سنڌ ۾ ڇهين کان اٺين درجي تائين ڪلاس اڄ کان کُلي ويا
سنڌ ۾ ڇهين کان اٺين درجي تائين ڪلاس اڄ کان کُلي ويا، سنڌ سرڪار طرفان پهرين کان پنجين درجي تائين ڪلاس 21 جون کان کولڻ تي غور، گهرو کاتي ڪورونا ايس او پيز بابت نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، هاڻي صوبي اندر هفتي ۾ رڳو هڪ ڏينهن آچر تي ڪاروبار بند رکيو ويندو، سرڪاري ۽ نجي آفيسن ۾ سئو سيڪڙو عملو گهرائڻ جي اجازت، آفيس ايندڙ ملازمن لاءِ ڪورونا ويڪسين لازمي قرار، صوبي اندر پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ 70 سيڪڙو مسافر ويهارڻ جي به اجازت ڏني وئي، بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي هفتي ۾ 2 ڏينهن بندش به ختم ڪئي وئي آھي.

