ڊائري جا ورق
سنڌيو اٿي کڙا ٿيو، پنهنجو وجود بچايو
موجوده ليڊرن، وڏيرڪن، رهنمائن جي پويان لڳڻ ڇڏي ڏيون. مسلسل 50 سالن تائين آزمايل ليڊرن جي آسرن تي لڳي پنهنجو سڀ ڪجهه ڄڻ وڃائي چڪا آهيون. اچو ته پنهنجي وجود ۽ پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ کي بچائڻ لاءِ ميدان ۾ اچون. مظلوم عوام منجهان ئي سچا عوامي ليڊر پيدا ڪريون جيڪي ڪڏهن به وڪامي نه سگهن. سنڌي عوام جو يڪ راءِ فيصلو گذريل ٻن اليڪشنن ۾ سامهون آيو آهي. گذريل اهي ٻه فيصلا سنڌي قوم جا تاريخي منظم ۽ متحد فيصلا آهن جن سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. پ پ ۽ بينظير ڀٽو جي شخصيت جي حق ۾ پوري قوم جو هڪ آواز فيصلو وقت جي اهم ضرورت هئي. اهو فيصلو سنڌي عوام جي سياسي سجاڳي جو ثبوت آهي، پر هاڻ وري صورتحال بدلجي پئي. صرف هڪ شخصيت جا پاڻ ته درست ۽ قابل آهي، پر اڪيلو ڪجهه به نٿي ڪري سگهي. جيستائين هن جا سڀ ساٿي به اوترا ئي سچا، باڪمال ۽ با ڪردار هجن، صرف بينظير ڀٽو کي خدا نه خواسته دشمن ختم ڪري ڇڏين، معنيٰ ته سڄي قوم ۽ عوام جا سڀ خواب منتشر. اهو طريقو بدلائڻو پوندو، سچا عوامي انقلابي ليڊر عوام منجهان پيدا ڪرڻا پوندا. خانداني ليڊر شپ يا شخصيت پرستي کي ڇڏي صرف ۽ صرف صلاحيتن ۽ حقيقي ڪم ڪندڙن ۽ قربانيون ڏيندڙ سچن هڏ ڏوکي سڄاڻ ليڊرن ۽ ڪارڪنن کي اڳتي آڻڻو پوندو، انهن لاءِ تمام رڪاوٽون ختم ڪري رستا صاف ڪرڻا پوندا.
***
17 آگسٽ 1992
آئون هڪ فوٽوگرافر آهيان، منهنجي شديد خواهش آهي ته آئون پنهنجي ڌرتي ان جي حسين و جميل واڌين، درياهن، ڍنڍن، جبلن ۽ ريگستانن، ڳوٺن ۽ واهڻن، انهن علائقن ۾ رهندڙ سنڌي ماروئڙن، جهانگيئڙن ۽ سانگيئڙن کي انهن جي رهڻي ڪهڻي انهن جا لباس ۽ زيورات سينگار وغيره کي فوٽو گرافي ذريعي ايڪسپوز ڪري سڄي دنيا کي ڏيکاريان پنهنجي ڌرتي ۽ تهذيب جو حسن ڪئمرا جي اک مان ڇڪي گڏ ڪريان. ٻي تجويز اها آهي ته سنڌ جي مختلف علائقن جي تاريخي ۽ تهذيبي ڊاڪيومينٽري فلمون. مثال طور: ٿر، ٿر جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جا نظارا، تاريخي هنڌ، ماڳ ۽ مڪان. هن وقت آباد ماروئڙن جا ڳوٺ، گهر، زندگي گذارڻ جو انداز ۽ رهائش وغيره. تجويزون ۽ آئيڊيا ته گهڻا آهن، پر ان جي لاءِ ناڻو کپي. سو اهو انفرادي طرح نٿو ڪري سگهجي. ايڪيوپمينٽ جديد ۽ اضافي سهولت وارا کپن. ڪئمرائون لينس وغيره ۽ ڪنوينس ۽ خرچ جدا. ڪو ادارو ئي ايئن ڪري سگهي ٿو. ڪوبه علمي، ادبي اشاعتي يا نشرياتي ادارو اهو بندوبست ڪري سگهي ٿو، پر بدقسمتي سان ڪوبه ادارو تيار ڪونهي.
***
21 آگسٽ 1992
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ظالم وحشي ڦورو قوتون جيڪي اقتدار جي سڄي ڦرلٽ ۾ پنهنجا وحشي خوني چنبا کوڙيو بيٺا آهن. انهن جا ڪوڙ، انهن جا هٿ ناٽ ظلم سڀ ظاهر ٿيو پون. اڳي ته هي هر ظلم ڪري ڦٻي ويندا هئا، پر هاڻ دنيا تمام اڳتي وڌي ويئي آهي. هاڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا جي تيز تر حرڪت ۽ هر لمحي ۾ سچ ۽ حق کي آئيني وانگر چٽو صاف ڪري پيش ڪرڻ ۽ خود سڄي دنيا جي باضمير انسانن جي سوچ جو انساني حق ۾ بدلجندڙ انداز وغيره. ظالمن جي اگهاڙي ظلم، ڪوڙ ۽ ڊرامي بازي کي منٽن ۾ ظاهر ڪريو ڇڏي ۽ ڪابه حقيقت لڪائي رکڻ نا ممڪن ٿي پيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتي جا آمريت نواز حڪمران پنهنجي ظالمانه طريقن جي ڪري نه صرف ملڪ ۾ پر سڄي دنيا ۾ ذليل خوار پيا ٿين هر لمحي هر منٽ ۾ پوئتي پيا ڌڪجن ۽ هاڻ گهڻو وقت هلي نه سگهندا. فتح عوام جي، سچ ۽ حق جي پئي ٿئي.
***
12 سيپٽمبر 1992
منهنجي شديد خواهش آهي ته مان محترم رسول بخش پليجو صاحب تي هن جي سڄي زندگيءَ جي عملي جدوجهد تي هڪ پورو ناول لکان. ڇاڪاڻ ته محترم پليجو پنهنجي شخصيت ۾ صدين ۾ پيدا ٿيندڙ عظيم جينئس ماڻهن مان هڪ آهي. محترم رسول بخش جهڙا گهڻ خوبين وارا ماڻهو تمام گهٽ بلڪه صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، جن ۾ ايڏيون عظيم الشان خوبيون هڪ وقت گڏ ٿي وڃن. هو هڪ وڏو مدبر عالم، شاهڪار ڪهاڻيڪار، اديب ۽ اعليٰ پائي جو ترقي پسند دانشور، چوٽي جو نقاد ۽ سڀ کان اهم ته عوامي انقلابي رهنما، سچو سياسي ليڊر. ان کانسواءِ شاهه لطيف جو وڏو پارکو. بين الاقوامي تاريخ، ادب ۽ علم جو وسيع مطالعو ڪندڙ، مٿي بيان ڪيل خوبين جو نچوڙ اهو آهي ته جڏهن هو ڳالهائيندو آهي ليڪچر يا تقرير ڪندو آهي، تڏهن ٻڌندڙن کي پنهنجي علم ۽ سياسي سمجهه سان حيران ڪري ڇڏيندو آهي. بهرحال منهنجي خواهش آهي ته اهڙي سچي ۽ عظيم ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي قلمبند ڪريان، سڄي وارتا ناول ۾ لکان.
***
20 آڪٽوبر 1992
سنڌ دنيا جي ٻن ٽن عظيم الشان اوائلي انساني تهذيبن مان هڪ آهي. سنڌي قوم، سنڌي تهذيب و تمدن ۽ جنوبي ايشيا جي رنگا رنگ تهذيب جو گهوارو آهي. سنڌ ڌرتي جنهن جي مٽي ۽ پاڻي، جتي جي آبهوا ۽ موسمن، هتي پيدا ٿيندڙ قوم ۽ ماڻهن جا مزاج کي ٺاهيو آهي. انهن جي رهڻي ڪهڻي، ماڻهن جي سوچ ۽ عمل جو پنهنجو ئي هڪ نرالو انداز آهي. سنڌي قوم جو مزاج خاص طور تي قديم ماڻهن جي مجموعي انساني فڪر، پيار، محبت، امن ۽ انصاف، تصوف، وحدت الوجودي، فقيري ۽ درويشيانه طبيعت درگذر ۽ توڪل ڪرڻ، اهڙا عظيم انساني اوصاف ۽ گڻ هن قوم جي رت ۾ سمايل آهن، جيڪي دنيا جي ٻين قومن کان مختلف آهن.
***