ڊائـري جـا ورق غلام علي کوساڻي
24 مارچ 1972
انسان جي قدر و قيمت ان شيءِ سان ناهي جيڪا انهيءَ کي حاصل هجي، پر ان شيءِ سان آهي جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ هو تڙپندو رهي. (خليل جبران).
***
24 جون 1972
شادي کانپوءِ پهريون دفعو، اسين ڪجهه ڏينهن لاءِ هڪ ٻئي کان جدا ٿيا آهيون.
ڏيڍ مهيني جي ڏينهن رات جي ساٿ کانپوءِ اڄ جڏهن اسٽيشن تي آئون ۽ رضيه هڪ ٻئي کان جدا ٿي رهيا هئاسين، تڏهن اسان جي عجيب ڪيفيت هئي. گاڏي کي هلڻ ۾ اڃان چند گهڙيون باقي هيون، اسان هڪ ٻئي کي تمام حسرت ۽ پيار ڀريل نظرن سان ڏسي رهيا هئاسين. جدائي جو احساس اسان ٻنهي جي جگر کي کائي رهيو هو. اسان هڪ ٻئي کي دل ڀري ڏسڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ڏسي ڏسي ڍئو ٿي ڪرڻ گهريو… مگر اسان جو ڍئو نه ٿيو، اڃان دل ڀري ئي ڪانه هئي ته گاڏي سيٽي هنئي، اسان جي دل ٻڏي وئي، اسان جون نظرون هڪ ٻئي ۾ کتل هيون ۽ ايئن ئي گاڏي هلي. رضيه عجيب معصوم چهري سان نماڻين اکين سان آخري دفعو مون ۾ ڏٺو ۽ منهنجي دل ٻڏي ويئي.
گاڏي، منهنجي رضيه کي کڻي اڳيان وڌي ويئي، گاڏي ويندي رهي ۽ آئون ويندڙ گاڏيءَ کي يڪ ٽڪ ڏسندو رهيس. منهنجي دماغ جو هي عالم نرالو هو، منهنجي دل جي ڪيفيت عجيب هئي. گاڏي ويندي رهي ۽ آئون ڏسندو رهيس. جيئن پوءِ تيئن منهنجي رضيه مون کان دور ٿيندي ويئي. نيٺ گاڏي منهنجي نظرن کان اوجهل ٿي ويئي. مون هڪ وڏو ٿڌو ساهه کنيو ۽ آهستي آهستي واپس وڃڻ لڳس. اسٽيشن جو ماحول مون کي تمام درد ناڪ ٿي لڳو. آئون اداس گهر ڏانهن اچڻ لڳس، گهر ڏانهن وڃڻ وقت مون کي ڪا خوشي ڪانه ٿي، گهر ۾ به منهنجي لاءِ ڪا دل ڪشي ڪانه هئي، ڄڻ منهنجي لاءِ گهر ۾ ڪجهه به ڪونه هو.
***
25 جون 1972
رضيه جي جُدائي جو اڄ پهريون ڏينهن هو. جدائي جي ان هڪڙي ڏينهن مون تي واضح ڪري ڇڏيو ته رضيه سان مون کي بي انداز محبت آهي.
ان هڪڙي ڏينهن جي هر هر منٽ ۾ مون رضيه کي ياد ڪيو آهي، قدم قدم تي رضيه جي ڪمي محسوس ٿي آهي. اڄ سڄو ڏينهن اڪيلائي جي احساس منهنجو جگر جلايو آهي.
هڪڙو ڏينهن گذريو آهي، پر مون کي ايئن پيو لڳي جهڙوڪر هڪ صدي گذري ويئي آهي.
***
27 سيپٽمبر 1972
شيخ اياز
شيخ اياز جو فن، هن وقت ڪمال جي بلندين تي پهتل آهي. انهن کي سمجهڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي. آئون سمجهان ٿو اياز هن وقت ڪنهن تمام وڏي ادبي تخليق تيار ڪرڻ ۾ مصروف آهي.
آئون تمام حسرت سان سوچيندو آهيان ته ادب ۾ خبر ناهي ڪڏهن مطالعي جي انهيءَ اوچائيءَ تي پهچندس جتي اياز جي ڪلام کي مڪمل سمجهي سگهان.
***
30 آڪٽوبر 1972
گذريل وقت جي جهونن قصن مان، ڪڏهن ڪڏهن اوچتو هڪ پراڻي ياد تمام شدت سان ذهن تي تري ايندي آهي. منهنجي زندگي جي گذري ويل وقت جي پراڻن بابن جو هي هڪ اهو ورق آهي، جيڪو منهنجي پوري وجود تي وراڪا ڏيئي ڏنگيندو آهي. ماضيءَ جون يادون ميخون بڻجي دل ۾ پيوست ٿينديون آهن، هڪ احساس اٿندو آهي، هڪ تصوير تري ايندي آهي، هڪ صورت نمايان ٿيندي ويندي آهي. پراڙ کان راڙ ٿيندي آهي، جيڪا منهنجي جيءُ ۽ جگر کي ڏاري هلندي ويندي آهي. زخمن جون سڀ ڪڙيون لهي وينديون آهن ۽ ڦٽ وري تازا ٿي پوندا آهن.
***
7 جولاءِ 1981
ٻارن کي ڳوٺ وئي ويهه کن ڏينهن ٿي ويا آهن، گهر خالي ۽ ويران آهي. ٻارن جي آواز لاءِ ڪن سڪي ويا آهن.
سڄو ڏينهن ٻاهر رهڻ کانپوءِ گهر ۾ داخل ٿبو آهي ته ٻار کلندا ڊوڙندا اچي چهٽندا آهن، هنن جي ٻاراڻن ٻولن ۽ پيارين حرڪتن ۾ اهڙو اثر هوندو آهي جو سڄي ڏينهن جا سڀ ڏک، غم ۽ ٿڪاوٽون گم ٿيو وڃن… ٻار، فطرت جون، ڪائنات جون ۽ انسانيت جون اهي نازڪ ۽ نفيس مکڙيون آهن جن جي خوشبو، هن ڌرتيءَ جو عظيم سرمايو آهي ۽ انهن جي سار سنڀال ۽ پرورش انسانن جو عظيم ۽ اولين فرض آهي.
چوندا آهن ته جنهن گهر ۾ ڪتاب نه آهي اهو گهر دوزخ آهي مان چوان ٿو ته ان سان گڏ جنهن گهر ۾ ٻار نه آهن، اهو گهر به ڪنهن ويران دوزخ کان گهٽ نه آهي ۽ ٿورو ٻيو اضافو اهو ته جنهن گهر ۾ پيار نه آهي، محبت ۽ قرب نه آهي اهو گهر به دوزخ آهي.
***
14 مئي 1981
اهو ٽن لفظن جو هڪڙو ننڍڙو سوال ته: زندگي ڇا آهي؟ ۽ ان جو جواب انهيءَ بظاهر ننڍڙي سوال جي جواب جي ڪا ئي حد مون کي نظر نٿي اچي… وسيع تر معنائن ۾ زندگي جي اپٽار، هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي، جيڪو هن ڪائنات جي شروعات يعني وجود کان وٺي اڄ تائين، لکين سالن تائين بيان ٿيندو رهيو آهي ۽ آئنده به جاري رهندو.
هيءَ ڪائنات ۽ ان ۾ حرڪت ڪندڙ زندگي، جيڪا ڪروڙين روپن ۾، جلوه گر آهي. انهن جي انداز ۾، هڪ روپ انسان جو آهي. صرف انهيءَ هڪڙي، انساني روپ جي زندگي تي نظر وجهجي ٿي ته انهيءَ هڪ زندگيءَ جا به ڪيترائي روپ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن سڀني روين جي جدا جدا اپٽار ٿيڻ گهرجي.
***

