ڊائري جا ورق ڀون سنڌي May 2021
ڪارو ڪاري ڪري مارڻ، نياڻي سڱ چٽيءَ ۾ ڏيڻ، ڪرپٽ ماڻهن هٿان ڦرجڻ کانپوءِ به وري کين چونڊڻ، ڌرتي جي وسيلن تي ڌاڙن، مسڪين ماڻهن جي بدحالي، ويڪو وڏيرن جي دلالي ڪرڻ، اگهاڙيون فلمون ڏسڻ، روڊن رستن تي عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ، درگاهن تي لڳندڙ ميلن ۾ مانڊن تي ناچ گاني جي محفلن، پيرن ۽ رئيسن جي پيرن ۾ ڪنڌ جهڪائي ويٺل بيوس مارن، بند حويلين ۾ قيد غلام عورتن تي اسان کي غير اچي ڪونه. باقي سنڌ ٽي. وي تي هليل هڪڙي گاني تي اسان جي غيرت جاڳي پئي آهي ۽ اسان انهن فنڪارن تي گار جو وسڪارو لاهيندي انهن جي ماءُ پيءُ کي به بخش ناهي ڪيو.
اها ڪهڙي اخلاقيات آهي؟ ڇا اها ئي هن صوفي ازم جي دعويٰ ڪندڙ ڌرتي وارن جي سڃاڻپ آهي؟ قطعي نه…
ٺيڪ آهي توهان کي جي ڳالهه نٿي وڻي ته اهو توهان جو حق آهي ته ڀلي ان تي مثبت تنقيد ڪريو، پر توهان کي گاريون ڏيڻ جو حق ڪنهن ڏنو آهي؟ ۽ اهو ڪهڙي اخلاقيات ۾ جائز آهي؟ گارين ڏيڻ سان سماج پويان ڪو نه موٽندو ۽ نه ئي ان کي اڳيان وڌڻ کان روڪي سگهجي ٿو… پاڻ کي جيئن ڳالهه سمجهه ۾ آئي، سنگت اڳيان رکيسين. هاڻ توهان جي مرضي وڻي ته مثبت تنقيد ڪريو يا وڻي ته گاريون ڏيو. پاڻ کي سڀئي اکين تي ۽ سڀن کي محبت ڀريو سلام. جيها جي تيها مون مارو مڃيا.
***
جڏهن اسان جا ڀوتار اسان جي ماڻهن کي بوٽ چٽائن ته اسان کي ڪاوڙ ڪونه اچي، سنڌي چئنلن جي ڊرامن ۾ اسان جي تهذيب ۽ ثقافت جون ڌڄيون اڏايون وڃن ته به اسين چپ. باقي نتاليا گل ملاح مزاح مزاح (مزاح به آرٽ ۽ ادب جو حصو آهي ۽ ان ۾ ڳالهه ڪرڻ جو پنهنجو انداز هوندو آهي) ۾ اسان کي آئينو ڏيکاري ته اسان جي غيرت جاڳيو پوي ۽ تيستائين هن کي نه ڇڏبو جيستائين هوءَ معافي نٿي وٺي. هن جو بس ڏوهه اهو آهي ته هوءَ غير سنڌي آهي.
خدارا پاڻ تي ڪجهه رحم ڪريو ۽ حقيقت پسند ٿيو. هر قوم ۽ ان جي ثقافتي ورثي ۾ خوبيون به هونديون آهن ته خاميون به. رڳو اسان جي ئي قوم عظيم آهي، ان خوش فهمي مان نڪرو. ڪنهن به قوم جي عظمت ۽ سڃاڻپ رڳو ان جو ماضي ناهي. بلڪه ان جو شان ان ۾ آهي ته اها حال ۾ ڇا آهي؟ ۽ مستقبل لاءِ هن وٽ ڪهڙي منصوبا بندي آهي. مثبت ۽ اخلاق جي دائري ۾ تنقيد جي آجيان ڪئي ويندي، وڌيڪ وس وارا آهيو بابا.
***
دکي انسانيت تي ۽ شهيد ٿيندڙن تي لڙي لڙڪ پوڻ فطري عمل آهي، پر هن قسم جو مسلسل ورجاءُ اسان کي لڪير جو فقير بڻايو ڇڏي ۽ هر شهادت تي روئڻ ۽ پٽڪو ڪرڻ اسان جي عادت ٿيو پوي ۽ اسين اهو مقصد وساري ويهي رهون ٿا، جنهن لاءِ هو شهيد ٿيو هو.
ڪنهن به شهيد کي صحيح معنيٰ ۾ خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته اسين ان جي فڪر جي روشني ۾ اهڙا ادارا قائم ڪريون جيڪي وري اهڙين تاريخ ساز شخصيتن کي جنم ڏين ۽ اسين فخر سان دنيا کي ٻڌائي سگهون ته اسين رڳو روئندڙ ۽ پٽيندڙ قوم ناهيون.
***
هڪ چوڻي آهي ته اهو ماڻهو جيڪو تڪليفن ۽ مصيبتن سان ويڙهاند ڪري ٿو، هيرو چوائي ٿو.
جيڪڏهن تون ان تي سوچين ته تنهنجي پنهنجي جسم جو خودڪار مدافعتي سرشتو تنهنجي زخمن کي ريٽي ڇڏيندو ۽ تون ستت ئي مسڪرائيندڙ چهري ۽ سگهاري جسم سان ڀرپور زندگي سان پنهنجن دوستن ۽ پيارن جي وچ ۾ موجود هوندين. (هڪ دوست ڏانهن بيماري جي حالت ۾ موڪليل خط)
***
او اجنبي! درياهه ۾ لڙهندڙ لاشا ڏسي، حيرت نه کاءُ. تون شايد هن ديس جي ريتن کان گهٽ واقف ٿو ڏسجين، هي ڪارو ڪاري اٿئي. جڏهن به چنڊ پنهنجي چانڊاڻ سان سنسار ۾ سونهن اوتي ڇڏيندو آهي ته ٻه دليون کٻڙن جي اوٽ ۾ اچي پيار ونڊينديون آهن ۽ پوءِ ان جي عيوض، ڪهاڙين جو بک ٿي درياهه ۾ لوڙهيون وينديون آهن. صديون گذري ويون آهن، پر چنڊ جي چانڊاڻ سان، هي ڪارو ڪاري جو رشتو جيئن پوءِ تيئن اڻ مٽ ٿيندو وڃي.
***
اديبو! هڪٻئي جي تڏا ويڙهه مان وانڌا ٿيا هجو ته هاڻ ادب سرجڻ تي ڌيان ڏيو. ڇو جو توهان جي سڃاڻپ ادب جي ڪري آهي نه ڪي عهدن جي ڪري. (سنڌي ادبي سنگت ۾ ڌڙا بندي تي).
***
اها اسان جي بدقسمتي چئجي جو ڀٽائي کي اسان جو ماڻهو هڪ عظيم شاعر جي ڀيٽ ۾ هڪ پهتل مرشد جي طور وڌيڪ سڃاڻي ٿو.
***
ٿرڪول مان ٿرين کي ڇا ملڻو آهي؟ ان تي منهنجو مطالعو ڪونهي. باقي اديبن، صحافين ۽ سول سوسائٽي کي ان ۾ وي آءِ پي پروٽوڪول برابر ملي رهيو آهي.
***
وڏيرن کي ظالم نه چئبو، لعنت به وجهبي پر اليڪشن ۾ ووٽ وڏيري کي ئي ڏبو…
پيارا ڪجهه ته پاڻ کي به سچ چئون!
***
مون ڏٺو ته سقراط کلي رهيو هو، کلڻ جو سبب پڇيومانس چيائين، تو منهنجي اها چوڻي ٻڌي آهي ته “منهنجو استاد بيوقوف آهي.”
وراڻيم، “ها ٻڌي اٿم، پر ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟”
جواب ڏنائين، “ماڻهو اڄڪلهه مون کي بيوقوف سمجهڻ لڳا آهن، انهيءَ ڪري کل ٿي اچيم.
***
تنهنجو وڏو ۽ ڍر ڪيل پيٽ ڏسي، مون کي تنهنجي ڀر ۾ رهندڙ، اهو هڏائون پڃرو انسان ياد ٿو اچي، جنهن جو پيٽ هاڻي آنڊن سان وڃي لڳو آهي.
لڳيم ٿو، ان جو پيٽ تو ۾ هليو ويو آهي.
***