ادب

اسان جون ڳالهيون: ڊائري جا ورق سرمد کوسو

زندگي جي سُورن ۽ تڪليفن کي ماٺو ڪرڻ ۽ انهن کي برداشت ڪرڻ جو مون کي هڪ ئي طريقو سجهندو آهي ته پاڻ کي مصروف رکجي. پنهنجي صلاحيتن آڌار ڪو نه ڪو مثبت ڪم ڪندو رهجي.

***

جيئن عمر گذري ٿي، تيئن شدت سان اِهو محسوس ٿيندو اٿم ته، وقت ٿورو آهي، ڪم گهڻا آهن.

***

ڪم ڪرڻ واري ماڻهو جو وقت گذري ٿو وڃي. جڏهن ته مصروف نه رهڻ وارن جي اڪثريت رڳو انهيءَ سوچ ۾ هوندي آهي ته، سج جلدي ڇو نٿو لهي.

***

مون ڪٿي والٽيئر جا لفظ پڙهيا هئا، جنهن ۾ هُن چيو پئي ته، “مصروف نه رهڻ ۽ زنده نه رهڻ ساڳي ڳالھ آھي. سست ماڻهو کانسواءِ ٻيا سڀ نيڪ انسان آهن.”

والٽيئر جو سيڪريٽري چوندو هو ته والٽيئر رڳو وقت جي معاملي ۾ ڪنجوس آهي. ڇو ته هن وٽ وقت جي وڏي اهميت هئي.

***

هر انسان جو ڪم ئي سندس خوشين جو سبب بڻجي ٿو.

***

ڪم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سُڪون جي جيڪا لهر اندر ۾ اٿندي آهي، سا محنتي ۽ پورهيو ڪندڙ ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا.

***

ڪنهن ڏاهي ته اهو به چيو آهي ته، جيڪڏهن خودڪشي جي خيال کان به بچڻ چاهيو ٿا ته پاڻ کي مصروف رکو.

***

دل ۽ دماغ اسان جي جسم جا اُهي اهم عضوا آهن، جن جو اسان جي احساسن سان سِڌو واسطو آهي.

***

منهنجو خيال اِهو آهي ته، دماغ وٽ منطق آهن ۽ دل احساسن سان ڀرپور آهي.

***

انهيءَ ڪري آئون ائين ٿو سمجهان ته، دماغ جي منطق کان دل جي احساس جي اهميت وڌيڪ آهي.

***

دل وٽ پنهنجا احساس آهن، جنهن کي دماغ ناهي سمجهي سگهندو ۽ دماغ وٽ پنهنجا دليل آهن، جيڪي دل کي قبول ناهن.

***

آخر ۾ سڀ الزام دل تي ايندا آهن ته، دل بي چئي آهي ۽ پوءِ دل دماغ کان وڌيڪ ڀوڳيندي به آهي.