي ڪيترن ئي سالن کان فڪرمند آهيان.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments