ڊائري جا ورق نفيس نهڙي | # فيبروي 2022
- احساسن جي اڻتڻ…!
- هن بي رخي مان پڇيو ته دل برباد ڪيئن ٿيندي آهي
- جواب ۾ صرف موئن جو دڙو گهمڻ جو اشارو ڏئي خاموش ٿي ويس…!!
- گاڏي جو شيشي هيٺ ٿيندي ئي هن اشارو ڪندي چيو پريان ڏس ننڍڙا ٻار گندگي ۾ ڇا ڳوليندا آهن
- جواب ڏنم ته پيٽ جي بُک اجهائڻ لاءِ ڪنهن طعام جي تلاش ۾ رُڌل آهن
- هن کلندي پڇيو ته ڇا ڪچري جي ڍير تي به ديڳون لهنديون آهن؟
- دکي دل سان جواب ڏنم ته ديڳون لهن ٿيون الائي نه، پر پڪ سان ويلي جي ماني ملي وڃي ٿي، پر ڍئو تي رلندڙ بنا احساس ڀريل وجود جي اکين کي اهو ڏسڻ ۾ ناهي ايندو
- هن کلندي چيو هلڪي ڳالھ وقت جو ذيان
- مون به مرڪندي ٺھ پھ جواب ڏنو ڳرو وجود گھمندي ڦرندي به ڌرتي تي وزنائتو حيوان
- هن جو لگزري گاڏي ۾ چڙهندي هٿ لوڏي چوڻ: هلون ٿا هاڻي
- مون به رڪشا واري کي هٿ سان اشارو ڪندي بيهڻ لاءِ چيو ۽ پريان ڏٺو، ”اهي ننڍڙا ساڳيا ٻار ڄڻ گلاب جا وجود هجن جيڪي ديس جي ڪنهن گلشن ۾ ٽڙندي به مرجهايل لڳي رهيا هجن…!“
- هن هلڪائپ ڀري لهجي مان پڇيو، اجرڪ جي اهميت ايتري وڏي اوهان وٽ ڇا لاءِ آخر ڪپڙو ته سڀ ساڳئي ڌاڳي مان ٺهي ٿو
- مون هن جي چهري ۾ ڏٺو، چيم ته تون ڪپڙي جو ملھ ئي سمجهي سگھين ٿي باقي اسان لاءِ اجرڪ جي اهميت گهوٽ جي ڪلهي تي سونهي ٿي ته ميت کي به ڍڪي ٿي، سو تولاءِ ملھ ئي وڌيڪ، پر اسان لاءِ اجرڪ جو مان وڏو املھ آهي جيڪو خوشي ۽ غم ٻنهي ۾ اسان لاءِ سنڌ ۽ جند جي مهان جوڙ جيان جڙيل رهي ٿو…!
- هن حال احوال ڪندي نوڪري جي باري ۾ پڇا ڪئي، منهنجو ٿوري دير لاءِ خاموش ٿيڻ کي شايد بيزاري ڀريو احساس سمجهي ويٺو
- وري ڳالهائڻ شروع ڪيائين
- ٻڌو آهي ته سياري جون راتيون ڊگهيون ٿينديون آهن ۽ ڊگها پل گذارڻ به ڏاڍا ڏکيا ٿيندا هوندا
- چيم ته، ”سُکي يا ڏکي ڏاتار ئي ڏني آهي سو ڏني جي فيصلي تي خوش رهڻ کپي“ ۽ ”جي ملي آهي ته پوءِ گذارڻي ته پوندي“
- چيائين هائو، پر صرف گذارڻ به زندگي ته نه چئبي
- چيم ته زندگي چوڻ جو نالو ناهي، جيڪڏهن ڪير گذارڻ جو سليقو ڄاڻي ٿو ته حياتي جهڙي ٻي ڪابه شيءِ حسين ناهي باقي دنيا جي رنگن ۾ رنگجڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته درد ته ضرور ملندو، مگر حاصل اهوئي ٿيندو جيڪو خلقڻ واري هرهڪ جي حصي ۾ لکيو آهي…!
- ۽ پوءِ هن بت بڻيل وجود به بيشڪ جو الفاظ ورجايو جنهن گهڙي پل لاءِ پنهنجيون اکيون آسمان جي طرف کڻي ڇڏيون شايد مالڪ جو شڪرانو ادا ڪرڻ جو فرض نڀائي رهيو هو
- مون ڏٺو سندس آڱريون ٻئي ڪن ڇهي رهيون هيون…!
- …. ۽ پوءِ نيٺ رات جي وچين پهرن ۾ جهور پوڙهي ڊسمبر دم ڏنو ٺيڪ انهيءَ پهرن مان نئين نويلي جنوري جنم ورتو ۽ گلاب جيان ٽڙي نروار ٿيو، ڪُل ڪائنات جي چوڏس مُرڪن جا موتي نکري پيا، سال پڄاڻان ڊگهي خاموشي سان ويراني جي ور چڙهيل قديمي آثارن جو ڏيک ڏيندڙ انيڪ چپن جي ڪپن تي به مُرڪن جا ميلا متل ڏسي ايئن محسوس ٿيو ته ديس جي دراوڙن جون دعائون شايد نئين اميد، آشا توڙي سکن جون صدائون هيل پڪ ماضي کان منفرد رنگ آڻينديون جنهن جي روشني آڪاش تي پکڙندڙ رنگ برنگي خوشين جا انبار چٽا ڏيک ڏئي هر ڏسندڙ اک سان، ”شال سُک وسن“ جهڙي حسرتن سان من ئي من ۾ لڀائي رهيا هئا ۽ سامهون اڀريل ٿڌو چنڊ ڄڻ هيٺ سموري زميني مخلوق جي خوشين تي چانڊوڪي ڀريو رسيلو اوڍڻ ڍڪي سندس همسفر تارن ڀري بارات سان ڀاڪرين ڀريل واڌاين جون ڀريون ارپيندو هجي. پل لاءِ محسوس ٿيو ته چنڊ ڪو ننڍڙو ٻار هجي جنهن جي مرڪ پسڻ سان ٿڪل حياتي جا سمورا ٿڪ پل لاءِ لهيو وڃن..!!

