ادب

هائبرڊ ۽ ففٿ جنريشن وار ڇا آهي؟ شهريار رحمان کوسو

ميڊيا جي موجوده شڪل دنيا کي ايترو تبديل ڪندي اهو ڪنهن سوچيو به نه هو. ميڊيا جو انسانن جي زندگين ۾ ڪيترو اثر آهي ان سوال جو جواب هڪ طرف جيترو آسان آهي ته ٻئي طرف وڌيڪ ڏکيو ۽ پيچيده به آهي. ميڊيا انسانن جي سماجي روين ۾ تبديلي آندي آهي ڪنهن به معاشري ۾ انسانن جي مجموعي رويي جي وڏي اهميت هوندي آهي وڏيون وڏيون سلطنتون به انسانن جي گڏيل سوچ جي پرواھ ڪنديون آيون آهن. گذريل ڪيئي سالن کان دنيا ۾ رهندڙ انسانن جو گهڻو تعداد ميڊيا تي يقين ڪرڻ لڳو آهي. انسانن ۾ نفسياتي تبديلي آڻڻ ۾ ميڊيا ڪامياب وئي آهي. اڄ جو انسان ميڊيا تي ٿيندڙ عمل تي پنهنجو رد عمل ڏئي ٿو. مثال طور: جيڪر ڪنهن دوست سوشل ميڊيا تي پنهنجي دوست جي رکيل پوسٽ تي تبصرو يا ان کي لائڪ نه ڪندو ته ان جو دوست ان کان ناراض ٿيندو مطلب ته ميڊيا هاڻي ايترو طاقتور ٿي ويو آهي هو جو انسان کي ڪنهن به شيءِ تي تاثر ڏيڻ لاءِ ان جي ضرورت آهي. هڪڙي غلط خبر جي ڪري اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مارڪيٽ هيٺ به اچي سگهي ته مٿي به وڃي سگهي ٿي. هن وقت انسانن جي نفسيات ميڊيا تي انڌو يقين رکي ٿي. ڪنهن دور ۾ ڪمپيوٽر ۽ ان جي پروگرامنگ محض نوجوانن جو مشغلو سمجهيو ويندو هو ۽ ان قسم جو خيال آمريڪا سميت  مغربي ملڪن ۾ به رائج هو اتان جي وڏي عمر جا شهري ڪميپوٽر کي ايترو سنجيده نه وٺندا هئا انهن جي لاءِ اهو سڄو ڪجھ وڊيو گيم جيان هو جنهن ۾ حقيقي زندگي يا سماجي زندگي جو پري پري تائين ڪو عمل  دخل نه هو، پر هاڻي ائين نه آهي هاڻي هر سماجي ڪم لاءِ ميڊيا جي ضرورت پئي ٿي هاڻي ميڊيا ائين ضروري ٿي پئي آهي جيئن هوا ۽ پاڻي. اڄ ميڊيا هر عمر جي ماڻھو لاءِ ضروري ٿي پئي آهي. ميڊيا ۾ انقلاب سوشل ميڊيا آندو آهي، سوشل ميڊيا جي اچڻ سان هر استعمال ڪندڙ پاڻ صحافي آهي. سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ شخص ڪنهن به وقت ڪنهن به ملڪ جي سربراھ تائين پنهنجي ڳالھ پڄائي سگهي ٿو. سوشل ميڊيا جو اثر سماج تي ڪيترو پئجي چڪو آهي ان جو اندازو هن واقعي کان لڳائي سگھجي ٿو ته فيس بڪ جي مارڪ زڪربرگ کي آمريڪا جي هر اليڪشن ۾ جواب ڏيڻ لاءِ گهرايو ويندو آهي، مارڪ کي گھرائڻ جو سبب اهو هوندو آهي ته فيس بڪ مخصوص اميدوارن جي مدد ڪري ٿو ۽ انهن جي حمايت ۾ ڪيمپين ڪري ٿو. سوچڻ جي ڳالھ آهي ته ڪجھ سال اڳ آمريڪي يونيورسٽي هاروڊ ۾ ڪن ڇوڪرن گڏجي ڪري فيس بڪ ٺاهيو ۽ انهن جو بلڪل اهو ارادو نه هو ته ڪو فيس بڪ کي ايترو مقبول ڪيو وڃي. انهن محض يونيورسٽي جي سطح تائين آن لائين گروپ ٺاهڻ پئي چاهيو جنهن ۾ شاگرد ڇوڪرين جي تصورين تي تبصرا ڪري سگهن ۽ پنهنجين تصورين کي اپلوڊ ڪري سگهن، پر ٿيو ان جي ابتڙ آهي. فيس بڪ سوشل ميڊيا جو بادشاھ ٿي چڪو آهي ۽ ايترو طاقتور ٿي ويو آهي جو دنيا جا طاقتور ترين ملڪ ان جي مقبوليت کان پريشان ٿي چڪا آهن ۽ ان جي مالڪ کي جواب ڏيڻ لاءِ گهرايو ويندو آهي. اهو آهي ميڊيا جو اثر! اڄ “هيش ٽيگ” مشهور آهي جنهن سان ڪابه خبر باھ وانگي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي سگهجي ٿي. ميڊيا جي انهيءَ دور ۾ سياستدان به محتاط ٿي ويا آهن. ميڊيا هاڻي گهڻو وسيع ٿي چڪو آهي هاڻي ان کي ڪنهن به دائري ۾ نٿو رکي سگهجي. ڪنهن به سماج ۾ جڏهن ڪا شيءِ ايتري طاقتور ٿي وڃي ته ان جو استعمال هر طرف کان ڪيو ويندو آهي. ميڊيا انساني نفسيات تي گهڻو اثر ڇڏيو آهي ۽ ماڻهو اڄ جي دور ۾ ميڊيا تي آيل ڳالھ کي گهڻو سنجيده وٺڻ شروع ڪيو آهي. اڄ هر انسان جو ميڊيا سان تعلق هڪ جذباتي تعلق بڻجي چڪو آهي. هر ڳالھ جيڪا ميڊيا تي هلي ٿي ماڻهو ان تي جلد اعتبار به ڪن ٿا ۽ ان کي دل تي به وٺن ٿا. ميڊيا انسانن کي خوش به ڪري سگهي ٿو ته غمگين به، ملڪن ۾ افراتفري پيدا ڪري سگهي ٿو، حڪومتون ختم ڪرائي سگهي ٿو، عام ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکيڙي سگهي ٿو وغيره وغيره. دنيا جون ڪجھ طاقتون اهو ڄاڻن ٿيون ته ڪنهن شيءِ جي عروج کي ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي، تنهنڪري اڄ جا ڪجھ طاقتور ملڪ ٻئي ملڪ جي عام ماڻهو ۽ فوج کي نفسياتي طور ڪمزور ڪرڻ لاءِ اهڙيون خبرون يا اهڙي معلومات سامهون آڻيندا آهن جنهن سان ملڪ جي فوج سميت هر ماڻهو خوف ۽ حراس ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ ان خوف ۽ حراس جو ڪو ٻيو ملڪ ڪنهن به نموني سان فائدو حاصل ڪندو آهي ۽ اها ئي اها جنگ آهي جنهن کي هائبرڊ جنگ چئجي ٿو.

ياد رکڻ کپي ته ميڊيا تي ڪنهن به وڏي اداري يا ڪنهن اهم شخصيت جي باري جيڪا پروپيگنڊه ڪئي ويندي آهي يا اسڪينڊل عام ڪيا ويندا آهن اهي به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هائبرڊ جنگ جو ئي حصو هوندا آهن. بهرحال! هن سڄي طرز عمل کي هائبرڊ جنگ سميت ففٿ جنريشن وار يا سائبر وار به چيو ويندو آهي. انهن ۾ راويتي جنگ نموني ميدان تي فوج نه وڙهندي آهي بلڪه ٽيڪنالاجي ۽ ميڊيا جي ميدان تان جنگ ڪئي ويندي آهي. عام طور تي جيڪي ملڪ ٻئي ملڪ کان هٿيار خريد ڪندا آهن انهن ۾ اهو خدشو هوندو آهي ته متان انهن هٿيارن ۾ اهڙو ڪو اوزار يا ٽريڪر لڳل هجي جيڪو هٿيار خريد ڪندڙ ملڪ جي معلومات ٻئي ملڪ کي فراهم نه ڪندو هجي. ان کان علاوه سائبر وار ميڊيا تي غلط خبرون پکيڙي ملڪ جي فوج ۽ عوام ۾ خوف ۽ حراس پيدا ڪري سگهي ٿو. ڇو ته اڄ جي دنيا، جتي ميڊيا هر ماڻهو جي موبائل فون جي صورت ۾ کيسي ۾ موجود آهي اتي ڪهڙي به قسم جو تاثر پيدا ڪري سگهجي ٿو ۽ اڄ جو انسان ميڊيا تي موجود تاثر تي ئي پنهنجي راءِ قائم ڪري ٿو. پوءِ سائبر وار ۾ هڪ ملڪ ٻئي ملڪ جي دفاع واري ادارن بابت اهڙي معلومات ميڊيا تي پکيڙيندو آهي جنهن سان ملڪ جي عوام اندر پنهنجي فوج بابت خراب تاثر پيدا ٿيندو آهي، انهن سببن جي ڪري دنيا جي گهڻن ئي ملڪن ۾ انٽرنيٽ تي سخت سينسرشپ لڳل آهي. دنيا جو انٽرنيٽ تي گهڻو انحصار ڪرڻ گهڻن ئي ملڪن لاءِ مسئلو بڻيل آهي. اڄ دنيا جا وڏا وڏا ملڪ پنهنجي دفاع سان لاڳاپيل معاملا به انٽرنيٽ ذريعي هلائين ٿا. ان کان علاوه جديد قسم جا هٿيار انٽرنيٽ کانسواءِ نٿا هلي سگهن. تنهنڪري انٽرنيٽ جتي ملڪن کي سهولت فراهم ڪئي آهي اتي انهن لاءِ عذاب به بڻيل آهي. اڄ دنيا جي ملڪن جو لڳ ڀڳ سڄو اهم ڊيٽا ڪمپيوٽر ۾ پيو آهي، جيڪو ڪنهن به وقت هيڪ ٿيڻ جي خطري ۾ جڪڙيل هوندو آهي.

هائبرڊ جنگ ۾ سسٽم کي “هيڪ“ ڪرڻ هڪ وڏو هٿيار آهي. آمريڪا سميت دنيا جي هر ملڪ کي پنهنجي دفاع واري نظام جي سسٽم کي هيڪ ٿيڻ جو خوف رهي ٿو. آمريڪا جنهن جو لڳ ڀڳ سڄو نظام ڊيجيٽل آهي. تنهنڪري آمريڪا ملڪي دفاع جي سيڪورٽي ۾ پنهنجي  انٽرنيٽ سسٽم جي تحفظ کي به يقيني بڻايو آهي. دنيا جو موجوده ميزائيل سسٽم ۽ ايٽمي ٽيڪنالاجي انٽرنيٽ سان ڳنڍيل آهي. 2010ع ۾ ايران جو ايٽمي پروگرام سائبر اٽيڪ جو نشانو بڻيو. چيو وڃي ٿو ته هن سائبر اٽيڪ ايران جي ايٽمي پروگرام جي ڪم کي ايترو ته نقصان پهچايو جو ايران جو ايٽمي ڪم ٻه سال پوئتي ٿي ويو. ڪجھ ڌرين جو چوڻ آهي ته هي سائبر اٽيڪ کي آمريڪا ڪرايو هو. بهرحال! اهڙن سائبر حملن جو دنيا جي مختلف ملڪن کي خدشو رهي ٿو. 2013ع ۾ آمريڪي سي، آءِ، اي جي سابق آفيسر ايڊورڊ سنوڊين جيڪو آمريڪا جي ڊفينس انٽيليجنس ايجنسي ۾ به ڪم ڪري چڪو هو، ان چيو ته آمريڪا چائنا جي ريسرچ اداري ۾ ڪم ڪندڙ اهم ماڻهن جي مئسيجن ۽ ڪالن کي ڏسڻ لاءِ چين جي موبائل نيٽورڪ ڪمپني جو نيٽورڪ هيڪ ڪيو هو. ان قسم جون ڳالھيون ۽ الزام روس پاران به لڳايا ويندا آهن، اهو سڄو ڪجھ هائبرڊ وار جو حصو آهي. هائبرڊ جنگ جي شروعات سرد جنگ کانپوءِ ٿي آهي، جڏهن کان انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي ملڪن جو انحصار ٿيو آهي ان کانپوءِ اهڙا واقعا ٿيا آهن جنهن ۾ سائبر اٽيڪ جي صورت موجود رهي آهي. مثال طور 1982ع ۾ ڪئناڊا جي ڪمپني جي ڪمپيوٽر ڪنٽرول سسٽم مان ڪوڊ چوري ڪري روس جي گيس لائين ۾ ڌماڪو ڪيو ويو هو. هن واقعي بعد اهو چيو ويو هو ته هن حملي ۾ آمريڪا جي سي، آءِ، اي ملوث آهي جنهن “لوجڪ بم” نالي سافٽ ويئر سان اهو ڌماڪو ڪيو. هائبرڊ جنگ جون ڪيئي صورتون آهن سوشل ميڊيا ذريعي جاسوسي ڪرڻ به هائبرڊ جنگ ۾ شامل آهي يا ڪنهن به پارٽي جي اليڪشن جي وقت سوشل ميڊيا تي مشهوري ڪرائڻ به هائبرڊ جنگ جو حصو آهي. مثال طور آمريڪا جي گذريل اليڪشنن جي حوالي سان ڪجھ حلقن جو اهو خيال آهي انٽرنيٽ کي استعمال ڪري گهربل نتيجا حاصل ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري سوشل ميڊيا ويب سائيٽ فيس بڪ جي مالڪ مارڪ زڪربرگ کي سينيٽ اڳيان پيش ٿيڻو پيو، جنهن ۾ مارڪ کان اهو سوال پڇيو ويو ته ڇا فيس بڪ کي اليڪشن کي خراب ڪرڻ ۽ اميدوارن جي تاثر کي بگاڙڻ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي؟ 2017ع ۾ قطر سائبر اٽيڪ جو نشانو بڻيو، قطر جي نيوز ايجنسي ۽ ٻيون سرڪاري ويب سائيٽون هيڪ ڪيون ويون هيون، جنهن جو مقصد قطر، ايران ۽ سعودي عرب ۾ هلندڙ ڪشيدگي کي تيز ڪرڻ هو. ان کان علاوه بحرين جي هڪڙي اهم وزير جو ٽوئيٽر اڪائونٽ هيڪ ڪيو ويو هو.

بهرحال! انٽرنيٽ ۽ ان سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا هاڻي گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي، ان کي گرفت ۾ آڻڻ مشڪل ڪم آهي، پر هائبرڊ جنگ جي نشاني کان بچڻ لاءِ آمريڪا سميت دنيا جي ڪيئي ملڪن سائبر اٽيڪ کان بچاءُ لاءِ فوج اندر اهڙو سيل ٺاهيو آهي جيڪو سائبر اٽيڪ کان محفوظ رکڻ لاءِ ڪم ڪندو آهي، جنهن کي يونائيٽيڊ اسٽيٽس سائبر ڪمانڊ چيو ويندو آهي. هائبرڊ جنگ جو نقصان انٽرنيٽ مان صحيح معلومات وٺڻ واري شخص کي ٿي سگهي ٿو. ڇو ته عين ممڪن آهي ته اڳتي هلي انٽرنيٽ ايترو آزاد نه رهي جيترو اڄ آهي ان قسم جي قانونن جي شروعات ٿي چڪي آهي. روس ۽ چين گهڻي حد تائين انٽرنيٽ کي قابو ڪري چڪا آهن. روس، چين، ڪوريا وغيره ۾ رهندڙ شخص ايترو آزادي سان انٽرنيٽ نٿو استعمال ڪري سگهي جيڪي ٻين ملڪن ۾ رهندڙ عوام آزادي سان انٽرنيٽ استعمال ڪري ٿو. انٽرنيٽ ۾ معلومات جا گهڻا ئي فائدا آهن جيڪر هي به سياست جي ور چڙهي ويو ته انسانيت جو گهڻو نقصان ٿيندو.