اسان جون ڳالهيون: ڊائري جا ورق سرمد کوسو
زندگي جي سُورن ۽ تڪليفن کي ماٺو ڪرڻ ۽ انهن کي برداشت ڪرڻ جو مون کي هڪ ئي طريقو سجهندو آهي ته پاڻ کي مصروف رکجي. پنهنجي صلاحيتن آڌار ڪو نه ڪو مثبت ڪم ڪندو رهجي.
***
جيئن عمر گذري ٿي، تيئن شدت سان اِهو محسوس ٿيندو اٿم ته، وقت ٿورو آهي، ڪم گهڻا آهن.
***
ڪم ڪرڻ واري ماڻهو جو وقت گذري ٿو وڃي. جڏهن ته مصروف نه رهڻ وارن جي اڪثريت رڳو انهيءَ سوچ ۾ هوندي آهي ته، سج جلدي ڇو نٿو لهي.
***
مون ڪٿي والٽيئر جا لفظ پڙهيا هئا، جنهن ۾ هُن چيو پئي ته، “مصروف نه رهڻ ۽ زنده نه رهڻ ساڳي ڳالھ آھي. سست ماڻهو کانسواءِ ٻيا سڀ نيڪ انسان آهن.”
والٽيئر جو سيڪريٽري چوندو هو ته والٽيئر رڳو وقت جي معاملي ۾ ڪنجوس آهي. ڇو ته هن وٽ وقت جي وڏي اهميت هئي.
***
هر انسان جو ڪم ئي سندس خوشين جو سبب بڻجي ٿو.
***
ڪم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سُڪون جي جيڪا لهر اندر ۾ اٿندي آهي، سا محنتي ۽ پورهيو ڪندڙ ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا.
***
ڪنهن ڏاهي ته اهو به چيو آهي ته، جيڪڏهن خودڪشي جي خيال کان به بچڻ چاهيو ٿا ته پاڻ کي مصروف رکو.
***
دل ۽ دماغ اسان جي جسم جا اُهي اهم عضوا آهن، جن جو اسان جي احساسن سان سِڌو واسطو آهي.
***
منهنجو خيال اِهو آهي ته، دماغ وٽ منطق آهن ۽ دل احساسن سان ڀرپور آهي.
***
انهيءَ ڪري آئون ائين ٿو سمجهان ته، دماغ جي منطق کان دل جي احساس جي اهميت وڌيڪ آهي.
***
دل وٽ پنهنجا احساس آهن، جنهن کي دماغ ناهي سمجهي سگهندو ۽ دماغ وٽ پنهنجا دليل آهن، جيڪي دل کي قبول ناهن.
***
آخر ۾ سڀ الزام دل تي ايندا آهن ته، دل بي چئي آهي ۽ پوءِ دل دماغ کان وڌيڪ ڀوڳيندي به آهي.

