ادب

ڊائري جا ورق

اها ڪوڙي انا پرستي ئي آهي جيڪا ٻين جي سٺن خيالن کي سمجهڻ يا تسليم ڪرڻ کان روڪي ٿي.
***
اليڪشن ۾ مختلف پارٽين جي ورڪرن کي ليڊرن هڪ ٻئي جي خلاف استعمال ڪيو. نتيجي طور ورڪرن جيل کاڌا، معاشي نقصان سٺا ۽ ذهني عذاب ڀوڳيا.
اليڪشن کانپوءِ ليڊر پاڻ ۾ ٺهي ويا ۽ اقتدار ۾ حصو پتي ڪري کاڌائون اهو عمل 1947 کان جاري آهي، پر ڇا ورڪرن کي ڪڏهن انهن مڪار ليڊرن جون چالبازيون ۽ منافقيون سمجهه ۾ اينديون؟
***
هڪڙو شاهه عنايت اهو آهي جيڪو ماڻهن کي پٽ ڏي ٿو، آئون ان کي ڪونه سڃاڻان.
آئون ان شاهه عنايت کي سڃاڻان جو چوي ٿو: جيڪو کيڙي سو کائي.
***
اهو ماڻهو جيڪو اهو قبول ڪري وٺي ته هو دنيا ۾ فقط چند سالن لاءِ آيو آهي. اهو نه ته هن دنيا جي سونهن جو مزو ماڻي سگهندو ۽ نه ئي هن دنيا جي ڀلائي لاءِ ڪجهه ڪري سگهندو.
***
سچ تخليق کي خراج/انعام آهي ۽ وري بغاوت سچ کي خراج آهي.
***
عام طور تي انڪار (نه) کي منفي معنيٰ طور ورتو ويندو آهي، پر جڏهن ته ان جو استعمال سماج جي پٺتي پيل نظام خلاف ٿيندو آهي ته اهو دنيا جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو سچ هوندو آهي.
***
ڪنهن به خيال کي عقيدي جيان نه وٺو، جو اهو اوهان جي دماغ تي غالب ٿي وڃي ۽ پوءِ ٻي ڪنهن سوچ کي داخل ٿيڻ جي جڳهه ئي نه ڏي.
هميشه خيالن کي وهندڙ پاڻيءَ جيان وٺو، جيئن توهان سدائين تر و تازه محسوس ڪريو.
***
هڪ پاڪ روح ۽ پيار ڪندڙ دل ڪنهن کي تڪليف پهچائڻ جو سوچي به نٿي سگهي ته پوءِ هي نرڳ جو تصور ڪنهن جو؟
***
جيڪڏهن توهان پنهنجي دماغ ۾ ڪنهن شخصيت يا ڪتاب لاءِ اڳواٽ ئي راءِ رکي پوءِ ان جو مشاهدو يا مطالعو ڪريو ٿا ته توهان کي اها مقدس ڳئون جيان ئي نظر ايندي ۽ پوءِ توهان ان شخصيت يا ڪتاب جي صحيح طرح سان ڇنڊ ڇاڻ ڪري نه سگهندا ۽ توهان کي انهن ۾ رڳو مثبت پهلو نظر ايندا ۽ انهن جا منفي پهلو اوهان جي نظرن کان اوجهل رهندا.
***
جيڪڏهن روح زخمي هجي ته به ڳائي، ڇو جو سُر تروتازگي سان ڀرپور هوندا آهن.
***
اها فخر لائق ڳالهه آهي ته دنيا جو عظيم تهذيبي ورثو موهن جو دڙو سنڌ ۾ آهي! ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قبرستان مڪلي به سنڌ ۾ آهي؟
اسان کي ڇا جي (ڪهڙي) چونڊ ڪرڻ گهرجي؟
***
ڪئلينڊر 2009 جي مطابق 22 جون تي ڏينهن وڏو ۽ رات ننڍي ٿيندي. ها پر انساني زندگي ۾ ايئن ٿيندو ڪڏهن؟
***
تون چوين ٿو ته، ”مان اڄڪلهه مايوسين ۾ گهيريل آهيان، نڪرڻ جو ڪو رستو ئي نظر نٿو اچي.“
مون چيو: ”مايوسين مان نڪرڻ زندگي ڏي موٽڻ آهي ۽ مايوسين ۾ گم ٿيڻ موت ڏانهن سفر آهي.
تون ئي فيصلو ڪري وٺ ته توکي زندگي کپي يا موت؟“
***
نااهل ۽ سست قومون پنهنجي ماضي ۽ ان جي ورثن تي فخر ڪنديون آهن ۽ محنت ڪش قومون مستقبل لاءِ منصوبا بنديون ڪنديون آهن…
اسين ڪهڙي کاتي ۾ آهيون؟
***
هوءَ اٿي بيٺي ۽ موڪلائڻ لڳي، ”هاڻ پوڄا جو وقت ٿي ويو آهي.“ ايئن چئي هوءَ ڪمري مان نڪري ويئي.
مون من ئي من ۾ چيو تون به ته پوڄا لائق آهين، پر توکي پنهنجي اهميت (خوبصورتي) جي ڄاڻ ناهي.!
***
جڏهن نظريو عقيدي جي شڪل وٺي وڃي، جيئن روس ۾ ٿيو ته ذهني اوسر رڪجي وڃي ٿي ۽ اهو سماج جي ترقي لاءِ ڪارگر نٿو رهي ۽ هڪ ڏينهن خود بخود ڊهي پوي ٿو.
***
سوالن جا جواب سوالن ۾ ئي لڪل هوندا آهن، شرط اهو آهي ته توهان ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريو.
***
سچ کي پيرن تي بيهڻ لاءِ ڪابه وضاحت يا ڪوبه سبب ضروري ناهي، پر ڪوڙ هزار وضاحتن ۽ سببن جي پيش ڪرڻ جي باوجود به بيهي نٿو سگهي.
***
جيڪڏهن سقراط يا افلاطون سنڌ ۾ ڄمن ها ته اسان انهن جي مقبرن جي پوئلڳي (پوئواري) ڪريون ها نه ڪي انهن جي فلسفي جي، جيئن اسان ڀٽائي ۽ سچل سان حشر ڪيو آهي!
***
اهو ماڻهو جيڪو فطرت جيان زندگي گذاري ٿو ڪڏهن به گنهگار ٿي نٿو سگهي.
***
تون چوين ٿو ته ”هر ڪا دل محبوب جو گهر آهي.“
ته پوءِ هيڏا سارا پوڄا گهر ڇو؟ شايد تنهنجي فڪر (عقيدي) ۾ ڦير آهي؟
***
جيڪڏهن مسئلن ۽ جهيڙن جنگين جو آخري حل ڳالهيون ئي آهن ته پوءِ ڇا لاءِ اسين هٿيار کڻون ٿا.
انسان جيڪڏهن اها ڳالهه شروع کان ئي سمجهي وٺي ها ته انساني تاريخ ۾ هيڏي غارت گري ڪڏهن به نه ٿئي ها.
***