بلاگ

ڇا آفت سٽيل ماڻهو پنهنجا صحيح نمائندا چونڊيندا؟

هاڻوڪين

برساتن جتي سموري ملڪ ۾ پنهنجي تباهيءَ جا نشان ڇڏيا آهن، اتي سنڌ ۾ به برساتن کانپوءِ هر طرف تباهي ئي تباهي برپا ٿي وئي آهي.

سنڌ اها ڌرتي آهي، جيڪا سرسبز ۽ شاداب هجڻ جي ڪري زراعت جو هڪ وڏو حصو قومي پيداوار ۾ ونڊي ٿي ۽ صوبي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي جيڪو هڪ بين الاقوامي شهر آهي جتي مختلف ڪمپنين جون هيڊ آفيسون آهن ۽ هتي وڏا انڊسٽريل زون آهن، جنهن جي ڪري هن کي واپاري مرڪز سڏجي ٿو جيڪو وفاق کي ستر سيڪڙو آمدني ساليانه مهيا ڪري ٿو. اربين رپيا وفاق کي ڏيندڙ هيءَ ڌرتي جنهن درد ۽ تڪليف مان گذري پئي ان جو اندازو صرف انهن ماڻهن کي آهي جيڪي اهي سڀئي حالتون پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهن يا انهن مان گذري رهيا آهن. مڊل ڪلاس جو ماڻهو توڙي هڪ غريب ماڻهو جنهن وٽ پنهنجي گذر بسر لاءِ هڙ ۾ ڪجهه هو اهي پنهنجو الھ تلھ وڃائي ويٺا آهن.

سنڌ اهو بدقسمت خطو آهي، جيڪو هر طرح جي وسيلن سان مالا مال هوندي به اڄ هن قيامت جهڙين گهڙين ۾ وفاقي ادارن ۽ بين الاقوامي امدادي سهارن ڏانهن واجهائي رهيو آهي. هن وقت سنڌ جي هر ڳلي، وستي، واهڻ شهر ۽ ڳوٺ هڪ درد ۽ پيڙا جي ڪٿا بڻجي پنهنجي بيوسي تي ماتم ڪري رهي آهي. برساتي ٻوڏ ۽ انتظامي نااهلي جي ور چڙهيل هتان جي ماڻهن جا گهر، ڳليون، مال متاع، زمينون ۽ فصل تباهه ۽ برباد ٿي چڪا آهن.

روڊن ۽ کليل آسمان هيٺيان وقت گذاريندڙ هن شاهوڪار ڌرتيءَ جا وارث اڄ به ڪنهن سرڪاري سهائتا لاءِ واجهائين پيا. هي اٻوجھ ماڻهو جن کي ووٽ وٺڻ لاءِ ٽرالين ۾ ڀري پولنگ اسٽيشنن تي پهچايو ويندو آهي اڄ انهن جي زندگي بچائڻ جي لاءِ ڪابه سرڪاري مدد نه پهچي سگهي آهي. ڪوبه سندن ڌڻي سائين ڪونهي. ڪيئي معصوم زندگيون هن برساتي آفت جو کاڄ بڻجي ويون آهن، جن جو شايد صحيح ڪاٿو حڪومت به نه لڳائي سگهي آهي. سندن ڪچا پڪا گهر جن کي جوڙيندي سندن زندگيون لڳي ويون هيون، اڄ مٽيءَ جا ڍير بڻجي چڪا آهن. سنڌ جنهن جي مسڪين ماڻهن هميشه سردارن، ڀوتارن، زميندارن ۽ سرمائيدارن کي پنهنجا ووٽ ڏيئي اعليٰ اقتداري ايوانن تائين پهچايو آهي، اڄ جڏهن سندن مٿان هي قيامت جهڙيون گهڙيون اچي بيٺيون آهن ته اهڙي آزمائش جهڙي وقت ۾ سندن سهائتا ڪرڻ لاءِ انهن ڀوتارن ۽ اعليٰ اقتداري ڪرسين تي ويٺل ڪوبه نمائندو لڙي نه آيو نه ئي سندن ڀرجهلو ٿي بيٺو. پنهنجي انتظامي نااهلي کي لڪائيندي هن برساتي ٻوڏ کي ”اسان جي خراب اعمالن جو نتيجو“ ڪوٺيندڙ هنن حڪمرانن کان ڪوئي پڇي ته ڇا رڳو صرف ”آڻين ۽ چاڙهين“ تي گذر سفر ڪري پنهنجي حياتيءَ جو گاڏو هلائيندڙ مسڪينن جي هٿان ئي اهڙا خراب عمل ٿيا هئا جو کين ۽ سندن ايندڙ نسلن کي به ان جي سزا ڀوڳڻي پئي.!؟

ڇا هي ڏهاڙيدار مزدور، هاري ۽ نوڪري پيشا ماڻهن تي ئي خدا ايڏو ڏمريل آهي جو سندن الھ تلھ لوڙهي ڇڏيائين؟

ڪنهن مير، پير، وزير، ڀوتار يا سردار مٿان اهڙو ڏمر ڇو نه لٿو؟ سندن بنگلا ۽ ڪوٽ ڇو پاڻيءَ جي هيٺ نه آيا؟. کين ته ڇڏيو، پر سندن بنگلن تي پلجندڙ ڪتن مٿان به اھڙو وقت نه گذريو هوندو… پر کين ڪير سمجهائي ته هي اسان جي خراب عملن جو نتيجو نه پر خراب چونڊ جو نتيجو آهي، خراب فيصلن جو نتيجو آهي. جنهن چونڊ ۽ فيصلن جي نتيجي ۾ اهڙا حڪمران هنن اٻوجھ ماڻهن تي مسلط ٿيا آهن.

سنڌ هن وقت ڪربلا جو ڏيک ڏيئي رهي آهي، ان ڪربلا مان انهن ماڻهن کي ڪڍڻ وقت جي حڪمرانن مٿان فرض آهي، سندن واهرو ٿيڻ لاءِ ئي هنن کين چونڊيو هو نه ڪي هن راڪاس جهڙي دور ۾ سندن ڦٽن تي پها رکڻ بدران لوڻ ٻرڪڻ لاءِ کين ووٽ ڏنو ويو هو. سنڌ جيڪا هن وقت هڪ درد جي ڪٿا بڻجي چڪي آهي، سنڌ جتي رهندڙ مسڪين ماڻهن جي حالت ڏسندي هنيانءُ ئي ڇڄي ٿو پئي، سنڌ جنهن مٿان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي حڪمراني ڪندڙ حڪمرانن جي اهڙي روش هتان جا ماڻهو صدين تائين وساري ڪو نه سگهندا.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي ناحق خون جو قرض ته هتان جا ماڻهو لاهي چڪا آهن، پر موٽ ۾ کين امداد جي نالي تي ڪيئن رسوا ڪيو پيو وڃي. ڪيترا ويلا بکون ڪاٽيندڙ کليل آسمان هيٺ ويٺل ٻارن توڙي ٻڍن جون سوشل ميڊيا ۽ سنڌي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تان نشر ٿيندڙ هانءُ ڏاريندڙ رڙيون حڪمرانن تائين ڇو نٿيون پهچي سگهن. روح چيريندڙ منظر سندن اکين آڏو ڇو نٿا گذرن، پاڻيءَ جي ڇولين ۾ لڙهندڙ ڪنهن ماءُ جي لال جو لاش سندن ضمير تي چهنڊڙي ڇو نٿو پائي؟

ڪچي گهر جي ڇت هيٺيان دٻجي ساهه ڏيندڙ خاندانن جي لاشن جون تصويرون سندن اندر ۾ ڪو احساس پيدا ڇو نٿيون ڪري سگهن؟

شايد ان ڪري ته هو ڌوتل پوتل ۽ پاڪ پوتر رهندڙ پنهنجين زندگين ۾ ”بهتر عمل“ ڪندڙ آهن..!

هي لڙهندڙ لاشا، اڀ ڏاريندڙ آهون، هي هڪ ويلو ماني گهرندڙ مجبور  ماڻهن سان سندن ڪهڙي ڄاڻ سڃاڻ؟

سنڌ مڪمل ٻڏي چڪي آهي، درد وندن جي ديس ۾ هي آفت ته پنهنجا اڻ مٽ نشان ڇڏي ويندي، پر شال سندن ذهنن کي به کولي سگهي، شال سندن ذهن جي پردن مان هي لمحا ڪڏهن نه ميسارجن ۽ ايندڙ وقت ۾ پنهنجي چونڊ صحيح نموني ڪري سگهن.