ڊائـري جـا ورق غلام علي کوساڻي

1993-01-01

محترم شيخ اياز سنڌ جو عظيم قومي عوامي ۽ انقلابي شاعر آهي. هو هڪ انتهائي ڄاڻ ۽ علم وارو سچو صوفي دانشور آهي. اياز سائين جو مقام انتهائي بلند آهي، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي علم و ادب کي ايئن ئي اياز سائين مالا مال ڪيو آهي، جيئن اسان جي عظيم شاهه لطيف ڀٽائي، فارسي ۽ ٻين زبانن جي حملي دوران سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ تحرير ڪئي هئي، تيئن موجود دور ۾، ورهاست جي ڪري پهتل نقصان ۽ کوٽ کي محترم شيخ اياز چاليهه سال اڳ سنڌي شاعري ۽ سنڌي علم و ادب کي اهڙا ته عوامي انقلابي رخ ڏنا، اهڙا ته ٻيجارا ڇٽيا جنهن مان باغ ۽ بستان کڙي پيا آهن. اياز سنڌي شاعري کي، نئون ترقي پسند لباس پارائي سچ ۽ حق سان ڳنڍي ادب کي مالا مال ڪيو آهي. اياز جا نثر ۽ نظم جا هن وقت تائين 50 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ اٽڪل ڏهه پندرنهن ڪتاب ڇپائي لاءِ تيار آهن. هيڏو وڏو تعداد ڪتابن جو ۽ اهو به انتهائي معياري، قومي ۽ بين الاقوامي پائي جو ادب آهي. برصغير ۾ اياز جهڙو ۽ هن جيڏي قد بت جيڏو ٻيو ڪو شاعر موجود ڪونهي. محترم اياز جي باري ۾ مٿي ڄاڻايل حقيقت سان هرڪو متفق آهي. هر ماڻهو اياز کي مڃي ٿو، هن جي حيثيت کي هرڪو تسليم ٿو ڪري، انهيءَ سڀ هوندي به اياز سائين کي حڪومت ۽ ادارا اهو مقام ۽ اها اهميت نٿا ڏين جنهن جو هو مستحق آهي. خاص طور تي حڪومت ۽ ادارن جو فرض آهي ته اياز سائين جي طبيعت ۽ بيماري جو مڪمل علاج وغيره جو خاص خيال ۽ انتظام ڪن ۽ اياز جي شاعري جي شاندار ذخيرن کي ترجمو ڪري ٻين زبانن تائين پهچايو وڃي.

***

1993-01-17

* هر ماڻهوءَ کي پنهنجي هڪ مخصوص خوشبوءِ ٿئي ٿي جا هن جي ماءُ، هن جي زال، هن جا ٻار ۽ هن جو ڪتو هڪدم سڃاڻي وٺن ٿا.

* منهنجي نظر ۾ سونهن جي تخليق، سچ ۽ سائنس کان وڌيڪ پائنده آهي.                               شيخ اياز- ڪتاب: سر لوهيڙا ڳڀيا.

***

1993-02-02

محترم شيخ اياز سان ملاقات:

مان ۽ نور محمد ڪراچي وياسين، ڏينهن جو ٻارهين وڳي نڪتاسين پروگرام اهو هو ته نورو ڪئمرا ٺهرائڻ لاءِ ڏيندو ۽ اسان غلام قادر پليجو سان ملي پوءِ شيخ اياز سان ملنداسين. پروگرام مطابق واندا ٿي غلام قادر پليجو سان ملاقات ڪئي سين. جنهن ۾ هن صاحب گهڻي عزت ڏني. وڏو ماڻهو ٿي وڃڻ کانپوءِ هن پيار ۽ پاٻوهه سان آجيان ڪئي. ان کانپوءِ اسان اياز سائين کي فون ڪيو. جنهن اچڻ جي اجازت ڏني اسان اٽڪل ساڍي ستين وڳي پرنس ڪامپليڪس پهتاسين. ننڍي بيبي دروازو کوليو. اسين لائبريري ۾ ويٺاسين لائبريري ۾ ڪجهه شيشو رکيو هو شايد اياز سائين گهر ۾ ڪو ڪم ڪرائي رهيو هو. ٻن ٽن منٽن کانپوءِ سائين اندر داخل ٿيو اسان ادب ۽ احترام سان ملياسين سائين به کلي کيڪاريو ويهڻ لاءِ چوندي شيشي ڏانهن اشارو ڪندي چيائون ته: “شيشو پيو آهي ٿورو خيال رکجو.” ڳالهيون ڪندي اياز سائين چيو ته: “هاڻي بس اهو لکڻ ئي منهنجو جياپو آهي. اڪثر سڄي رات لکندو آهيان پوءِ صبح کان سڄو ڏينهن ستو پيو هوندو آهيان. رات جو پٽن ۽ زال کان لڪي لکندو آهيان ته هو ناراض ٿا ٿين منهنجي گهڻي محنت ڪرڻ تي.” اياز سائين ٻڌايو ته: “ڪيترا ڪتاب لکي تيار ڪيا اٿم شاعري ۽ نثر ۾، ۽ مان مسلسل لکي رهيو آهيان. ارادو آهي ته شاهه لطيف تي هڪ ناول لکان، ٻيو ته روس ۽ ڀارت جي دوري تي ڪتاب لکڻ جو به ارادو اٿم.” اياز سائين انهيءَ ملاقات ۾ هڪ دلچسپ ڳالهه ڪئي ته ملڪ جي هڪ وڏي وڪيل خالد اسحاق چيو ته: “اياز تون اڄ اتي پهتو آهين جتي مان پنجاهه سال اڳي بيٺل هئس.” اياز چيو، “ته مون جواب ڏنو ته تون هڪ ئي جاءِ تي بيٺل آهين جڏهن ته مان پنجاهه سالن ۾ سڄي ڪائنات جو مشاهدو ماڻي پوءِ وري هتي پهتو آهيان ان ڪري مان وڌيڪ ڄاڻ ۽ مشاهدو رکان ٿو.”

***

1993-03-20

محترم سائين شيخ اياز جو نئون ڪتاب “سر لوهيڙا ڳڀيا” پڙهيم اياز اڃان وڌ اڳتي ۽ اوچو نظر آيو. تئان مٿي عظمت جي آسمانن تي محو پرواز نظر آيو. اياز نون جديد ۽ بدلجندڙ حالتن ۽ نون نظرين سان ليس سچ حق ۽ سونهن جو شاهڪار نظر آيو. اياز هاڻ مزاحمتي ادب ۽ شاعري کي ايڏي اهميت نٿو ڏي، هو ٿو چوي ته مزاحمتي ادب عارضي ادب آهي، هڪ مخصوص دور ۽ وقت لاءِ هوندو آهي ۽ بس جڏهن ته دائميت، اصليت ۽ اهميت صرف ڪائنات، ڌرتي جي سونهن، انسان ۽ پيار کي آهي. اهي شيون مستقل آهن. ظلم جي مخالفت، آزادي امن، سچ ۽ حق جي حاصلات، اهي به اهميت لائق آهن.

سچ ته اياز هيل به ڏاڍو متاثر ڪيو، بلڪه حيران ڪيو. نثري نظمن ۽ آزاد نظمن تي مبني هي ڪتاب، جديد علم ادب جي جديد خيالن ۽ نظرين جي کاڻ آهي، خزانو آهي.

***

1993-08-16

نور محمد، علمي ادبي سوچ وارو، مخلص وطن دوست ماڻهو آهي. نور محمد کي ننڍپڻ کان ڪتاب پڙهڻ جو جنون هوندو هو، ان ئي شوق هن ۾ علم ادب ۽ ڏاهپ پيدا ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ تلهار جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾، سوين نوجوانن ۾ قومي علمي ادبي ۽ انقلابي جذبا پيدا ڪيا جو تلهار ۾ سائين جي ايم سيد، محترم حيدر بخش جتوئي، جناب رسول بخش پليجو، حميد سنڌي، نياز همايوني، علي بابا ۽ ڪيترا عالم اديب شاعر ۽ رهنما آيا. حيدرآباد ۾ به اسان کي نور محمد ڪتاب پڙهايا ۽ ان طرف آندو. اڃان تائين نور محمد جي دوستي سنڌ جي چوٽيءَ جي دانشورن، عالم، اديبن ۽ شاعرن سان آهي، ڪيترن رهنمائن سان هن جو ذاتي تعلق آهي. محترم ابراهيم جويو، مراد علي مرزا، شيخ اياز، ع. ق شيخ، ولي رام ولڀ، طارق اشرف، غلام نبي مغل ۽ ٻين به ڪيترن سان هن جو تعلق آهي.

***

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments