چڙ ڏياريندڙ مواد کي روڪڻ لاءِ ٽوئيٽر جو اهم قدم

ٽوئيٽر پنهنجي پليٽ فارم تي چڙ ڏياريندڙ مواد کي روڪڻ، فائديمند ۽ ڄاڻ واري مواد کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ اهم قدم کڻي ورتو آهي. ٽوئيٽر جو چوڻ آهي ته انتظاميه چڙ ڏياريندڙ ۽ نامناسب مواد جي خلاف ڪارروائي ڪندي ٽوئيٽر هيلپ سينٽر کي وڌيڪ اپ ڊيٽ ڪري ڇڏيو آهي. ٽوئيٽر موجب اپ ڊيٽ ڪيل پاليسيون چڙ ڏياريندڙ مواد ۽ حراسان ڪرڻ جهڙن قدمن کي روڪڻ ۾ مددگار آهن. ٽوئيٽر جي آفيشل اڪائونٽ تي نئين پاليسي بابت ٽوئٽ کي شيئر ڪندي ٽوئٽ ڪيو ويو آهي. جنهن موجب بهتر عوامي ڳالهين جي لاءِ ڪيل ارادن تحت ڀائيوارن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ اسان لاڳيتو پنهنجي پاليسين ۾ نواڻ آڻي رهيا آهيون ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته ٽوئيٽر اهو  هنڌ آهي جتي هر ماڻهو پاڻ کي محفوظ رکي سگهي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته نئين پاليسي جي سموري مواد جو گهيراءُ ڪيو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments