ادب

ڊائري جا ورق ڀون سنڌي April 2021

جيڪڏهن ڪير توهان کي نه چئي (انڪار ڪري) ان جو مطلب ته هو توهان کي قبر ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو يا هو توهان کي واپس زندگي ۾ موٽائڻ چاهي ٿو.

هاڻي اهو توهان جي اندر جي سگهه تي ڇڏيل اهي ته توهان ڪهڙو رستو چونڊيو ٿا.

***

اخبارن ۾ هڪ سروي ڇپيو آهي ته واڳون دنيا مان اڻلڀ ٿيندا پيا وڃن.

ان تي هڪ واڳون چيو، “جڏهن انسان ئي انسان کي ڳڙڪائڻ لاءِ ڪافي آهي ته باقي دنيا ۾ اسان جو ڪهڙو ڪم؟”

***

او پيارا! ننڊ مان سجاڳ ٿي، اکيون کول سورج جا ڪرڻا ڌرتي تي ڦهلجي رهيا آهن. پکيئڙا پنهنجي آکيرن کي ڇڏي آڪاش ۾ اڏاڻا آهن. گل هوا جي ڇهاءُ تي ڊانس پيا ڪن ۽ ڪائنات کي خوشبوءِ سان واسي ڇڏيو اٿن.

کلي ماحول ۾ هلي آ.

فطرت سان گڏ زندگي جو گيت ڳائي ۽ امرتا پائي.

***

هن پڇيو: جيڪڏهن تون ۽ مان نه هجون ها ته پوءِ؟

مون چيو: ته پوءِ هي ڪائنات به نه هجي ها.

***

سياسي ڌرين ۾ قرار پاتل مفاهمتي پاليسي (Reconciliation policy) ايئن آهي جيئن وڏي کڙي وارو سينڊل جنهن سان عورت پنهنجي چال (هلڻ) جو اصل انداز برقرار رکي نه سگهندي آهي.

***

روڊ تي هڪ ريلي وڃي رهي هئي. ان ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ جهنڊا هئا ۽ زوردار نعرا هڻي رهيا هئا، “وزيراعظم…”

هڪ ماڻهو 1947ع کان وٺي اتي بيٺل هو. هو هاڻي ڪمزور ٿي چڪو هو ۽ هن جو پيٽ وڃي آنڊن سان لڳو هو. هن ريلي ۾ زوردار نعرا هڻندڙ هڪ جيالي کي روڪيندي پڇيو: ڇا اسان کي وزيراعظم سان گڏ اٽو به ملندو؟ جيالي هن ڏي غصي مان نهاريو ۽ واپس ريلي ۾ شامل ٿي نعرا هڻڻ لڳو “وزيراعظم…”

مون ان لقاءُ کي ڏسندي محسوس ڪيو ته شايد اسان جو ضمير مري چڪو آهي ۽ اسين بي حس ٿي چڪا آهيون.

***

ڌرم جو فلسفو لالچ ۽ ڊپ جي چوگرد ڦري ٿو. ڌرم جي پوئلڳ کي لالچ ڏني وڃي ٿي ته جيڪڏهن توهان پوڄا ڪندئو ته توهان کي سرڳ ملندو ۽ ساڳئي وقت ڊپ ڏياريو وڃي ٿو ته جيڪڏهن توهان حڪمن جي انحرافي ڪندئو ته نرڳ ۾ ويندا.

ماڻهو ان لالچ ۽ ڊپ جي وچ ۾ سئنڊوچ بڻبو رهي ٿو.

مان پنهنجي پورڻتا لاءِ ماڻهن ۾ رهڻ ۽ انهن بابت سوچڻ پسند ڪندس.

***

ائٽم جيتوڻيڪ مادي جو هڪ تمام ننڍڙو ذرڙو آهي، پر پوءِ به ان ۾ مادي جون سڀ خاصيتون موجود آهن. ساڳي ريت ماڻهو جو هن وشال ڪائنات ۾ وجود نه هئڻ جي برابر آهي، پر پوءِ به هو پنهنجن علمن ۽ صلاحيتن جي ذريعي هن ڪائنات جو محور ٿي سگهي ٿو.

***

سڀ شيون زمان ۽ مڪان (time and space) جي حساب سان تبديل ٿينديون آهن. اها ڳالهه آئون ڪونه ٿو چوان، پر ان کي سائنس ثابت ڪيو آهي.

پر پوءِ به هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا انهن تبديلين کي قبول نٿي ڪري ۽ زمان ۽ مڪان جي حدن کي نٿي مڃي، اها آهي محبت.

***

لکين سان اڳي جڏهن اڃان نظريا ۽ عقيدا نه جنميا هئا، تڏهن به انسان جو انسان سان رشتو محبت جي ذريعي ڳنڍيل هو ۽ پوءِ جڏهن مختلف عقيدن ۽ نظرين جا دور شروع ٿا. ڪئين نظريا ۽ عقيدا آيا ۽ ويا، ماڻهن جو انيڪ خدائن کان هڪ خدا تائين جو سفر شروع ٿيو، تڏهن به جنهن تند ماڻهو کي ماڻهو سان ڳنڍي رکيو آهي اها محبت ئي آهي.

تڏهن ته مان چوندو آهيان ته جنهن کي خدا ڪوٺيو وڃي ٿو اهو به ته محبت جو ئي پرتوو آهي، محبت ئي سڀ ڪجهه آهي، دنيا ۾ نظريا ۽ عقيدا کڻي ڪهڙو به روپ ڌارين، پر محبت فنا ٿيڻي ناهي.

***

تون پڇين ٿو ته محبت ڇا آهي؟

مان چوان ٿو: محبت! ڪلهه جي چاهت، اڄ جو درد، سڀان جي ساڀيان آهي.

***

اردو ۾ هڪ چوڻي آهي: حمام ۾ سڀ ننگي

آئون ان ۾ ٿورو واڌارو ڪندس سواءِ پاڳل جي.

***

سٺا خيال چانڊوڪي مثل آهن جيڪي نه صرف اندر کي روشن ڪن ٿا بلڪه پنهنجو سدا حيات اثر ڇڏي وڃن ٿا.

***

آئون ماضي جي يادن سان رهڻ پسند نه ڪندس ڀلي اهي ڪيتريون به خوبصورت ڇو نه هجن، پر آئون مستقبل جي خوابن سان گڏ رهڻ (جيئڻ) پسند ڪندس پوءِ ڀلي اهي سختين ۽ سورن سان ڀريل ڇو نه هجن.

***

چنڊ وٽ پنهنجي روشني ناهي پوءِ به هو اها ڌرتي کي موٽائي، ڌرتي کي سفيد چادر اوڍايو ڇڏي ۽ ان جي حسن سان ماڻهن جو من ٻهڪايو ڇڏي.

تو وٽ ته تنهنجي پنهنجي شڪتي آهي پوءِ ڇو ان سان جڳ کي فيضياب نٿو ڪرين؟

***

هن چيو: آئون سرخ رنگ کان نفرت ڪيان ٿو، ڇو جو ان مان خوني وحشيت ۽ بربريت جي بوءِ اچي ٿي.

مون چيو: ڀلا تون شفق جي لالاڻ بابت ڇا چوندين؟ ۽ ان کي ڪيئن محسوس ڪندين؟؟

***

هن چيو: آئون اڇو رنگ پسند ڪريان ٿو ڇو جو اهو امن جي نشاني آهي.

مون چيو: آئون اڇو رنگ پسند ڪريان ٿو انهيءَ ڪري جو ان تي ڪوبه  داغ يا دٻو لڪي نٿو سگهي (ظاهر ٿيو پوي). ان جي اها ئي خوبي منهنجي من کي اڇو اجرو رکي ٿي.

***