ڇا 5- جي انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهي: اهم ترين تحقيق

ڪورونا وائرس جي وبا دوران اهي افواهون هلي رهيون هيون ته 5- جي جا ريڊيو سگنلز ڪورونا وائرس پکيڙڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن. جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن 5- جي ٽاور تي به حملو ڪيو، پر هاڻ ماهرين ان حوالي سان اهم تحقيق پيش ڪري ڇڏي آهي. عالمي ميڊيا موجب آسٽريلين ريڊي ايشن پروٽيڪشن اينڊ نيو ڪليئر سيفٽي ايجنسي (اي آر پي اي اين ايس اي) سوائن برني يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي سان گڏجي 5- جي ريڊيو لهرن جي حوالي سان ٿيندڙ 138 تحقيقي رپورٽن جو تجزيو ڪيو. ان ٽيم تحفظ جي حوالي سان ٿيندڙ وڌيڪ 107 جاچ رپورٽن جو به تجزيو ڪيو. ٻنهي تجزين ۾ ڏٺو ويو ته 5- جي ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ ريڊيو لهرن جو خليات تي ڪهڙو اثر پوندو آهي. ماهرن دريافت ڪيو ته 5- جي لهرن مان صحت يا خليات تي ڪوبه مضر اثر نه پوندو آهي. اي آر پي اي اين ايس اي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪينڪر پينڊس ٻڌايو ته اهڙيون ڪي به شاهديون ناهن ملي سگهيون جن مان اهو اشارو ملندو هجي ته گهٽ سطح جي ريڊيائي لهرن، جيئن 5- جي نيٽ ورڪ ۾ استعمال ٿينديون آهن اهي انساني صحت جي لاءِ نقصان ڏيندڙ نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته جن جاچ رپورٽن ۾ حياتياتي اثرن کي رپورٽ ڪيو ويو انهن ۾ ڪيترين ئي لهرن جي اثرن کي جاچڻ جي غير معياري طريقيڪار کي استعمال ڪيو ويو. ماهرن جو چوڻ آهي ته 5- جي اثرن جي مانيٽرنگ جي لاءِ ڊگهي جاچ تي ڪم ٿيڻ گهرجي جنهن لاءِ سمورين سائنسي اڳڀرائين کي استعمال ڪيو وڃي، پر اڃان تائين اهڙيون ڪي به شاهديون سامهون ناهن آيون جيڪي 5- جي سان جڙيل دعوائن جي حمايت ڪنديون هجن.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments