ڊائري جا ورق : ڀون سنڌي

ڪنهن چيو ته نا اميدي ماڻهو کي اونداهي جي غارن ۾ اڇلي ڇڏي ٿي ۽ پوءِ جڏهن ان جو اندر اونداهو ٿيو وڃي ته سڀ ڪجهه تباهه ٿيو وڃي.

مون چيو ٺيڪ آهي، پر اونداهي غار به روشني ۾ کلي ٿي ۽ ماڻهو کي کليل ميدانن ۾ وٺي اچي ٿي ۽ زندگيءَ مان اوندهه نپوڙي ڪڍي ٿي.

***

قدر (Values) ۽ خيال وقت سان گڏ تبديل ٿين ٿا، پر انهن ۾ موجود سچ ڪڏهن به مري نٿو/تبديل نٿو ٿئي.

***

نا اميديون ۽ سختيون به ڪارپيٽ جيان آهن جيڪي پيرن هيٺان اچن ٿيون، پر اهي ماڻهو کي اسٽيج تائين کڻي وڃن ٿيون، جتي ڪاميابيون ۽ منزلون استقبال لاءِ هن جو انتظار ڪري رهيون هونديون آهن.

***

هميشه حدن ۾ رهو، حدن کان ٻاهر نڪرڻ ماڻهو کي ڪريزي ڪريو ڇڏي ۽ پوءِ هو اهو ڪجهه ڪري ويهي ٿو جنهن ۾ دماغ جو ڪو دخل نٿو رهي ۽ نتيجن تباهه ٿي وڃي ٿو.

***

هميشه سونهن سان لاڳاپي ۾ رهو، اها اوهان کي برائين کان بچائيندي.

***

هن سڀئي گل ورهائي ڇڏيا ان تي ڪنهن چيو، ”هاڻ هو بلڪل خالي آهي.“

مون چيو: گل ورهائيندڙ ڪڏهن به خالي نٿو ٿي سگهي. خوشبوءِ هن جي هٿن کي اڃان به معطر ڪري رکيو آهي.

***

جيڪڏهن توهان کي انا (Ego) آهي ته ان جو مقصد توهان ٻين جي حقن يا تعظيم کان انڪاري آهيو.

***

زندگي ۽ موت لازم ملزوم آهن، پر اهي ٻئي گڏ ظاهر نٿا ٿين (هڪ ئي وقت وجود نٿا رکن) ته پوءِ اسان موت کان ڇو ڊڄون ۽ خوبصورت زندگيءَ کي موت تي فضول سوچي زهر ڇو بڻايون!

***

هنومان مندر ۾ مون کي هڪ سنت (گرو) مليو. ڳالهين ۾ هو کلي دل جو مالڪ هو. هن جي ڌرم ۽ انساني نابرابري بابت جديد خيالن مون کي ڪافي متاثر ڪيو. مون جڏهن هن کان موڪلايو ته هن مون کي پنهنجي تصوير ڏيندي چيو: ”جڏهن به تون پريشان ٿئين ته منهنجو فوٽو رکي ڌيان ڪجانءِ ته تون پريشانيءَ مان ڇوٽڪارو پائي وٺندين…“

مون دل ئي دل ۾ چيو، ”بنياد پرست کڻي ڪهڙيون به ترقي پسند ڳالهيون ڪري، پر رهندو ته بنياد پرست ئي. هو هميشه پاڻ تي فخر ڪري ٿو ۽ خود کي ئي صحيح سمجهي ٿو.“

***

مون کي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ٻئي ۾ سمائجڻ پسند ناهي. مان ان کي غلامي يا خود غرضي جو عمل سمجهان ٿو. مان پنهنجي وجود سان جيئڻ چاهيان ٿو ۽ ٻين لاءِ به ايئن ئي چاهيان ٿو. تنهنڪري جيڪڏهن تون مون کي چاهين ٿو ته مون کي پنهنجي وجود سميت اپنائي.

***

سوين محبتون ننڍڙي آکيري ۾ رهي (ماپي) سگهن ٿيون، پر هڪ نفرت کي هيڏي وڏي دنيا ۾ ڪٿي به جڳهه ملي نٿي سگهي ۽ ملڻ به نه گهرجي.

***

فلاسافر نظريو ڏين ٿا ۽ سياستدان ان کي ڪيش ڪرائين ٿا، اها ئي معاشري جي بدنصيبي آهي جو اهو خساري ۾ رهي ٿو.

***

هن چيو: ”ماڻهو منزل تي پهچڻ (ماڻڻ) تي وڌيڪ خوشي محسوس ڪري ٿو“

مون چيو: ”منهنجي خيال ۾ پاڻ ارپڻ ۾ ماڻهو اڃان به وڌيڪ خوشي محسوس ڪري ٿو.“

***

جيستائين بنياد پرستي جي سوچ کي نٿو مارجي، تيستائين دنيا ترقي نه ڪندي ۽ نه ئي امن قائم ٿيندو.

***

مايوسيون تلاءُ ۾ بيٺل پاڻيءَ جيان آهن، جنهن ۾ حوصلي جو پٿر لهون پيدا ڪري ٿو ۽ مايوس زندگيءَ کي ڪناري تي پهچائي ٿو.

***

زندگيءَ سان شڪايتون زندگي جون روشن دريون بند ڪري ڇڏين ٿيون ۽ پوءِ مسڪراهٽون زندگيءَ ۾ معنيٰ وڃائي ويهن ٿيون.

انهيءَ ڪري جنهن حال ۾ آهيو، جيئو شڪايتون نه ڪريو.

***

پاڻ کي ٻئي سان ڀيٽڻ احساس ڪمتري کي جنم ڏئي ٿي. پاڻ اڳتي وڌو پاڻ کي ٺاهيو، جيئن دنيا چوي ته هو دنيا ۾ منفرد ماڻهو آهي جنهن پاڻ کي تعمير ڪيو آهي.

***

سيارا پنهنجي دائري ۾ ڦرن ٿا، پر ذهن انهن دائرن کان ٻاهر سوچي ڪائنات جي اڻ ڏٺل ڪنڊن تائين پهچي ٿو.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments