ادب

ڊائري جا ورق خواجھ غلام علي کوساڻي December2021

26 اپريل 1972 يار نوُرو، هڪڙو عرض آهي. ٻين کي ته کڻي ڇڏ پاڻ ٻئي ڇو خوامخواهه جي هڪڙي خاص نوعيت جي اذيت پيا برداشت ڪريون؟ ٻين تي ته ميار ڪانهي، پر پاڻ ته عقلمند آهيون پوءِ ڇو ايئن دور ۽ مجبور آهيون. هي جيڪو ٿيو آهي ۽ ٿئي پيو، اهو آخر ڇا آهي؟ مون کي ته ڪابه خبر نٿي پئي انهيءَ جي، پر جي کڻي ڪجهه آهي به ته آخر ختم به ٿيندو يا نه؟ يار نورو جيڪڏهن ڪجهه آهي به ته مهرباني ڪري تون پنهنجي طرفان ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪر، آئون پنهنجي طرفان ڪريان، آئون نٿو ڀانيان ته ڪو اهڙو مسئلو هوندو جيڪو پاڻ حل نه ڪري سگهنداسين. آخر پاڻ ذهين هجڻ جي دعويٰ ٿا ڪريون ۽ جڏهن پاڻ سمجهي سگهون ٿا ته پوءِ پاڻ کي دير به نه ڪرڻ گهرجي، هاڻ وڌيڪ برداشت نٿو ٿئي، اها مصنوعيت ۽ اجنبيت کي برداشت ڪرڻ جي قوت ناهي. هڪڙي ديوار جيڪا پنهنجي درميان خبر ناهي ڇو اڀي ٿي پئي آهي (شايد زماني کڙي ڪئي آهي)، انهيءَ کي پاڻ ايئن ختم ڪرڻ جي مخلصانه ڪوشش ڪريون ته جيئن هن اذيت مان ڇوٽڪارو ملي پئي ۽ آرام جو ساهه پٽيون. اڳي وانگر کير کنڊ ٿي وڃون. اڳي واريون مسرتون موٽي اچن، اڳ واريون ڪچهريون موٽي اچن، اڳي واريون رهاڻيون موٽي اچن. بس اهو آهي عرض.

***

03 آڪٽوبر 1995

حڪمرانن کي ملڪ قوم، عوام، انسانيت ۽ سچ، حق جي لاءِ عمل ۾ انتهائي ذميواري سان دور انديشي کان ڪم وٺندي، فيصلا ۽ اعلان ڪرڻ کپن. اسان وٽ بدقسمتي سان اٿندي ئي حڪمرانن جي ڪير مخالفت نٿو ڪري. معنيٰ اهو ترقي پسند سچو انقلابي ۽ قومپرست ڪونهي… هتي ترقي پسندي، قوم پرستي ۽ انقلاب هجڻ لاءِ پهريون شرط اهو آهي ته حڪومت جي هر حال ۾ مخالفت، حڪومت جي تمام عملن ۽ ڪمن تي تنقيد ڪرڻ ۽ ڌرتي خلاف سازش قرار ڏيڻ آهي. افسوس جو مقام آهي جو هتي سنڌ ۾ نعرا ته گهڻا ئي ترقي پسندي، قوم پرستي ۽ جمهوريت جا لڳا، پر هتي اسان جي ليڊرن، رهنمائن ۽ ڪارڪنن ۾ به جمهوري ڪلچر قائم ٿي نه سگهيو. بس صرف مفاد، ذاتي مفاد، گروهي ۽ تنظيمي مفاد ۽ طبقاتي مفاد آهن ڪوبه سچو، دور انديش، حقيقت پسند ناهي. جيڪو ڌرتي ۽ مظلوم عوام جي سچي ۽ حقيقي مفاد کي اوليت ڏي… سواءِ هڪ ٻن جي باقي سنڌ ۾ سڀ تنظيمون، گروپ ۽ پارٽيون ۽ سندن ليڊر ايئن ئي آهن. دور انديشي، سچي محب وطني، حقيقي تاريخي علم، ڄاڻ ۽ دنيا سڄي جي موجوده تيزي سان بدلجندڙ حالتن تي گهري نظر رکجي، پر فيصلا ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ وارو ڪو ڪونهي… جمهوريت جيڪا اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ قومي عوامي جمهوريت جي نالي سان ڪامياب آهي ۽ اسان کي ان جي ڪيتري سخت ضرورت آهي. آمريت جي خلاف جمهوريت کي بچائڻ ۽ هن موجوده انڌي منڊي جمهوري حڪومت کي وڌ ۾ وڌ بهتري ڏانهن وٺڻي وڃڻ ۽ موجوده جمهوري حڪمت جي خراب عملن تي تنقيد ڪرڻ ۽ سٺن ۽ اهم ڪمن جي حمايت ڪرڻ. اها روش، اها حقيقت پسندي ۽ سچائي اسان وٽ ڪونهي. موجوده حڪومت جيڪا ٻه سال اڳ منصفاڻن چونڊن رستي ڪامياب ٿي آئي آهي ۽ يقينن گذريل جمهوري دورن کان نسبتن بهتر به آهي. خاص طور سنڌ ۾ هميشه وڏيرا، پير، مير حڪمران ٿيندا آهن، اتي پهريون ڀيرو هڪ عام وچولي درجي جو سچو ۽ کرو عوامي ليڊر عبدالله شاهه مقرر ٿيو آهي ته اها هڪ چڱي ڳالهه آهي. موجوده حڪومت ايم. ڪيو. ايم جي دهشتگردن سان سخت مهاڏو اٽڪايو بيٺي آهي، انهن جي زبردست مهم جاري آهي. سنڌ مان ڌارين کي ڪڍڻ جون ڪوششون ٿيڻ اهي ٻئي عظيم ڪم آهن جيڪي قوم پرستن جا خواب هئا ۽ هيءَ حڪومت عمل پئي ڪري ته ان کي درست چوڻ، چڱو چئي ان جي مدد ڪرڻ بدران ان مان به حڪومت خلاف نقص ڪڍڻ غلط آهي. هن حڪومت ٻيا به ڪيئي چڱا ڪم ڪيا آهن. مثال طور: ٿر ۾ پاور پلانٽ، جاتي ۾ پاور پلانٽ ۽ ڪوئلو ڪڍڻ ۽ نئين بندر گاهه ٺاهڻ، لاڙ جو سامونڊي علائقو، جنهن کي ترقي وٺرائڻ ٻيا به ڪيئي ڪم جنهن ۾ روڊ، رستا، بجلي، گئس، مارڪيٽون، ڪارخانا ٺهرائڻ، عدالتن ۽ پوليس جي نظام کي سڌارڻ جي ڪوشش شروع ڪرڻ، تعليم جي نظام کي سڌارڻ، ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ وغيره. ظلم آهي ته نتيجا جلد ڪونه نڪرندا آهن. آهستي آهستي تبديلي ايندي بي صبرا ماڻهو سڀ ڪجهه فوري ڏسڻ ٿا گهرن. ان ڪري نام نهاد ليڊر گمراهه ٿا ڪن.

***

01 آڪٽوبر 1995

پليجو صاحب سخت بيمار ٿي پيو آهي. ڪراچي آغا خان ۾ چار آپريشن ٿي چڪا آهن، تمام ڪمزور ٿي ويو آهي. غلام حيدر ڪالهه ڪراچي ۾ ملي آيو آهي، ان ٻڌايو ماڻهو ته تمام گهڻا سڄي سنڌ مان پيا اچن، حڪمران به ته حزب اختلاف به، پر سڀ کان وڌ مظلوم عوام مان هاري، مزدور ۽ نوجوان اچن ٿا، پر هڪ ته پليجو صاحب ڪمزور آهي ۽ آرام جي سخت ضرورت اٿس. پليجي صاحب جي لاءِ درد ڀريل دل مان پوري سچائي ۽ پيار سان دعا ٿي نڪري ته يا خدا، اسان مظلوم سنڌ ۽ سنڌي عوام جي هن اڪيلي قومي عوامي جمهوري رهنما، عظيم دانشور، ترقي پسند نقاد، چوٽي جو وڪيل ۽ سڀ کان وڌيڪ ۽ اهم مظلوم سنڌي عوام جو سچو هڏڏوکي نه جهڪندڙ ۽ نه وڪامندڙ سياسي عوامي ليڊر، محترم رسول بخش پليجي کي بيمارين کان بچاءُ هن کي سٺي صحت ۽ وڏي ڄمار ڏج جو اهڙا عظيم انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ اڃان مظلومن کي سخت ضرورت آهي. ان ڪري يا مولا هن جي حفاظت ڪجانءِ. ڪيڏي نه نا سمجهه آهي اسان جي قوم جنهن اڄ نه پر هميشه کان پنهنجن سچن هڏڏوکي سڄڻن کي سڃاڻڻ سمجهڻ، پيار ڪري سنڀالڻ بجاءِ رڳو ڏک ئي ڏنا آهن. شاهه لطيف، شاهه عنايت، دولهه دريا خان، شاهه بلاول، ذوالفقار علي ڀٽو، فاضل راهو ۽ ٻيا ڪيئي سچا ۽ عظيم ماڻهو هر قسم جي اجر يا طلب يا صلي جي پنهنجو اصل عظيم ڪم ڪندا رهندا آهن.